ياد ٿئي رات ڪاري ائين انڌاري، تون ۽ مان
ميم شب جي اشڪباري آ هزاري، تون ۽ مان
انتظاري بيڪراري رات ساري، تون ۽ مان
ٻي به ٿئي ساري خبر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو


ياد ٿئي ڪنهن جاء تي تنهنجو هجڻ ۽ منهنجو اچڻ
غور سان ۽ شوق سان تنهنجو ڏسڻ ۽ منهنجو تڪڻ
هاء هاء نظرن سان نظرن جو ملڻ، ٿورو کلڻ
راهه ويندي ڪنهن مسافر کي وٺي قيدي ڪرڻ
ڪين هو واجب مگر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو

ياد ٿئي رات روشن، سبز باغ ۽ آب جو
هڪ ته هئي ڪوئل جي ڪو ڪو ٻي اسان جي گفتگو
ٽيون وري تون روبرو اي خوب رو اي نيڪ خو
رات ٿي وئي رفعو پر گهٽ نه ٿي ڪا آرزو
اڄ به شاهد آ قمر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو