Friday 23 December 2011

ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 رڪارڊ، بازارون ويران، پاڻي جا پائيپ ڦاٽي پيا


ڪوئيٽا(رپورٽ :علي گراماڻي)ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شديد لهر، سردي ڪاٽو 10 کان ڪاٽو 12 رڪارڊ، پاڻيءَ جا پائيپ لائين ڦاٽي پيا، بازارون ۽ روڊ رستا ويران، گرم ڪپڙن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، لنڊا بازار ۾ ماڻهن جي رش، سخت سرديءَ بيمارين منهن ڪڍيو، اسپتالن ۾ مريضن جي رش، روڊن، رستن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي توڙي پائيپن اندر پاڻي ڄمي ويو، گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي سبب شهر واسي سخت مشڪلاتن جو شڪار، ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي موسميات کاتي پاران سردي مائينس 10 کان مائينس 12 تائين رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٿڌيون هوائون گهلڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي جنهن سبب ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت شهرن جون اڪثر بازارون توڙي روڊ رستا ويران ٿي ويا آهن اڪثر شهر واسي سخت سرديءَ سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
سخت سرديءَ جي آيل تازي لهر سبب گرم ڪپڙن جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن سبب لنڊا بازار ۾ ماڻهن جي رش ۾ اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته لنڊا بازار ۾ به ماڻهو مهانگائيءَ جون دانهون ڪرڻ لڳا جتي پڻ جيڪيٽس، سوئيٽرن، مفلر جورابن ۽ ٽوپين سميت سمورن گرم ڪپڙن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن جنهن سبب لنڊا بازار مان به غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خريداري مشڪل بڻجي وئي آهي جڏهن ته سخت سرديءَ سبب نزلا، زڪام، کنگهه ۽ سيني جي بيمارين سميت مختلف موسمي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته روڊ، رستن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻيءَ سميت پائيپن اندر بيٺل پاڻي پڻ ڄمي برف ٿي ويوآهي، سخت سرديءَ سبب پاڻيءَ جا پائيپ لائين پڻ ڦاٽي پيا، ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب روڊن رستن تي بيٺل سمورا وڻ، گل ۽ ٻوٽا سڪي ويا جڏهن ته سخت سرديءَ جي هن موسم ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي سبب شهر واسي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن.گئس نه هجڻ سبب گهرن جا ڪمرا پڻ ٿڌا ٿي ويا جتي گهرن اندر بزرگ ۽ ٻار ٿڌ سبب مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس ۾ پريشر جي گهٽتائي خلاف ڪوئيٽا سميت اڪثر شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ بلاڪ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment