روح کي ول جيئان وڪوڙيو ٿي
جيءَ سان جيءَ ڇا ته جوڙيو ٿي

هائي ميهار بانسري تنهنجي
ايترا سڏ جو اڄ ته ٻوڙيو ٿي

چوڙيون چنڊ جيان ٽٽيون آهن
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿي

پيار کان ڪو نه ٿو مڙين اڄ به
ڪيترو اي اياز لوڙيو ٿي