Saturday 24 December 2011

سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ جو سوچيون پيا:ڊاڪٽر عاصم


ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان  24 ڪلاڪن تائين صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي گئس جي فراهمي بند رهندي، جڏهن ته پيٽروليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته گهريلو صارفين کي گئس جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سوئي سدرن گئس ڪمپني سردي جي موسم ۾ گئس لوڊ مئنيجمينٽ شيڊيول تي عملدرآمد ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي هفتيوار بندش واري فيصلي تحت اڄ آچر جي صبح نائين وڳي کان سومر جي صبح نائين وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رکندي. هوڏانهن پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسن ڪالهه هتي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، گهريلو صارفين کي گئس جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گئس جي طلب ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن سبب گهربل طلب موجود ناهي. هن چيو ته هن وقت به صارفين کي گئس جو پريشر گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند ڪري مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو

ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي جو 8 لک 90 هزار رپيا ماهوار پئڪيج!


ڪراچي :: سنڌ حڪومت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين شاهه کي ڏنل ماهوار مالي پئڪيج کي 6 لک رپين مان وڌائي 8 لک 90 هزار رپين تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي منظوريءَ سان سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي وڌائي مالي سهولتون ڏيڻ جو 7 ڊسمبر 2011ع تي نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد جي 20هين گريڊ جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل رٽائر جنرل سيد افتخار حسين شاهه 22 هين گريڊ جي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن سميت سڀني کان وڌيڪ مالي سهولتون حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازم بڻجي ويو آهي نه صرف ايترو پر تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪانٽريڪٽي بنياد تي ڀرتي ٿيل ڪنهن به آفيسر کي ايڏو وڏو مالي پئڪيج ناهي مليو.

چيف جسٽس طرفان خاص عدالتن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر


ڪراچي (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن توڙي پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بهتر نموني عملدرآمد ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهر ۾ امن امان بحال ٿيو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ٻين ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جون رونقون ۽ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي سگهيون آهن، چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل  خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت ڪندي سندن خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جهڙا معمولي ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته اهڙي رعايت قانون جي خلاف آهي،

بنون ويجهو اسڪائوٽ مرڪز تي آپگهاتي حملو، 9 ايف سي اهلڪار شهيد،چيڪ پوسٽ تباهه


پشاور:: ٻنون ويجهو ميران شاهه روڊ تي ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪارشهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، سرڪاري ذريعن توڙي اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح جو سوير 5 لڳي 36 منٽن تي ڪار سوار آپگهاتي حملي آور ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي حملو ڪيو ۽ گاڏي گيٽ وٽ قائم چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، آپگهاتي حملي سبب ايف سي جي چيڪ پوسٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ انتهائي زوردار ڌماڪو ٿيو، آپگهاتي حملي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي مڪمل طور تي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ امدادي سرگرميون شروع ڪيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب آپگهاتي حملي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ ٻنون منتقل ڪيو ويو، مقامي ماڻهن موجب آپگهاتي حملي بعد ڪجهه منٽن تائين فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو، هوڏانهن ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو علائقي ۾ ڪيترن ئي گهرن جا دروازا ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب آپگهاتي حملي ۾ 200 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، هوڏانهن آپگهاتي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان قبول ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پشاور جي ارمڙ واري علائقي ۾ رانديڪي ۾نصب ڪيل بم ڦاٽڻ جي  نتيجي ۾ 13 سالن جو نينگر مارجي ويو.

پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، همدرديون تحريڪ انصاف سان آهن: اعتزاز



لاهور(مانيٽرنگ ڊسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، منهنجون دعائون ۽ همدرديون تحريڪ انصاف سان گڏ آهن، لاهور ۾ قائداعظم ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته تحريڪ انصاف کي  ٽين قوت مڃون ٿا،  اها پهرين يا ٻي قوت بڻجي سگهي ٿي، هن چيو ته  جاويد هاشمي سٺو سياستدان آهي، هن پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جهڪڻ يا وڪامڻ وارو ناهي، جاويد هاشمي ليگ (ن ) کي حڪومت ۾ رهندي ئي ڇڏيو آهي، اعتزاز احسن چيو ته عدليه جي تصديق ۽ توثيق کانسواءِ مارشلا نه ٿي لڳي سگهي، هن چيو ته خدا ڪري 27 ڊسمبر به خيريت سان گذري وڃ

جاويد هاشمي تحريڪ انصاف ۾ شامل، نواز ليگ ڪارڪنن جون منٿون، اوڇنگارون، ڌرڻو

ڪراچي /لاهور(رپورٽ: مجيد عباسي/ضياءُ قريشي امداد سوڍر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي مسلم ليگ (ن) کي خير آبادي چوندي. تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست جو به چيمپئين آهي، نواز ليگ سان منهنجي ڪا به ڪاوڙ نه آهي، پر تحريڪ انصاف ۾ ويهي حق جي جنگ جي وڙهندس. هن چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي جي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پاڪستان ۾ ڪير به محفوظ نه آهي، اسان پاڪستان کي محفوظ بڻائينداسين ۽ ان مقصد لاءِ ملڪ جو عوام هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي،

صدر جو بينظير جي ورسي تي خطاب آخري نه هوندو، نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي آهي: بابر اعواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر اعواڻ مطالبو ڪيو آهي، ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف پاران وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي بغاوت جو الزام هڻڻ جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به غدار نه آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي وئي آهي، هو تحريڪ انصاف ۾ نواز ليگ گروپ ٺاهيندو، هن چيو ته مونکي ڀلي هٿڪڙيون هنيون وڃن، پر شهيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ انصاف خاطر پوئتي نه هٽندس ۽ مقابلو ڪنداسين، اسان به قرباني ڏيون پيا، منهنجا 2 پٽ به قرباني لاءِ تيار آهن. هن اهي ڳالهيون مقامي هوٽل ۾ بين الصوبائي کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي ميزباني ۾ ”شهيد بينظير ڀٽو چئني صوبن ۾ اتحاد جي علامت“ جي عنوان تي سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ لطيف مغل، ڊائريڪٽر انفارميشن ياسمين ميمڻ، عورت فائونڊيشن جي ربينا بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال نئين ڪنگ پارٽي ٺهندي آهي.