Friday 23 December 2011

مارشل لا کي اسان روڪينداسين، ڪرپٽ حاڪمن جو ساٿ نه ڏبو:راڻا ثناءُالله


لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) سويلين بالادستي لاءِ ته هر ڪنهن جو ساٿ ڏيندي پر ڪرپٽ حڪمرانن جي تحفظ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پنهنجي چوري پڪڙجڻ بعد وزيراعظم ٻين کي انهن جون چوريون ياد ڏياري رهيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ته گهڻو وقت اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪري، ايبٽ آباد واقعي بعد جڏهن اسان بااختيار ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو ته ان وقت وزيراعظم چيو ته اسان ادارن کي بدنام ڪري رهيا آهيون ۽ صدر به اسان مٿان اهڙا ئي الزام هنيا پر هاڻي جڏهن حڪومت مٿان وزن پيو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ان سوال ته ڇا مسلم ليگ (ن) سويلين ادارن جي بالادستي جي سلسلي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اسان بلڪل ساٿ ڏينداسون، ان لاءِ هر اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن سان ادارن جي بالادستي، قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿئي
پر اسان ڪرپٽ حڪومت ۽ حڪمرانن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، انهن خلاف اسان هر قدم کڻندا رهنداسين، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته اها پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي ۽ ادارن کي مهرو بڻائي استعمال ڪري، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جي اقتدار ۾ اچڻ جا ڪي به امڪان ناهن نه ئي اسان ڪنهن کي غيرآئيني قدم کڻڻ ڏينداسون، اڄ سپريم ڪورٽ ۽ ميڊيا آزاد آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نواز شريف آئين جو محافط آهي، ان ڪري ڪنهن کي به غيرآئيني قدم کڻڻ نه ڏنو ويندو، مارشل لا کي اسان پاڻ روڪينداسون، هن چيو ته جمهوريت کي ميمو گيٽ اسڪينڊل، سپريم ڪورٽ يا ميڊيا مان ڪو به خطرو ناهي، جمهوريت کي صرف ۽ صرف حڪمرانن جي ڪرپشن، ناقص حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کان خطرو آهي، جيڪا جمهوريت خلاف گندي راند کيڏي هڪ پارٽي جا ماڻهو ٽوڙي ٻي ۾ شامل ڪرائي رهي آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو اسٽيبلشمينٽ مخالف نوازشريف آهي، مسلم ليگ (ق) کي اسٽيبلشمينٽ ٺاهيو، هاڻي اهو سمورو گند ڪچرو تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment