Saturday 24 December 2011

مارچ ۾ افواهن واري مهم ختم ٿي ويندي، عدليه ۽ آرمي چيف جي بيانن سان ضرور بهتري ايندي: وزيراعظم



اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مارچ ۾ افواهن واري موسم ختم ٿي ويندي، آرمي چيف جي وضاحت کي جمهوري حلقن ۾ انتهائي بهتر انداز ۾ ڏٺو ويو آهي، عدليه پاران جمهوريت جي حق ۾ بيان آيو آهي، انهي سان ضرور بهتري ايندي، جمهوريت کي بار بار ختم نٿو ڪري سگهجي، فوج سان گڏجي هلي رهيا آهيون،  جمهوري حڪومت قائداعظم جي بصيرت جي روشني ۾  روشن خيال، ترقي پسند، تحمل ۽ برداشت واري پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهي، عمران خان وٽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ تجويزون آهن ته اسان کي پيش ڪري،نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا سان لاڳاپا پارليامينٽ طئي ڪندي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرسمس جي حوالي سان فاطمه چرچ ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي حمايت ۾ عدليه ۽ فوج پاران مثبت رايا آهن، ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي آهي،
جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين جمهوريت جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته افواهن واري موسم مارچ ۾ ختم ٿي ويندي، وزيراعظم چيو ته گذريل چئن سالن دوران دهشتگردي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ ڪشمير سميت مختلف معاملن تي فوجي ۽ سول قيادت ٻئي هڪجهڙي سوچ رکن ٿا، ميمو معاملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان لڪي ڪو به ڪم نه ڪنداسين، جيڪي ڪجهه هوندو اهو سڀني جي سامهون آندو ويندو. عوام ئي اصل طاقت آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت واري سوال تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آئون جاويد هاشمي سياست جو اهم ٿنبو آهي، هو جتي به ويو  ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، ملڪ ۾ گئس جي بحران جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيوته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته عوام کي تڪليف نه ٿئي ۽ اهي اسان جي خلاف نعرا نه هڻن، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت کي اڳ ۾ ئي هدايت ڪري چڪو آهيان ته ان ڏس ۾ ضروري قدم کنيا وڃن پر اصل ڳالهه گئس جي دستيابي جي آهي، حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن عوام جي مشڪلاتن کي گهٽائي سگهجي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ عمران خان وٽ ڪي تجويزون آهن ته اهو حڪومت کي ڏي ته جيئن صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي، هن چيو ته 18 هين ترميم آئين مطابق منظور ڪئي وئي ۽ ان جي منظوري کان اڳ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ڀرپور بحث ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اقليتن جو خيال رکيو ويندو آهي، قومي هم آهنگي واري وزارت پاڪستان ۾ اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندي رهندي، نيٽو سپلائي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڪابينا جي دفاعي ڪميٽي متفقه طور تي نيٽو جي سپلائي بند ڪرڻ، شمسي ايئربيس خالي ڪرائڻ ۽ بون ڪانفرنس جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو هو، اها ڪميٽي مستقبل ۾ نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون تيار ڪري رهي آهي، اهي سفارشون حتمي فيصلي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، هر شيءَ پارليامينٽ ۾ طئي ٿيندي، ڪرن سومرو جي علاج جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته ان جي علاج لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندس، دفاع واري سيڪريٽري جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اسان موقف ٻڌڻ کانسواءِ ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي ناهيون ڪندا.

No comments:

Post a Comment