Thursday 22 December 2011

آرمي چيف ميمو مامري تي پنهنجي موقف تي قائم،جاچ ٿيڻ گهرجي:جنرل ڪياني



اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ميمو ڪيس جي سلسلي ۾آرمي چيف، نوازشريف، وفاق، بئريسٽر ظفر الله جواب الجواب داخل ڪرائي ڇڏيا آهن، سپريم ڪورٽ جي ذريعن موجب نوازشريف عدالت ۾ جواب الجواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته منهنجي درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي، ڇو ته ميمو جي معاملي تي بنيادي حق متاثر ٿيا آهن، ميمو سبب ملڪ جي سالميت متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته معلومات تائين رسائي جو حق به آئين تسليم ڪيو آهي ۽ ميمو جي معاملي جي ڇنڊڇاڻ تي قوم کي ڄاڻ ڏني وڃي، نوازشريف موجب ميڊيا جون رپورٽون آهن ته حسين حقاني قومي دولت جي خرد برد ۾ ملوث رهيو آهي، اهڙو ماڻهو اهم حڪومتي عهدي بدران جيل ۾ هجڻ گهرجي، وفاق پاران جواب الجواب ۾ چيو ويو آهي ته ميمو خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳيون ناهن، حسين حقاني تي الزام مفروضن تي ٻڌل آهن، حسين حقاني الزامن کي رد ڪيو آهي ۽ آمريڪي جونز به ان کي رد ڪيو آهي، بئريسٽر ظفر الله پڻ جواب ۾ موقف کي ورجايو آهي ته ميمو قومي معاملو آهي، ان کي وائکو ٿيڻ گهرجي، آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني حلفيه بيان جمع ڪرايو آهي ۽ ان ۾ پهريان جمع ڪرايل جواب کي ورجائيندي چيو آهي ته هن وقت تائين ٿيندڙ جاچ هڪ حقيقت آهي، حسين حقاني ۽ منصور اعجاز جي وچ ۾ ايس ايم ايس جي ڏي وٺ ٿي آهي، ميو سان قومي سلامتي تي اثر پيو آهي، جڏهن ته سرحدن تي ڪم ڪندڙ جوانن جي مورال تي به اثر پيو آهي، جواب موجب 8 نومبر تي ايڊمرل مولن پهريان ميمو کان انڪار ڪيو، ان بعد تصديق ڪئي، آءِ ايس آءِ سربراهه موجب ميمو جا ثبوت موجود آهن، جنرل ڪياني موجب ميمو متعلق صدر ۽ وزيراعظم سان 15 نومبر تي ملاقات ڪئي ۽ حسين حقاني کي آمريڪا کان سڏائڻ جو فيصلو ڪيو، جواب موجب ميمو موڪلي فوج ۽ قومي سلامتي جي خلاف ورزي ڪئي وئي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن ڪالهه سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي فيصلي جي روشني ۾ چيف آف آرمي اسٽاف طرفان پاڪ فوج جي جيڪ برانچ جي نمائندن اٽارني جنرل مولوي انوارالحق سان ملاقات بعد حلفيه بيان ۽ جواب جو جواب رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرايو، حلفيه بيان ۾ چيف آف آرمي اسٽاف اشفاق پرويز ڪياني چيو آهي ته سندس علم ۾ ميمو اسڪينڊل بابت جيڪي حقيقتون آهن هن اهي سپريم ڪورٽ کي بيان ڪري ڇڏيون آهن،ميمو جي ذريعي پاڪ فوج جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جيڪا پهريان ئي دهشتگردن خلاف جنگ ڪري رهي آهي، نه صرف اهو پر ميمو هڪ حقيقت آهي، ان بابت آءِ ايس آءِ سربراهه شجاع پاشا 24 آڪٽوبر واري ملاقات ۾ مون کي مڪمل طور آگاهه ڪيو، ان جي ڳالهين ۽ سندس جمع ڪرايل شاهدين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميمو واقعي لکيو ويو هو پر ان جي ته تصديق جيمز جونز به ڪئي آهي ته هن ميمو مائيڪ مولن کي اماڻيو هو، ميمو جي حقيقت هڪ طئي ٿيل حڪم آهي. ان جي جاچ ٿيڻ کپي ته جيئن سڀئي حقيقتون سامهون آڻي سگهجن. هن حلفيه بيان ۾ به قرار ڏنو آهي ته منهنجي خيال ۾ ميمو ملڪ ۽ فوج خلاف سازش آهي ۽ اها سڌو سنئون قومي سلامتي سان منسلڪ آهي. پاڪ فوج جو مورال پست نٿو ڪري سگهجي،  اسان جا حوصلا تمام بلند آهن. اسان جي گهڻن نوجوان آفيسرن ۽ سپاهين ملڪ خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. پاڪ فوج وطن جي حفاظت لاءِ هر قسم جي خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. آرمي چيف جواب ۾ ميمو معاملي تي وزيراعظم سان ملاقات جي باري ۾ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته 13 نومبر تي مون وزيراعظم کي معاملي جي سنجيدگي ۽ حساسيت جي باري ۾ ٻڌائيندي سڄي مسئلي جي جاچ ڪرڻ جو چيو جنهن جي نتيجي ۾ 15 نومبر تي صدر سان ملاقات ٿي، وزيراعظم صدر کي پهريان ئي منهنجي تحفظات بابت آگاهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري صدر چيو ته حسين حقاني کي واپس گهرايو ويندو، 16 نومبر تي صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقات بعد حسين حقاني کي فورن اسلام آباد پهچڻ جو چيو ويو، 22 نومبر تي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، آءِ ايس آءِ سربراهه، حسين حقاني ۽ آئون شريڪ ٿيس، ان ملاقات ۾ وزيراعظم حسين حقاني کان استعيفا ورتي. حلفيه بيان ۾ آرمي چيف واضح لکيو آهي ته منهنجي علم ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو مون سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي، ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ مون ڪا به ڳالهه سپريم ڪورٽ کان ناهي لڪائي. ان لاءِ عدالت کي استدعا آهي ته معاملي جي جاچ ڪري

No comments:

Post a Comment