Thursday 22 December 2011

”پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ناهي ڏني“:سنڌ حڪومت جي هاءِ ڪورٽ کي خاطري

ڪراچي :: سنڌ هاءِ ڪورٽ  تحريڪ انصاف کي مزار قائد جي احاطي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ بابت يقين ڏيارڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس امام بخش بلوچ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪالهه ڪراچي جي شهري بهادر علي ۽ ٻين پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سنڌ سرڪار جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدنان ڪريم ميمڻ ٻڌايو ته مزار قائد جا انتظام مئنيجمينٽ بورڊ هلائي رهيو آهي ۽ اهڙو بورڊ وفاقي سرڪار جي ماتحت آهي جنهن ڪري سنڌ سرڪار ڪنهن کي مزار جي احاطي ۾ جلسي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي جڏهن ته ان موقعي تي مزار قائد مئنيجمينٽ بورڊ پاران عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته مزار قائد جي رولز موجب ڪنهن به سياسي پارٽي کي احاطي ۾ جلسو يا ميڙ ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جڏهن ته 25 ڊسمبر تي قائداعظم جو جنم ڏينهن پڻ آهي ۽ ان ڏينهن تي شهرين جو وڏو تعداد مزار قائد تي حاضري ڀري قرآن خواني پڻ ڪندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سياسي جلسو سالگرهه تقريبن ۾رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. جنهن بعد عدالت سنڌ سرڪار ۽ مئنيجمينٽ بورڊ جي موقف کي رڪارڊ تي رکندي درخواست اڪلائي ڇڏي. هوڏانهن هڪ خابرو اداري مطابق تحريڪ انصاف لائير ونگ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف کي اڳواٽ ئي مزار قائد تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي روڪڻ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو

No comments:

Post a Comment