Friday 23 December 2011

ملڪه ترنم نورجهان جي اڄ 11هين ورسي



ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) ملڪه ترنم جو خطاب ماڻيندڙ گلوڪاره نورجهان جي وڇوڙي کي اڄ 11 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اڄ 11هين ورسي ملهائي ويندي ۽ نورجهان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ملڪ جي ناليواري گلوڪاره نورجهان گلوڪاري کان پهريان فلمن ۾ اداڪاري کان فني سفر جي شروعات ڪئي، ان وقت هن جي عمر 9 سال هئي، هن پهرين فلم ”پنڊ دي ڪڙي“ ۾ فن جا جوهر ڏيکاريا. نورجهان جو اصل نالو الله وسائي هو، پيءُ جو نالو مدد علي هئس. صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪاره، گلوڪاره نورجهان اردو ۽  پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته هن سنڌي گيت به ڳايا، هن هدايتڪار سيد شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي. ان کان طلاق وٺڻ کانپوءِ هن اعجاز حسين سان شادي ڪئي. هن کي 2 پٽ ۽ 4 ڌيئرن جو اولاد ٿيو. پاڻ آخري ڏهاڙن ۾ تمام گهڻو بيمار  رهڻ لڳي، ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪوبه فرق نه آيو ۽ 23 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪري وئي. سندس آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي

No comments:

Post a Comment