Thursday 22 December 2011

ٽن صوبن ڪالاباغ ڊيم کي ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي:قائم علي شاهه



ڪراچي ::سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم جي ضرورت ناهي ۽ 3 صوبن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ ان کي ملڪي آبپاشي سرشتي ۽ ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي. هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب سڄي دنيا ۾ اهو چيو پيو وڃي ته وڏن ڊيمن بدران ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ 13-هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي 77 رڪني وفد سان ملاقات ۾ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته غربت جو خاتمو صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جون رٿائون اسان جي اوليتن ۾ شامل آهن. هن چيو ته تازي برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ هن وقت به 4 سئو کان وڌيڪ پمپنگ مشينون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڏاکڻي سنڌ ۾ آبپاشي سرشتو پاڻي جي فطري لنگهن تي قبضن سبب خراب ٿيو آهي پر انهن قبضن کي ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي سولائيءَ سان سمنڊ تائين هليو وڃي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت ڪوئلي کي صوبائي معاملو قرار ڏنو آهي ٿر جي ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار جون ڪيتريون ئي رٿائون هلي رهيون آهن. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ يو اين ايڇ سي آر ڪنٽري نمائندي نيل رائيٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهگيرن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 30 لکن کان وڌيڪ پناهگير آهن جن مان 2 لک افغان پناهگير سنڌ ۾  آهن جن جي سارسنڀال سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. اهي پناهگير گهڻي ڀاڱي ڪراچي ۽ ان جي چوڌاري ڪئمپن ۾ ترسيل آهن ۽ وفاقي سرڪار ان ڏس ۾ وڌ کان وڌ امداد فراهم ڪري رهي آهي. يو اين ايڇ سي آر (پناهگيرن بابت گڏيل قومن جو ادارو) جي نمائندي خاطري ڏياري ته افغان پناهگيرن جي مسئلن جو تدارڪ ڪيو ويندو ۽ افغان پناهگير ڊسمبر 2012ع جي پڇاڙيءَ تائين پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا

No comments:

Post a Comment