Friday 23 December 2011

جنرل پاشا آخر ڪنهن جي اجازت سان لنڊن ويو؟: عاصمه جهانگير



اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حسين حقاني جي وڪيل عاصمه جهانگير چيو آهي ته نوازشريف جي درخواست جي اڃا ٻڌڻي جوڳي حيثيت ئي ناهي ته پوءِ ميمو معاملي تي ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته نوازشريف حسين حقاني خلاف عدالت ۾ آيو آهي، جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو اچي ها ته ان جي درخواست ٻڌي نه وڃي ها، هن چيو ته حسين حقاني هڪ سرڪاري عهدي تي هو، ان خلاف جاچ لاءِ آءِ ايس آءِ سربراهه لنڊن پهچي ويو پر نه پرڏيهي آفيس کي ٻڌايو ويو نه ئي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو، اها به حيرانگي واري ڳالهه آهي ته آءِ ايس آءِ تي تنقيد ڪندڙ منصور اعجاز آءِ ايس آءِ چيف جي هڪ فون تي ملڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جو رابطو ڪيئن ٿيو؟، عاصمه جهانگير چيو ته اهو به ٻڌايو وڃي ته ميمو جو پتو ڪٿان پيو، ڪنهن ڏنو، مان سمجهان ٿي ته هڪ سازش تحت ان معاملي کي وڌايو ويو، هن چيو ته ميڊيا ۽ ايجنسين پاران سخت تنقيد ڪرڻ ۽ معاملي کي اڀارڻ بعد حسين حقاني کي استعيفا ڏيڻي پئجي وئي، هڪ سوال جي جواب ۾ عاصمه جهانگير چيو ته اسان انڪوائري کان انڪار ناهي ڪيو پر اها انڪوائري مناسب طريقيڪارسان ٿيڻ گهرجي، اڻ برابري قبول نه هوندي، هن چيو ته جڏهن استعيفا وٺڻ وارا ويٺا هجن ته وزيراعظم ڇا ڪري، هڪ طرف استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪندڙ جي حق ۾ تحريڪ هلي ته ٻئي طرف استعيفا ورتي وئي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جوخيال آهي ته حسين حقاني کي خطرو موجود آهي ۽ مٿس دٻاءُ وجهي پنهنجو مقصد ماڻڻ جي لاءِ حسين حقاني کي واعده معاف گواهه بڻائي جمهوريت کي پٽڙي تان هٽايو ويندو، ان سوال ته ڇا آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جا تحريري بيان غلط ثابت ٿين ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ جنهن تي عاصمه جهانگير چيو ته ڪارروائي ته پري جي ڳالهه آهي پر ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ به ڪو پيدا ناهي ٿيو.

No comments:

Post a Comment