Thursday 22 December 2011

حڪومت خلاف ڪجهه به نه پيو ٿئي، اڳڪٿيون ڪندڙ واري جو انتظار ڪن:رحمان ملڪ


ڪراچي (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته حڪومت ۾ شامل اتحادي متحد ۽ منظم آهن حڪومت 5 سال پورا ڪندي ۽ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. حڪومت جي وڃڻ بابت اڳڪٿيون ڪندڙ پنهنجي واري جو انتظار ڪن. گاڏين توڙي گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ گئس سلينڊر ٺاهڻ وارين سمورين ڪمپنين بابت تفصيل گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رحمان ملڪ ڪالهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر، گهرو کاتي جي سيڪريٽري خواجا صديق اڪبر، ڊي جي ايف آءِ اي تحسين شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته گئس سلينڊر ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پر ان ۾ ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو، مسافر گاڏين ۾ سلينڊر ڌماڪن ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي گهرجي ته اهي ٿاڻن تي اچي رپورٽ داخل ڪرائين ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايل سلينڊر ٺاهيندڙ ڪمپني ۽ ان جي مالڪ کي نامزد ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ روزانو گهرن اندر توڙي گاڏين ۾ گئس سلينڊر ڦاٽي رهيا آهن جن ۾ روزانو ٽي چار انساني حياتيون اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته گاڏين ۾ ڦاٽندڙ گئس سلينڊرن جي ڪمپنين بابت تفصيل گڏ ڪري ۽ غيرمعياري سلينڊر ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته مزارن تان ماڻهو کڻي سيڪيورٽي گارڊ ڀرتي ڪرڻ وارو سلسلو هاڻي نه هلندو. بئنڪن ۾ ڌاڙي جي صورت ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي ملوث هجڻ جي شاهدي ملي ته ڄاڻايل سيڪيورٽي ڪمپني جو لائسنس رد ڪري چيف سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڪمپنيءَ جي مالڪ کي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته بئنڪن ۾ ڌاڙن جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ قانون کاتي جي وفاقي جوائنٽ سيڪريٽري خوش دل خان جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي جنهن ۾ بئنڪنگ ڪائونسل جا 4 نمائندا ۽ چئني صوبائي ۽ گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا هوم سيڪريٽري شامل هوندا. هن چيو ته سنڌ ۾ تازو ٿيندڙ بئنڪ ڌاڙن جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڊائريڪٽر نيشنل پوليس ڪائونسل وسيم ڪوثر جي سربراهيءَ ۾ پڻ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، رحمان ملڪ چيو ته ڪنهن به اهڙي سيڪيورٽي ايجنسي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي جنهن وٽ تربيت يافته سيڪيورٽي گارڊ نه هوندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته وفاقي سطح تي جوڙيل ڪاميٽي 3 هفتن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جنهن بعد بئنڪن  جي سيڪيورٽي جي انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته بئنڪن ۾ ڌاڙن ۾ طالبان ۽ پابندي مڙهيل تنظيمون ملوث آهن ۽ انهن خلاف اپاءُ ورتا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته ميڊيا کي به اپيل ٿو ڪريان ته افواهن تي ڌيان نه ڏئي، پ پ ۽ اتحادي متحد ۽ منظم آهن ۽ عوام پاران مليل پنجن سالن واري مدت حڪومت پوري ڪندي ۽ چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ حڪومت خلاف ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي

No comments:

Post a Comment