Saturday 24 December 2011

سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ جو سوچيون پيا:ڊاڪٽر عاصم


ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان  24 ڪلاڪن تائين صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي گئس جي فراهمي بند رهندي، جڏهن ته پيٽروليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته گهريلو صارفين کي گئس جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سوئي سدرن گئس ڪمپني سردي جي موسم ۾ گئس لوڊ مئنيجمينٽ شيڊيول تي عملدرآمد ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي هفتيوار بندش واري فيصلي تحت اڄ آچر جي صبح نائين وڳي کان سومر جي صبح نائين وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رکندي. هوڏانهن پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسن ڪالهه هتي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، گهريلو صارفين کي گئس جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گئس جي طلب ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن سبب گهربل طلب موجود ناهي. هن چيو ته هن وقت به صارفين کي گئس جو پريشر گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند ڪري مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو

ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي جو 8 لک 90 هزار رپيا ماهوار پئڪيج!


ڪراچي :: سنڌ حڪومت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين شاهه کي ڏنل ماهوار مالي پئڪيج کي 6 لک رپين مان وڌائي 8 لک 90 هزار رپين تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي منظوريءَ سان سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي وڌائي مالي سهولتون ڏيڻ جو 7 ڊسمبر 2011ع تي نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد جي 20هين گريڊ جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل رٽائر جنرل سيد افتخار حسين شاهه 22 هين گريڊ جي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن سميت سڀني کان وڌيڪ مالي سهولتون حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازم بڻجي ويو آهي نه صرف ايترو پر تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪانٽريڪٽي بنياد تي ڀرتي ٿيل ڪنهن به آفيسر کي ايڏو وڏو مالي پئڪيج ناهي مليو.

چيف جسٽس طرفان خاص عدالتن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر


ڪراچي (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن توڙي پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بهتر نموني عملدرآمد ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهر ۾ امن امان بحال ٿيو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ٻين ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جون رونقون ۽ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي سگهيون آهن، چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل  خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت ڪندي سندن خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جهڙا معمولي ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته اهڙي رعايت قانون جي خلاف آهي،

بنون ويجهو اسڪائوٽ مرڪز تي آپگهاتي حملو، 9 ايف سي اهلڪار شهيد،چيڪ پوسٽ تباهه


پشاور:: ٻنون ويجهو ميران شاهه روڊ تي ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪارشهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، سرڪاري ذريعن توڙي اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح جو سوير 5 لڳي 36 منٽن تي ڪار سوار آپگهاتي حملي آور ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي حملو ڪيو ۽ گاڏي گيٽ وٽ قائم چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، آپگهاتي حملي سبب ايف سي جي چيڪ پوسٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ انتهائي زوردار ڌماڪو ٿيو، آپگهاتي حملي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي مڪمل طور تي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ امدادي سرگرميون شروع ڪيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب آپگهاتي حملي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ ٻنون منتقل ڪيو ويو، مقامي ماڻهن موجب آپگهاتي حملي بعد ڪجهه منٽن تائين فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو، هوڏانهن ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو علائقي ۾ ڪيترن ئي گهرن جا دروازا ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب آپگهاتي حملي ۾ 200 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، هوڏانهن آپگهاتي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان قبول ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پشاور جي ارمڙ واري علائقي ۾ رانديڪي ۾نصب ڪيل بم ڦاٽڻ جي  نتيجي ۾ 13 سالن جو نينگر مارجي ويو.

پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، همدرديون تحريڪ انصاف سان آهن: اعتزاز



لاهور(مانيٽرنگ ڊسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، منهنجون دعائون ۽ همدرديون تحريڪ انصاف سان گڏ آهن، لاهور ۾ قائداعظم ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته تحريڪ انصاف کي  ٽين قوت مڃون ٿا،  اها پهرين يا ٻي قوت بڻجي سگهي ٿي، هن چيو ته  جاويد هاشمي سٺو سياستدان آهي، هن پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جهڪڻ يا وڪامڻ وارو ناهي، جاويد هاشمي ليگ (ن ) کي حڪومت ۾ رهندي ئي ڇڏيو آهي، اعتزاز احسن چيو ته عدليه جي تصديق ۽ توثيق کانسواءِ مارشلا نه ٿي لڳي سگهي، هن چيو ته خدا ڪري 27 ڊسمبر به خيريت سان گذري وڃ

جاويد هاشمي تحريڪ انصاف ۾ شامل، نواز ليگ ڪارڪنن جون منٿون، اوڇنگارون، ڌرڻو

ڪراچي /لاهور(رپورٽ: مجيد عباسي/ضياءُ قريشي امداد سوڍر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي مسلم ليگ (ن) کي خير آبادي چوندي. تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست جو به چيمپئين آهي، نواز ليگ سان منهنجي ڪا به ڪاوڙ نه آهي، پر تحريڪ انصاف ۾ ويهي حق جي جنگ جي وڙهندس. هن چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي جي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پاڪستان ۾ ڪير به محفوظ نه آهي، اسان پاڪستان کي محفوظ بڻائينداسين ۽ ان مقصد لاءِ ملڪ جو عوام هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي،

صدر جو بينظير جي ورسي تي خطاب آخري نه هوندو، نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي آهي: بابر اعواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر اعواڻ مطالبو ڪيو آهي، ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف پاران وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي بغاوت جو الزام هڻڻ جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به غدار نه آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي وئي آهي، هو تحريڪ انصاف ۾ نواز ليگ گروپ ٺاهيندو، هن چيو ته مونکي ڀلي هٿڪڙيون هنيون وڃن، پر شهيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ انصاف خاطر پوئتي نه هٽندس ۽ مقابلو ڪنداسين، اسان به قرباني ڏيون پيا، منهنجا 2 پٽ به قرباني لاءِ تيار آهن. هن اهي ڳالهيون مقامي هوٽل ۾ بين الصوبائي کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي ميزباني ۾ ”شهيد بينظير ڀٽو چئني صوبن ۾ اتحاد جي علامت“ جي عنوان تي سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ لطيف مغل، ڊائريڪٽر انفارميشن ياسمين ميمڻ، عورت فائونڊيشن جي ربينا بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال نئين ڪنگ پارٽي ٺهندي آهي.

جاويد هاشمي موڪلائي وڃي ها ته خوشي ٿئي ها، ڪنهن کي به آئيني پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏبي:نواز شريف

لاهور(بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي ضرور  ڪجهه سوچي فيصلو ڪيو  هوندو، هن سان گڏ سٺو وقت گذاريو ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو،  مون هميشه   جاويد هاشمي جو احترام ڪيو،  جلاوطني دوران جاويد هاشمي جيل ۾ هو ۽ ان سان تعلق  قائم هو، انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاويد هاشمي لاءِ دعاگو آهيان، ڀلي هو جتي به هجي، هن چيو ته نواز ليگ هڪ نظرياتي پارٽي آهي ۽ ان جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اسٽينڊ ورتو آهي، اهو قائم رهندو، ان تي اسٽينڊ جي ذريعي هيءَ ئي ٽيم پاڪستان کي تبديلي جي نئين دور ۾ وٺي ويندي. هن چيو ته هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏنو ويندو. پر حڪمرانن ملڪ جي ترقي لاءِ فڪر ڪن، نه ته گهر جو رستو وٺن. موجوده حڪومت ملڪ کي ناڪاميون مليون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ گئس جي لوڊشيڊنگ به ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو تبديلي جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي رهيا آهن.  ايٽمي طاقتن ۾ ستين نمبر تي اچڻ کانپوءِ ملڪ کي معاشي ليول تي به ستين نمبر تي اچي بيهاريون ها پر اڄ ايٽمي ملڪ ترقي جي حوالي  کان سڀ کان پوئتي آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان سينيٽر پرويز رشيد چيو ته وڃڻ سان دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. پارٽي ۾ ننڍا وڏا اختلاف ٿيندا آهن ان تي ايڏو وڏو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ها جاويد هاشمي جي وڃڻ  سان  دل  ٽٽي پئي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي مون سان ملي خدا حافظ چئي وڃي ها ته دل کي سڪون ملي ها، اسان  لانگ مارچ ڪري عدليه بحال ڪرائي وڏي تبديلي آندي آهي هن چيو ته جيڪڏهن مان شينهن ناهيان ته گدڙ به ناهيان.آ

مارچ ۾ افواهن واري مهم ختم ٿي ويندي، عدليه ۽ آرمي چيف جي بيانن سان ضرور بهتري ايندي: وزيراعظم



اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مارچ ۾ افواهن واري موسم ختم ٿي ويندي، آرمي چيف جي وضاحت کي جمهوري حلقن ۾ انتهائي بهتر انداز ۾ ڏٺو ويو آهي، عدليه پاران جمهوريت جي حق ۾ بيان آيو آهي، انهي سان ضرور بهتري ايندي، جمهوريت کي بار بار ختم نٿو ڪري سگهجي، فوج سان گڏجي هلي رهيا آهيون،  جمهوري حڪومت قائداعظم جي بصيرت جي روشني ۾  روشن خيال، ترقي پسند، تحمل ۽ برداشت واري پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهي، عمران خان وٽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ تجويزون آهن ته اسان کي پيش ڪري،نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا سان لاڳاپا پارليامينٽ طئي ڪندي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرسمس جي حوالي سان فاطمه چرچ ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي حمايت ۾ عدليه ۽ فوج پاران مثبت رايا آهن، ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي آهي،

Friday 23 December 2011

پريانڪا چوپڙا ۽ ڪرينا ڪپور ۾ اختلاف ختم



ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) پريانڪا چوپڙا ۽ ڪرينا ڪپور ۾ اختلاف ختم ٿي ويا، ممبئي ۾ ٿيل هڪ ايوارڊ تقريب ۾ ٻنهي کي گڏ ڏسي سڀ ماڻهو حيران رهجي ويا، ٻئي اداڪارائون هڪ ٻئي سان گرمجوشي سان مليون، پريانڪا چوپڙا اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ کان اڳ پاڻ ڪرينا وٽ وڃي ان سان ملاقات ڪئي ۽ ڪرينا به کيس سٺي موٽ ڏني، واضح رهي ته پريانڪا ۽ ڪرينا ۾ ڪجهه عرصو اڳ شاهد ڪپور سان دوستي جي معاملي تي  اختلاف پيدا ٿيا هئا.

ملڪه ترنم نورجهان جي اڄ 11هين ورسي



ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) ملڪه ترنم جو خطاب ماڻيندڙ گلوڪاره نورجهان جي وڇوڙي کي اڄ 11 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اڄ 11هين ورسي ملهائي ويندي ۽ نورجهان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ملڪ جي ناليواري گلوڪاره نورجهان گلوڪاري کان پهريان فلمن ۾ اداڪاري کان فني سفر جي شروعات ڪئي، ان وقت هن جي عمر 9 سال هئي، هن پهرين فلم ”پنڊ دي ڪڙي“ ۾ فن جا جوهر ڏيکاريا. نورجهان جو اصل نالو الله وسائي هو، پيءُ جو نالو مدد علي هئس. صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪاره، گلوڪاره نورجهان اردو ۽  پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته هن سنڌي گيت به ڳايا، هن هدايتڪار سيد شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي. ان کان طلاق وٺڻ کانپوءِ هن اعجاز حسين سان شادي ڪئي. هن کي 2 پٽ ۽ 4 ڌيئرن جو اولاد ٿيو. پاڻ آخري ڏهاڙن ۾ تمام گهڻو بيمار  رهڻ لڳي، ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪوبه فرق نه آيو ۽ 23 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪري وئي. سندس آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي

اداڪارائون ۽ سنگرز سال 2012ع مان تمام گهڻون پراميد



ڪراچي(رپورٽ:مصطفيٰ ملاح) سال 2011ع جتي زندگي جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خوشين سان گڏ ڏک به ڏنا ته اتي شوبز واري شعبي ۾ڪن  اداڪارائن کي به خوشيون ته ڪن کي وري ڏک به ڏنا آهن. اداڪاره ماريه جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون کي بي پناهه خوشيون ڏنيون ۽ ان سان گڏ مون کي اهڙو ڏک به ڏئي ويو، جيڪو مون کي پوري عمر وسري نٿو سگهي. سال 2011ع ۾ منهنجي امڙ جو انتقال ٿيو پر انهيءَ سال ۾ مون عمري جي سعادت ماڻي جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ۽ ترڪي به ويس، هن چيو ته ايندڙ سال 2012ع ۾ دبئي وڃڻ جو ارادو آهي. اداڪاره طاهره ڀٽو چيو ته سال 2011ع تمام گهڻا ڏک ڏنا آهن ۽ تڪليفون ڏنيون پر نئين سال ۾ 18 مارچ تي شادي ڪندس ۽ نئين زندگي جي شروعات ڪندس. اداڪاره سونيا چانڊيو چيو ته 2011ع ۾ منهنجو پيءُ وفات ڪري ويو جنهن جو ڏک هميشه رهندو. هاڻ سال 2012ع ۾ ٻيهر اسڪرين تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اداڪاره امبر جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون لاءِ ايترو خاص نه رهيو. ڇو ته منهنجي ڀيڻ جي بيبي جي وفات ٿي ۽ ايندڙ سال 2012ع لاءِ ڪا خاص پلاننگ ڪونه ڪئي آهي، بس مان چاهيان ٿي پنهنجي فيملي سان گڏ رهان، اداڪاره گل بلوچ چيو ته سال 2011ع ۾ انهن ماڻهن جي مهرباني جن مون کي پنهنجو ڪري ۽ ڇڏي ڏنو ۽ مون کي احساس ڏياريو ته دنيا ۾ هر شئي پنهنجي ناهي هوندي. 2011ع ۾ مهرباني انهن ماڻهن جي به جن مون کان نفرت به ڪئي ڇو ته انهن مون کي مضبوط بڻايو. گلوڪاره مهتاب ڪنول چيو ته 2011ع مون لاءِ ايترو سٺو نه رهيو ڇو ته ڪجهه فيملي مسئلا رهيا جنهن ڪري پريشانيون آيون ۽ سال 2011ع ۾ مان فيملي سان گڏ عمري جي سعادت به ماڻي، جيڪو مون لاءِ سال 2011ع جو وڏو تحفو هو. 2012ع لاءِ پلاننگ ڪابه ڪونه ڪئي آهي نه ئي ڪندي آهيان، جيڪڏهن پلاننگ ڪندي آهيان ته پوءِ اهي ڪونه ٿيندا آهن پر سال 2012ع مان اها اُميد  آهي ته سٺو ثابت ٿئي. اداڪاره اعظميٰ علي چيو ته سال 2011ع ۾ منهنجو خواب پورو ٿيو، سال 2011ع مون لاءِ تمام سٺو گذريو ۽ خوشيون کڻي آيو، اداڪاره ريحانه تبسم چيو ته سال 2011ع مون لاءِ کٽو مٺو ثابت ٿيو، ڪو خاص نه رهيو پر سال 2012ع لاءِ مون پلاننگ نه ڪئي آهي ڇو ته مان توڪل تي هلڻ واري آهيان ڪابه رٿابندي نه ڪندي آهيان. گلوڪاره شهنيلا علي چيو ته سال 2011ع مون لاءِ خوشين ڀريو ثابت ٿيو ۽ 2012ع لاءِ به اها دعا ڪيان ٿي ته خوشين ڀريو رهي، جڏهن ته سال 2011ع ۾ ڀارت ۾ سرن جي ورکا ڪري آيس، تمام گهڻي خوشي ٿي. اداڪاره نجمه ڪاوش چيو ته سال 2011ع منهنجي زندگي ۾ اهم تبديلي آندي، اداڪاره مان گلوڪاره بڻجي ويس ۽ مقبوليت ملي وئي، تمام گهڻو خوش آهيان. اهڙي طرح سال 2012ع ۾ اداڪاري سان گڏوگڏ وڌيڪ ڳائڻ تي ڌيان ڏبو.

ڪرينا جادو آهي جيڪا سڀني کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ٿي: عمران خان


ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته ڪرينا ڪپور سندس پسنديده اداڪاره آهي، ساڻس ”ايڪ مين اور ايڪ تو“ ۾ ڪم ڪري تمام گهڻو تجربو حاصل ڪيو، ممبئي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرينا جادو آهي جيڪا سڀني کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ڇڏي ٿي، عمران خان چيو ته جيڪڏهن بهترين اسٽائلش اداڪاره لاءِ ووٽنگ ڪرائي ويندي ته مان ڪرينا ڪپور کي ئي ووٽ ڏيندس، ڇو ته هوءَ هڪ سٺي اداڪاره آهي

”هيروئن“ لاءِ ڪرينه پرفيڪٽ چوائس آهي:پريانڪا


ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته صدر ڀنڊارڪر ”هيروئن“ ۾ مک ڪردار لاءِ پهرين مون کي آفر ڪئي هئي پر مون اها آفر قبول نه ڪئي. ڪرينه ڪپور هن ڪردار لاءِ پرفيڪٽ چوائس آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪرينه تمام گهڻي زبردست اداڪارا آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هوءَ ڪردار سان انصاف ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”هيروئن“ ۾ مک ڪردار لاءِ ڪرينه ڪپور کان بهتر ڪابه اداڪارا هن وقت موجود ناهي.

نئين دهلي ۾ ليجنڊ واڪ، اميتاڀ سميت 25 کان وڌيڪ اسٽارز جي شرڪت


نئين دهلي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار رتيش ديشمک طرفان منعقد ڪيل تقريب ۾ ڪالهه بالي ووڊ جي 25 کان وڌيڪ اداڪارن ۽ اداڪارائن شرڪت ڪئي ۽ ليجنڊ واڪ ۾ حصو ورتو، تقريب ۾ سينيئر اداڪارن ششي ڪپور، منوج ڪمار، اميتاڀ بچن ۽ ٻين ليجنڊز شرڪت ڪئي.

”دبنگ-2“ جي شوٽنگ ايندڙ سال ڀوپال ۾ شروع ٿيندي


ڀوپال (ڪلچرل رپورٽ)سپر هٽ فلم ”دبنگ“ جي سيڪوئل  ”دبنگ-2 “ جي شوٽنگ ڀوپال ۾ شروع ڪئي ويندي، جيڪا ايندڙ سال کان شروع ٿيندي، جڏهن ته ڊائريڪٽر پرڪاش جها جي هن فلم سميت ٻين ڪيترن ئي فلمن جي شوٽنگ پڻ ڀوپال ۾ رٿيل آهي.

هالي ووڊ اداڪاره ڊيمي مور هڪ ٽي وي شو شروع ڪندي



نيويارڪ (ڪلچرل رپورٽ) هالي ووڊ اداڪاره ڊيمي مور هڪ ٽي وي ٽاڪ شو شروع ڪندي جنهن ۾ عورتن جي معاملن تي مهمانن کي گهرايو ويندو، ڊيمي مور انهيءَ پروگرام جي پروڊيوسر هوندي، شو ۾ هالي ووڊ جي ناليوارين اداڪارائن کي مهمان طور گهرايو ويو ۽ عورتن جي صلاحيتن بابت مختلف موضوعن تي بحث ڪيو ويندو

مارشل لا کي اسان روڪينداسين، ڪرپٽ حاڪمن جو ساٿ نه ڏبو:راڻا ثناءُالله


لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) سويلين بالادستي لاءِ ته هر ڪنهن جو ساٿ ڏيندي پر ڪرپٽ حڪمرانن جي تحفظ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پنهنجي چوري پڪڙجڻ بعد وزيراعظم ٻين کي انهن جون چوريون ياد ڏياري رهيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ته گهڻو وقت اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪري، ايبٽ آباد واقعي بعد جڏهن اسان بااختيار ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو ته ان وقت وزيراعظم چيو ته اسان ادارن کي بدنام ڪري رهيا آهيون ۽ صدر به اسان مٿان اهڙا ئي الزام هنيا پر هاڻي جڏهن حڪومت مٿان وزن پيو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ان سوال ته ڇا مسلم ليگ (ن) سويلين ادارن جي بالادستي جي سلسلي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اسان بلڪل ساٿ ڏينداسون، ان لاءِ هر اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن سان ادارن جي بالادستي، قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿئي

عدليا سميت ڪير به پارليامينٽ کان بالادست ناهي:گورنر کوسو


لاهور (بيورو رپورٽ) گورنر پنجاب سردار لطيف کوسي چيو آهي ته عسڪري قيادت آئين تحت وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي ۽ عدليا به پارليامينٽ کان بالادست ناهي، پارليامينٽ عدليا جي فيصلي کي رد ڪندي قانونسازي ڪري سگهي ٿي، گورنر هائوس لاهور ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ڪيڏانهن به نه پئي وڃي، مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون ڪرايون وينديون، بعد ۾ مدو پورو ٿيڻ تي عام چونڊون به ڪرائينداسين، ڪو به ٽڪراءُ ٿيڻ نه پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي ايترو طاقتور وڻ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي هاڻي ڪو به خطرو ناهي

ملڪ تي خراب وقت آڻيندڙن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:نواز شريف


بهاول نگر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾وقتي طور خراب وقت آيو، خراب وقت آڻيندڙن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين، بهاول نگر جي علائقي چشتيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سبب اذيت جو شڪار عوام  روئي رهيو آهي پر حڪومت ڪرپشن ۾ مصروف آهي، هن چيو ته جيڪڏهن عوام جو جذبو سلامت رهيو ته پاڪستان به سلامت رهندو، هن چيو ته وڏا ماڻهو عوام کي چڪر ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن پر عوام انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نواز شريف چيو ته حڪومت ائٽمي قوت جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو برداشت جوڳو ناهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾جيتري ڪرپشن ڏٺي آهي اها پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺي، عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي وزير پنهنجن کيسن ۾ ڀري رهيا آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن وزيرن جي کيسن مان ڪرپشن جا پئسا ڪڍي ٿي ته پوءِ اهي استعيفا نه ٿا ڏي

ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 رڪارڊ، بازارون ويران، پاڻي جا پائيپ ڦاٽي پيا


ڪوئيٽا(رپورٽ :علي گراماڻي)ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شديد لهر، سردي ڪاٽو 10 کان ڪاٽو 12 رڪارڊ، پاڻيءَ جا پائيپ لائين ڦاٽي پيا، بازارون ۽ روڊ رستا ويران، گرم ڪپڙن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، لنڊا بازار ۾ ماڻهن جي رش، سخت سرديءَ بيمارين منهن ڪڍيو، اسپتالن ۾ مريضن جي رش، روڊن، رستن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي توڙي پائيپن اندر پاڻي ڄمي ويو، گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي سبب شهر واسي سخت مشڪلاتن جو شڪار، ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي موسميات کاتي پاران سردي مائينس 10 کان مائينس 12 تائين رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٿڌيون هوائون گهلڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي جنهن سبب ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت شهرن جون اڪثر بازارون توڙي روڊ رستا ويران ٿي ويا آهن اڪثر شهر واسي سخت سرديءَ سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ به بند رهنديون


ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون، سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ موجب گئس جي کوٽ ۽ سياري ۾ لوڊ ۾ واڌ سبب اي سي سي جي فيصلي تحت سنڌ ۽ حب ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ صبح 9 وڳي کان ڇنڇر ڏينهن 9 وڳي تائين بند رهنديون، سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن بعد ڪالهه خميس ڏينهن کليون هيون، جن کي ٻيهر اڄ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد حسين بخاري اڄ کان 24 ڪلاڪن تائين ۽ هفتي ۾ 2 ڀيرا سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سي اين جي 70 سيڪڙو پيداوار جي باوجود هفتي ۾ 48 ڪلاڪ بند ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ جي عوام ۽ ٽرانسپورٽرن جي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ برابر آهي.

سنڌ سرڪار پاران بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان



ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڄي پرڳڻي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، 27 ڊسمبر تي سنڌ سرڪار جا سمورا صوبائي کاتا ۽ صوبائي حڪومت جي ماتحت سمورا خودمختيار نيم سرڪاري ادارا، ڪارپوريشنون ۽ مڪاني ادارا بند رهندا.

مسلم ليگ (ن) احمد مختار کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو


لاهور(اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) وزير دفاع چوڌري احمد مختار کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وزارت دفاع ادارن کان پڇا ڳاڇا نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان جو ڪهڙو فائدو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بچاءَ واري وزارت پاران پاڪستاني فوج ۽ آءِ ايس آءِ تي حڪومتي ڪنٽرول نه هئڻ جي اعترافي بيان جو مسلم ليگ (ن) سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي. خانگي ٽي وي موجب پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات سينيٽر مشاهد الله ۽ ترجمان پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته اهڙي حڪومت جي قائم رهڻ جو ڪوئي جواز نه آهي جنهن جو پنهنجي ادارن تي ڪنٽرول نه آهي ۽ بيان ظاهر ڪري ٿو ته حڪومتي ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي به حڪومت ڪنهن وڏي حادثي کان بچڻ لاءِ نواز شريف جي جلد اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو قبول ڪري

آرمي چيف پاران ڪرم ۽ مهمند ايجنسي جو دورو، جنرل ڪياني کي پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي نئين صورتحال تي بريفنگ



پشاور ( بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ڪرم ۽ مهمند ايجنسين جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي نئين صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ڪرم ايجنسي ۾ شدت پسندن خلاف فوج جو آپريشن ڪوهه سفيد جاري آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ آرمي چيف دوري تي پهتو، هن کي عسڪريت پسندن خلاف جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني وئي، مهمند ايجنسي ۾ پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي تازي صورتحال کان کيس آگاهه ڪيو ويو، جنرل اشفاق پرويز ڪياني فوجي جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ملڪي حفاظت جو عزم ڪي

گورنر ۽ وزيراعليٰ ۾ اتحادين جي اتفاق وارو مڪاني نظام آڻڻ تي اتفاق



ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مڪاني ادارن واري صوبائي وزير آغا سراج دراني سان گڏ گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي. گورنر ۽ وڏي وزير صوبي ۾ بلدياتي معاملن ۾ جاري مشاورت تي اطمينان جو اظهار ڪيو، هنن اميد ظاهر ڪئي ته اتحادي پارٽين جي اتفاق سان عوام جي خواهشن سان هم آهنگ نظام آندو ويندو. ان موقعي تي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، بلدياتي معاملن سميت اهميت جوڳن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هنن چيو ته مفاهمتي عمل کي سگهه ان ئي صورت ۾ ملي سگهي ٿي جڏهن ان جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچ

سنڌ کي ٻين کان اڳ ۾ گئس فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ


ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس احمد علي ايم شيخ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ وفاقي سرڪار کي آئين جي آرٽيڪل 158تحت ترجيحي بنيادن تي سنڌ جي صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ توڙي ڪي اي ايس سي لاءِ 276 ايم ايم سي ايف گئس روزانو فراهم ڪرڻ واري واعدي تي عمل ڪرڻ ۽ واٽر بورڊ ۽ ٻين سرڪاري ادارن ڏانهن بجلي جي بلن جي مد ۾ رهيل رقم سڌي ريت ڪاٽي ڪي اي ايس سي ڏانهن گئس جي مد ۾ رهتون ادا ڪرڻ بابت داخل ڪيل آئيني درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا حتمي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن عدالت ڪي اي ايس سي پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي وڪيل بئريسٽر عابد زبيري دليل ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گئس سميت سڀني معدني وسيلن تي پهريون حق ان صوبي جو آهي جتان اها حاصل ڪئي وڃي ٿي پر ان باوجود سنڌ جي ضرورت پوري ڪرڻ بنا ئي گئس ٻين صوبن کي ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته آئين مطابق پهرين سنڌ ۾ قائم ادارن کي ضرورت مطابق گئس فراهم ٿيڻ گهرجي،

سنڌ جي برسات سٽيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ساڍا 7 ارب جاري


ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته شديد برساتن سبب ٿيل وڏن نقصانن باوجود سنڌ سرڪار بحالي لاءِ خاص رٿابندي ڪئي آهي، ترقياتي رٿائن لاءِ رقمن جي فراهمي کي آسان بڻايو ويو آهي. سيد قائم علي شاهه سڀني ڊپٽي ڪمشنرن تي زور ڏنو ته اهي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور پنهنجن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرائين. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. گڏجاڻي ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ترقياتي رٿائن لاءِ هن وقت تائين ساڍا 7 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته وڏو وزير اڄ ترقياتي رٿائن بابت ڊپٽي ڪمشنرن سان وڊيو ڪانفرنس ڪندو.

رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، فوج سميت سمورا ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن:گيلاني



اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪو به ادارو اهو چوي ته رياست اندر رياست آهي ته ناقابل قبول آهي، ڪنهن به اداري کي رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، فوج سوڌو سمورا ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اهو پارليامينٽ اڳيان جوابده نه آهي اها ان جي غلط فهمي آهي، قائد اعظم آزاد ملڪ بڻايو پر اسان کي محڪوم رهڻو آهي ته حڪومت پارليامينٽ جو ڪوئي فائدو نه آهي، عوام جا حق قائم نٿا رکي سگهون ته پارليامينٽ ۾ ويهي ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي، ايبٽ آباد ڪميشن ان ڪري ٺاهي ته اسامه بن لادن 6 سال کان ڪيئن پئي رهيو آهي اسان کان پڇن ٿا ته ويزا جاري ڪيئن ڪيا ويا اسان پڇون ٿا ته اسامه ڪنهن جي ويزا تي ملڪ آيو؟،

صدر استثنيٰ چاهي ٿو ته عدالت سان رجوع ڪري،جواب داخل نه ڪرڻ جا سبب ڏيڻا پوندا:سپريم ڪورٽ



اسلام آباد(رپورٽ: گوهر گهانگهرو) سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته صدر هن ڪيس ۾ جواب داخل ناهي ڪرايو، قانون جو اصول اهو آهي ته ڪنهن وڏي عهدي تي ويٺل شخص تي ڪو الزام لڳي وڃي ته ان کي جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن صدر استثنيٰ  چاهي ٿو ته اهو عدالت سان رجوع ڪري، چيف جسٽس چيو ته مشرف دور ۾ مون تي الزام لڳا ته مان به ته جواب ڏنو هو، حسين حقاني راضي ٿئي ته ميمو معاملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙينداسون، سپريم ڪورٽ صدر طرفان جواب داخل نه ڪرڻ بابت چيو ته جيڪڏهن کيس ائين ڪرڻو آهي ته ان جا سبب ڏيڻا پوندا، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ميموگيٽ اسڪينڊل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، نوازشريف جي وڪيل رشيد اي رضوي درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت دليل ڏيندي چيو ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه ميمو جي معاملي کي اهم قرار ڏنو

جمهوريت جو دفاع ڪبو، محڪوم ٿيڻ بدران عوام وٽ وڃڻ پسند ڪنداسين:آصف



اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان محڪوم ٿيڻ بدران عوام وٽ وڃڻ پسند ڪنداسين، جمهوريت لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين ويڙهه ڪئي ويندي،نامياري صحافي حامد مير هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته صدر زرداري ساڻس فون تي ڳالهائيندي چيو آهي ته هو رت جي آخري ڦڙي تائين جمهوريت جي بقا لاءِ ويڙهاند ڪندو، صدر جو چوڻ هو ته هو جمهوريت پسندن جي قافلي جو سپهه سالار آهي، هاڻ هو پنهنجي قلعي (ايوان صدر) ۾ اچي ويو آهي، هتان ويهي هو جمهوريت جو دفاع ڪندو، هوڏانهن ملڪ جي سول قيادت جمهوري ۽ پارلياماني اختيارن کان دستبردار نه ٿيڻ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مفاهمت وارو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق اهڙو فيصلو ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدر آصف علي زررداري سان ملاقات دوران ڪيو ويو، وزيراعظم ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ هڪ تقريب ۾ جمهوريت خلاف سازشن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست کي تسليم نه ڪرڻ جهڙي واضح اعلان کانپوءِ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ايوان صدر جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق ملاقات دوران سول قيادت جمهوريت ۽ جمهوري حڪومت خلاف سازشن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته جمهوريت ۽ پارلياماني اختيارن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ذريعن مطابق ملاقات ۾ ميمو مامري جي حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم گذريل رات سندس صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي منعقد اجلاس جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني، ذريعن مطابق اجلاس دوران صدر جو واضح موقف هو ته حڪومت جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مفاهمت جو عمل جاري رکندي پر آئين تحت حاصل اختيارن کان دستبردار نه ٿيندي

جنرل پاشا آخر ڪنهن جي اجازت سان لنڊن ويو؟: عاصمه جهانگير



اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حسين حقاني جي وڪيل عاصمه جهانگير چيو آهي ته نوازشريف جي درخواست جي اڃا ٻڌڻي جوڳي حيثيت ئي ناهي ته پوءِ ميمو معاملي تي ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته نوازشريف حسين حقاني خلاف عدالت ۾ آيو آهي، جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو اچي ها ته ان جي درخواست ٻڌي نه وڃي ها، هن چيو ته حسين حقاني هڪ سرڪاري عهدي تي هو، ان خلاف جاچ لاءِ آءِ ايس آءِ سربراهه لنڊن پهچي ويو پر نه پرڏيهي آفيس کي ٻڌايو ويو نه ئي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو، اها به حيرانگي واري ڳالهه آهي ته آءِ ايس آءِ تي تنقيد ڪندڙ منصور اعجاز آءِ ايس آءِ چيف جي هڪ فون تي ملڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جو رابطو ڪيئن ٿيو؟، عاصمه جهانگير چيو ته اهو به ٻڌايو وڃي ته ميمو جو پتو ڪٿان پيو، ڪنهن ڏنو، مان سمجهان ٿي ته هڪ سازش تحت ان معاملي کي وڌايو ويو، هن چيو ته ميڊيا ۽ ايجنسين پاران سخت تنقيد ڪرڻ ۽ معاملي کي اڀارڻ بعد حسين حقاني کي استعيفا ڏيڻي پئجي وئي، هڪ سوال جي جواب ۾ عاصمه جهانگير چيو ته اسان انڪوائري کان انڪار ناهي ڪيو پر اها انڪوائري مناسب طريقيڪارسان ٿيڻ گهرجي، اڻ برابري قبول نه هوندي، هن چيو ته جڏهن استعيفا وٺڻ وارا ويٺا هجن ته وزيراعظم ڇا ڪري، هڪ طرف استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪندڙ جي حق ۾ تحريڪ هلي ته ٻئي طرف استعيفا ورتي وئي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جوخيال آهي ته حسين حقاني کي خطرو موجود آهي ۽ مٿس دٻاءُ وجهي پنهنجو مقصد ماڻڻ جي لاءِ حسين حقاني کي واعده معاف گواهه بڻائي جمهوريت کي پٽڙي تان هٽايو ويندو، ان سوال ته ڇا آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جا تحريري بيان غلط ثابت ٿين ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ جنهن تي عاصمه جهانگير چيو ته ڪارروائي ته پري جي ڳالهه آهي پر ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ به ڪو پيدا ناهي ٿيو.

ميمو وصول ڪندڙ به چيو آهي ته ان جي ساک ناهي:حسين حقاني



اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حسين حقاني کي ڪالهه ٻيهر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سخت سيڪيورٽي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو ۽ هن پنهنجي وڪيل عاصمه جهانگير سان ملاقات ڪئي، بعد ۾ هن پنهنجو جواب در جواب سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو، حسين حقاني پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته انتهائي تڪراري ۽ ناقابل اعتبار ميمو جو قومي سلامتي تي ڪو به اثر نٿو پوي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين  حقاني آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي جواب تي موقف اختيار ڪيو آهي ته ميمو وصول ڪندڙ به چيو آهي ته ان جي ڪا به ساک ناهي، آرمي چيف جو اهو چوڻ صحيح آهي ته وزيراعظم هائوس جي اجلاس ۾ مون کي گهرايو هو پر ان ملاقات کان اڳ ئي آئون صدر آصف علي زرداري کي استعيفا ڏيڻ بابت خط لکي چڪو هئس، حسين حقاني چيو ته آئون پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ان جي جوانن جو جذباتي حد تائين احترام ڪريان ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته هڪ تڪراري ميمو يا ان بابت مضمون سان پاڪ فوج جو مورال گهٽ نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان جو قومي سلامتي تي ڪو اثر پئجي سگهي، حسين حقاني ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل احمد شجاع پاشا جي جواب تي پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته منصور اعجاز جي ان دعويٰ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته هن مون کي جمهوري حڪومت ڪيرائڻ بابت نام نهاد اطلاع بليڪ بيري تي ڏنو، جنهن کي هن نظرانداز ڪيو، هن چيو ته مون کي آءِ ايس آءِ سربراهه ۽ منصور اعجاز جي ملاقات جي ڄاڻ ناهي، منصور اعجاز آءِ ايس آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو ته هن جي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات ڪرڻ پراسرار آهي، ان ملاقات جو رڪارڊ ۽ نقطا ڄاڻڻ ضروري آهن، حسين حقاني چيوته آئون ميمو جي تياري يا ان جي اجازت ڏيڻ جي الزام کان انڪار ڪيان ٿو، ميمو جي حوالي سان مون کان حڪومت پڇيو پر تاريخ ياد ناهي، هن چيو ته آئون ميمو جي معاملي تي جاچ سان اتفاق ڪيان ٿو، جيڪا قانون ۽ ضابطي موجب هجڻ گهرجي، منصور اعجاز جواب تي جواب ۾ چئي چڪو آهي ته ميمو جا نقطا هن کي حسين حقاني لکرايا.

بابر اعواڻ جي پريس ڪانفرنس حڪومت جو موقف نه هو:وزيراعظم



اسلام آباد": وفاقي حڪومت بابر اعواڻ پاران ميموڪيس جي حوالي سان ڪيل پريس ڪانفرنس بابت سپريم ڪورٽ ۾ وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته اها پريس ڪانفرنس پارٽي جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي، ڪالهه اٽارني جنرل ذريعي وزيراعظم پاران جمع ڪرايل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت عدالت جو احترام ڪري ٿي، ڪڏهن به عدليا جي وقار خلاف ناهي سوچيو ۽ ڄاڻايل پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليا جي تضحيڪ ڪرڻ ناهي، حڪمت اهو سوچي به نٿي سگهي، جڏهن ته موجوده حڪومت جيئن ئي اقتدار ۾ آئي ته ججن کي آزاد ڪيو ويو ۽ آزاد عدليا کي بحال ڪيو، پريس ڪانفرنس حڪومت جو موقف نه پر پيپلز پارٽي جو موقف هو.

نيٽو حملي بابت آمريڪي رپورٽ رد، تفصيل اچڻ بعد باضابطا جواب ڏبو:آءِ ايس پي آر



راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر مهمند ايجنسي ۾ 26 نومبر تي پاڪستاني چوڪين تي نيٽو جي حملي بابت آمريڪا ۽ نيٽو جي جاچ رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته انڪوائري رپورٽ جا تفصيل اچڻ کانپوءِ ان جو باضابطا جواب ڏنو ويندو، هڪ خانگي ٽي راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر مهمند ايجنسي ۾ 26 نومبر تي پاڪستاني چوڪين تي نيٽو جي حملي بابت آمريڪا ۽ نيٽو جي جاچ رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته انڪوائري رپورٽ جا تفصيل اچڻ کانپوءِ ان جو باضابطا جواب ڏنو ويندو، هڪ خانگي ٽي وي چينل مطابق آءِ ايس پي آر نيٽو حملي بابت آمريڪي ۽ نيٽو جي جاچ رپورٽ بعد رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ حقيقتن جي گهٽتائي آهي، ميڊيا ۾ آيل انڪوائري رپورٽ سان متفق ناهيون، انڪوائري رپورٽ ۾ نتيجن جي گهٽتائي آهي، رپورٽ کي رد ڪريون ٿا.

قائداعظم جي درسگاهه سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ بابت سنڌ اسيمبلي پاران بل منظور



ڪراچي:: سنڌ اسيمبلي ڪالهه ڪراچي ۾ قائم سنڌ جي تاريخي تعليمي درسگاهه ۽ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ وارو قانوني بل يڪراءِ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ مان ٻه ٺهراءَ پڻ يڪراءِ بحال ڪيا ويا جن مان هڪ ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار غير قانوني طور خانگي مسافر گاڏين ۾ سي اين جي ڪٽس لڳائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ٻيو ٺهراءَ نوڪري ۽ پورهيو ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي جي مناسبت سان بحال ڪيو ويو، جنهن ۾ اهڙين سڀني پورهيت ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جيڪي سڀني رنڊڪن باوجود حوصلي ۽ همت سان پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيون آهن. سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ وارو قانوني بل سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر پيش ڪيو، ٺهراءَ جي يڪراءِ منظوري وقت سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي ۽ ڊيسڪ وڄائي سنڌ مدرسو قائم ڪندڙ خان بهادر حسن علي آفندي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ پير مظهر ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته سنڌ مدرسو مسلمانن جي قديمي تعليمي درسگاهه آهي جتي قائد اعظم محمد علي جناح به تعليم حاصل ڪئي. اهو ادارو خان بهادر حسن علي آفندي 1875ع ۾ قائم ڪيو هو ۽ حسن علي آفندي صدر آصف علي زرداري جو نانو هو. سنڌ جي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ خاطر هن اداري کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ به سنڌ مدرسته الاسلام جي ديوارن ۽ ڪمرن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو روح محسوس ٿئي ٿو. سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري وزير مخدوم جميل الزمان رٿ ڏني ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو هڪ ٻيو ڪئمپس سنڌ جي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ به قائم ڪيو وڃي، جيڪڏهن اها ڪئمپس هالا يا ڀٽ شاهه ۾ قائم ڪيو وڃي ته ان خاطر اسان زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. قانون واري وزير اياز سومري چيو ته جنهن  آمر اها اجائي ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ ۾ اهڙا اهل ماڻهو ناهن جن کي مرڪز ۾ اهم عهدن تي رکيو وڃي تنهن آمر کي اڄ ٻڌايون ٿا ته ڏيڍ سئو ورهيه اڳ به سنڌ ۾ ايترو شعور هو جو خان بهادر حسن علي آفندي سنڌ مدرسي جهڙو زبردست ۽ شاندار تعليمي مرڪز قائم ڪيو جتي قائد اعظم جهڙو ليڊر پڙهيو جنهن پاڪستان ٺاهيو ۽ اڄ ان جي ڪري ئي اسان هن ملڪ ۾ رهون پيا. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام لاءِ جيتري قانون سازي پيپلز پارٽي جي موجوده دور ۾ سنڌ اسيمبلي مان ڪئي وئي آهي اوتري اڳ ڪڏهن به نه ڪئي وئي آهي. پ پ جي ڊاڪٽر ستار راڄپر چيو ته نوشهروفيروز ۾ قائم قديمي سنڌ مدرسه اسڪول کي به يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. صوبائي وزير سيد سردار احمد چيو ته سنڌ مدرسي يونيورسٽي ۾ داخلا صرف ميرٽ تي ڏني وڃي. بعد ۾ اهو بل يڪراءِ منظور ڪيو ويو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي سي اين جي تي هلندڙ مسافر گاڏين ۾ سي اين جي سلينڊر لڳائڻ خلاف ٺهراءَ يڪراءِ منظور ڪري ورتو. اهو ٺهراءَ فنڪشنل مسلم ليگ جي نصرت سحر عباسي پيش ڪيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”هي ايوان سنڌ حڪومت کي سفارش ڪري ٿو ته اها وفاقي حڪومت سان لهه وچڙ ڪري چوي ته وفاقي سرڪار سي اين جي سلينڊرن تي هلندڙ خانگي مسافر گاڏين ۽ انهن ۾ غير قانوني طور سي اين جي ڪٽس لڳائيندڙ ۽ سي اين جي ڪٽس وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري جڏهن ته ڪوالٽي ڪنٽرول ۽ تحفظ جي معيار موجب نه هلندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سي اين جي سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي حياتيون ختم ٿي ويون آهن.“  ٺهراءَ بحث دوران هڪ تجويز اها به آئي ته خانگي مسافر گاڏين ۾ گئس سلينڊرن تي قلم 144 لاڳو ڪري پابندي مڙهي وڃي پر ان تي سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهرالحق سميت ٻين وزيرن ۽ اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته جيڪڏهن فوري طور قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ته اهو کٽڪو آهي ته ٽرانسپورٽر گاڏيون بند ڪري ڇڏيندا جنهن سان ماڻهو پريشان ٿيندا تنهن ڪري وفاقي سرڪار جي اپائن جو انتظار ڪيو وڃي، جيڪڏهن ان کانپوءِ ضرورت پوي ته ڀل قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو ٺهراءَ آندو وڃي. اسپيڪر چيو ته گهرو معاملن واري وفاقي وزير گئس سلينڊرن تي هلندڙ مسافرن گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته هائيڊرو ڪاربن ڊولپمينٽ ڪارپوريشن آف پاڪستان پڻ اهڙين گاڏين جي مالڪن کي 10 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو آهي ته اهي سلينڊرن جي معياري هجڻ بابت گهربل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري وٺن، ان کانپوءِ جنهن به گاڏي وٽ اهڙو سرٽيفڪيٽ نه هوندو تنهن ۾ سي اين جي نه ڀري ويندي، ٽرانسپورٽ واري وزير اختر حسين جدون چيو ته اسان ٽيمون جوڙيون آهن جيڪي خانگي مسافر گاڏين کي چيڪ ڪنديون ۽ ان کي يقيني بڻائينديون ته بسن جي ڇتن ۽ ڪُنڊن ۾ لڳل گئس سلينڊرن کي هٽايو وڃي ۽ جنهن به خانگي مسافر ٽرانسپورٽ جي مالڪ ائين نه ڪيو تنهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Thursday 22 December 2011

Hakimjan: tumko chaha tha tumko chahenge.wmv

Hakimjan: tumko chaha tha tumko chahenge.wmv: http://www.youtube.com/watch?feature=endscreen&NR=1&v=oevTah2GDKM

Aye Khuda

tumko chaha tha tumko chahenge.wmv

Kaisa Yeh Isq Hai - Full Song [HD] By(Rahat Fateh Ali Khan)

Tune Mere Jaana Kabhi Nahi Jaana (720p HD) Lonely Emptiness By RS

Nazar Se Nazar Mile, (Miley Naa Miley Hum)

Nazar Se Nazar Mile ~ Miley Naa Miley Hum (2011)*Bollywood Hindi Movie Song* Rahat Fateh Ali Khan

Zindagi Ye - Rahat Fateh Ali Khan

Mein Tenu Samjhawan

Rahat Fateh Ali Khan - Dil To Bacha Hai (OST Ishqiya) Full Video

New Mehindi Desgen
























مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ زور ڪيڏو هوا لڳايو آ



شيخ اياز جو هڪ غزل پيش آهي، جنهن کي رحمت علي ميرالي سهڻي نموني ڳايو آهي۔





روح کي ول جيئان وڪوڙيو ٿي
جيءَ سان جيءَ ڇا ته جوڙيو ٿي

هائي ميهار بانسري تنهنجي
ايترا سڏ جو اڄ ته ٻوڙيو ٿي

چوڙيون چنڊ جيان ٽٽيون آهن
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿي

پيار کان ڪو نه ٿو مڙين اڄ به
ڪيترو اي اياز لوڙيو ٿي

املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

شيخ اياز

ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري،
ھو پري آ پري آ پري آ پري

جيءَ ھو يا جھڳو، داءُ پنھنجو لڳو،
جيت ڇا ھار ڇا ، ڪير پٺتي وري

آء ُ ! رابيل مرجهائجن ٿا پيا،
ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نه تو بن سري

مڌ ڪھڙو به آھي، ڪلالو! ڏيو،
رات گھنگھور آ، ڪيئن به ٽاڻو ٽري

اي اياز اينٿرا، تو ته پايل ٻڌي !
پير سوچي ته رک ، ڌر تتيء تي ڌري

هن شاعري جو مطلب سمجهائيندا



سموري سنڌ سجدي ۾ ڪري
تون به ڄڻ ديوتا ، خُدا ٿي لڳين
پر تنهنجي شاعري جي سرسوتي
...جڏهن پاڻ ئي سجدي ۾ ڪري
ته توکي ڪيئين ٻڌايون؟ اياز!
ڇا تون لڳين؟
شيخ اياز

سنڌي ٽوپي اجرڪ شان اسان جو

ياد ٿئي رات ڪاري ائين انڌاري، تون ۽ مان
ميم شب جي اشڪباري آ هزاري، تون ۽ مان
انتظاري بيڪراري رات ساري، تون ۽ مان
ٻي به ٿئي ساري خبر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو


ياد ٿئي ڪنهن جاء تي تنهنجو هجڻ ۽ منهنجو اچڻ
غور سان ۽ شوق سان تنهنجو ڏسڻ ۽ منهنجو تڪڻ
هاء هاء نظرن سان نظرن جو ملڻ، ٿورو کلڻ
راهه ويندي ڪنهن مسافر کي وٺي قيدي ڪرڻ
ڪين هو واجب مگر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو

ياد ٿئي رات روشن، سبز باغ ۽ آب جو
هڪ ته هئي ڪوئل جي ڪو ڪو ٻي اسان جي گفتگو
ٽيون وري تون روبرو اي خوب رو اي نيڪ خو
رات ٿي وئي رفعو پر گهٽ نه ٿي ڪا آرزو
اڄ به شاهد آ قمر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو

خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان



خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،
ڄمڻ کان موت تائين، سنڌ ـــــــــ ڌرتيءَ جو وَتل آهيان.

جي اورين ٿو ته مان همغم، جي روئين ٿو ته مان ماتم،
جي ماپين ٿو ته مان پربَت، جھُڪائين ٿو جبل آهيان.

اجل منهنجي پٺيان، تقدير سِرَ تي ، رب رڳ رڳ ۾،
اٽل جيڪي به آهن مون سان آهن مان اٽل آهيان.

خليل الله ٿو بنجين، گواهه الله ٿو ڏين، پر،
اِنهيءَ ڪاتي اِنهيءَ هٿ کان ڪئي ڀيرا ڪُٺل آهيان.

جي تون آڙاهه مان بادل، جي تون بادل ته مان اوٿر،
تون جيڪي ٿين ۽ جاٿي ٿين، مٿان تنهنجي اجل آهيان.

ازل کان پئي هليو آهيان، بخاري ڪجھ ٿڪو هوندس،
جھلئي ڪَنهنجي رڪيو ناهيان اڃان چئبو اجھل آهيا

ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو


!

ياد ٿئي رات ڪاري ائين انڌاري، تون ۽ مان
ميم شب جي اشڪباري آ هزاري، تون ۽ مان
انتظاري بيڪراري رات ساري، تون ۽ مان
ٻي به ٿئي ساري خبر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو


ياد ٿئي ڪنهن جاء تي تنهنجو هجڻ ۽ منهنجو اچڻ
غور سان ۽ شوق سان تنهنجو ڏسڻ ۽ منهنجو تڪڻ
هاء هاء نظرن سان نظرن جو ملڻ، ٿورو کلڻ
راهه ويندي ڪنهن مسافر کي وٺي قيدي ڪرڻ
ڪين هو واجب مگر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو

ياد ٿئي رات روشن، سبز باغ ۽ آب جو
هڪ ته هئي ڪوئل جي ڪو ڪو ٻي اسان جي گفتگو
ٽيون وري تون روبرو اي خوب رو اي نيڪ خو
رات ٿي وئي رفعو پر گهٽ نه ٿي ڪا آرزو
اڄ به شاهد آ قمر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو
ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو

اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نِــياري



اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نِــياري
هيء جَن جيتي تن به نه جيتي ، هاريَن ناهي هاري

شاعري شاه عبداللطيف



ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو ؛
ان جي عبداللطيف چئي مٽئ لڌو مان ؛
ڪوڙين ڪن سلام آڳه آ چيو ان جي

شاهه سائين جي رسالي جي سُر کنڀات جي داستان ٻئي مان هڪ بيت حاضر آهي :


ڪَــسَرَ ڇڏ ڪَـنـواٽَ ! وِکُـون وِجُھ وَڌَ نــدِيُـون؛
سَنـئِيــن سُپـيـرِيُـنِ جِي ، وِنـگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
ڇَڏ جھورِي، ڏي جھاٽَ، ته هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون

شاه سائين جو زبردست بيت



سي پوڄارا پر ٿيا ، سمنڊ سيو يو جن،
آندائون عميق مان ، جوتي جواهران ،
لڌائون ، ليطف چئي ، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن ، ملهه مهانگو ان جو ۔

شاهه سائين جي رسالي جي سُر مومل راڻو جي داستان پهرين مان هڪ چونڊ بيت پيش ڪجي ٿو:


بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.

Zafar Iqbal

mere mehboob qayamat Hogi,,,

”پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ناهي ڏني“:سنڌ حڪومت جي هاءِ ڪورٽ کي خاطري

ڪراچي :: سنڌ هاءِ ڪورٽ  تحريڪ انصاف کي مزار قائد جي احاطي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ بابت يقين ڏيارڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس امام بخش بلوچ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪالهه ڪراچي جي شهري بهادر علي ۽ ٻين پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سنڌ سرڪار جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدنان ڪريم ميمڻ ٻڌايو ته مزار قائد جا انتظام مئنيجمينٽ بورڊ هلائي رهيو آهي ۽ اهڙو بورڊ وفاقي سرڪار جي ماتحت آهي جنهن ڪري سنڌ سرڪار ڪنهن کي مزار جي احاطي ۾ جلسي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي جڏهن ته ان موقعي تي مزار قائد مئنيجمينٽ بورڊ پاران عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته مزار قائد جي رولز موجب ڪنهن به سياسي پارٽي کي احاطي ۾ جلسو يا ميڙ ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جڏهن ته 25 ڊسمبر تي قائداعظم جو جنم ڏينهن پڻ آهي ۽ ان ڏينهن تي شهرين جو وڏو تعداد مزار قائد تي حاضري ڀري قرآن خواني پڻ ڪندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سياسي جلسو سالگرهه تقريبن ۾رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. جنهن بعد عدالت سنڌ سرڪار ۽ مئنيجمينٽ بورڊ جي موقف کي رڪارڊ تي رکندي درخواست اڪلائي ڇڏي. هوڏانهن هڪ خابرو اداري مطابق تحريڪ انصاف لائير ونگ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف کي اڳواٽ ئي مزار قائد تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي روڪڻ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو

ٽن صوبن ڪالاباغ ڊيم کي ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي:قائم علي شاهه



ڪراچي ::سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم جي ضرورت ناهي ۽ 3 صوبن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ ان کي ملڪي آبپاشي سرشتي ۽ ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي. هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب سڄي دنيا ۾ اهو چيو پيو وڃي ته وڏن ڊيمن بدران ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ 13-هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي 77 رڪني وفد سان ملاقات ۾ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته غربت جو خاتمو صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جون رٿائون اسان جي اوليتن ۾ شامل آهن. هن چيو ته تازي برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ هن وقت به 4 سئو کان وڌيڪ پمپنگ مشينون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڏاکڻي سنڌ ۾ آبپاشي سرشتو پاڻي جي فطري لنگهن تي قبضن سبب خراب ٿيو آهي پر انهن قبضن کي ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي سولائيءَ سان سمنڊ تائين هليو وڃي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت ڪوئلي کي صوبائي معاملو قرار ڏنو آهي ٿر جي ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار جون ڪيتريون ئي رٿائون هلي رهيون آهن. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ يو اين ايڇ سي آر ڪنٽري نمائندي نيل رائيٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهگيرن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 30 لکن کان وڌيڪ پناهگير آهن جن مان 2 لک افغان پناهگير سنڌ ۾  آهن جن جي سارسنڀال سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. اهي پناهگير گهڻي ڀاڱي ڪراچي ۽ ان جي چوڌاري ڪئمپن ۾ ترسيل آهن ۽ وفاقي سرڪار ان ڏس ۾ وڌ کان وڌ امداد فراهم ڪري رهي آهي. يو اين ايڇ سي آر (پناهگيرن بابت گڏيل قومن جو ادارو) جي نمائندي خاطري ڏياري ته افغان پناهگيرن جي مسئلن جو تدارڪ ڪيو ويندو ۽ افغان پناهگير ڊسمبر 2012ع جي پڇاڙيءَ تائين پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا

جيڪڏهن فوج ميمو تڪرار جي جاچ ڪئي ته ڪو به فرق نٿو پوي:گورنر پنجاب



لاهور/لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر لطيف کوسا چيو آهي ته جيڪڏهن فوج ميمو تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ان جي پنهنجي طور تي جاچ ڪئي ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي لطيف کوسا چيو ته ميمو تڪرار ۾ فوج جيڪو به ڪردار ادا ڪيو آهي، ان تي آئين جو آرٽيڪل 6 لاڳو نٿو ٿئي، گورنر لطيف کوسا چيوته ميمو تڪرار کي خوامخواهه ڊيگهه نه ڏيڻ گهرجي ۽ جنرل جيمز جونز جي بيان کانپوءِ اهو تڪرار پنهنجي انجام تي پهچي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ميمو منصور اعجاز جو پنهنجو لکيل هو۽ ان جو مواد به اعتبار جوڳو نه آهي، گورنر کوسا چيو ته 2 مئي تي ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن خلاف آپريشن کانپوءِ معاملو ان حد تائين خراب هو جو آءِ ايس آءِ سربراهه پارليامينٽ ۾ اهو به چئي ڇڏيو هو ته هو هن ئي وقت استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن فوج جي اها صورتحال هئي ته اهو ڪيئن ٿو سوچي سگهجي ته فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لڳي آهي، هن چيو ته نواز شريف کي اهو معاملو عدالت ۾ نه کڻي وڃڻ گهرجي ها پر اهو شايد ان جي سياست جي تقاضا هئي، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته اها رٽ ٻڌڻي جي قابل به قرار نه ڏئي، هن چيو ته جيڪا پارٽي ائٽم بم جي خالق ۽ جنهن جي اڳواڻ بينظير جي دور ۾ اهڙا ميزائيل بڻايا ويا هجن، جيڪي هندستان جي آخري ڪنڊ تائين مار ڪري سگهن، اها پارٽي ائٽمي اثاثن کي ڪيئن نقصان پهچڻ ڏيندي، ميمو تڪرار سبب نه ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي لوڏو آيو آهي ۽ نه ئي وري حڪومت وڃڻ جو خدشو پيدا ٿيو آهي، اهو سڀ ميڊيا جو ڪمال هو ۽ انهن کي پنهنجا نيوز چينل هلائڻ لاءِ ڪا نه ڪا خبر ته گهربل هوندي آهي، هن چيو ته صدر ڏيهه واپس اچي چڪو آهي، هو مڪمل طور تي صحتمند آهي ۽ صدر مطابق ميمو معاملو ايترو اهم نه آهي جو صدر پاڻ ان تي پريس ڪانفرنس ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ لطيف کوسا چيو ته هو لاهور جي گورنر هائوس جي جاءِ تي ڪو اسڪول يا ٻي ڪا عمارت بڻائڻ جي خلاف آهي، گورنر هائوس پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ هڪ ثقافتي ورثو آهي، صدر ۽ وزير اعظم کانسواءِ اهم پرڏيهي شخصيتون به ان ۾ اچي ترسنديون آهن، هن چيو ته نواز ليگ جي بيوقوفي سبب عمران خان پنجاب ۾ زور پڪڙي ويو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ فيصلو ان ڳالهه جو ٿيڻو آهي ته پيپلز پارٽي جو اصل مقابلو نواز ليگ سان آهي يا وري تحريڪ انصاف سان آهي.

چونڊون ويجهو آهن، ٻن مهينن اندر ووٽر لسٽون مڪمل ڪيون وڃن:سپريم ڪورٽ



اسلام آباد:: سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته 23 فيبروري تائين جعلي ووٽ ختم ڪري حتمي ووٽر لسٽ جوڙي وڃي، جعلي ووٽر لسٽن تي چونڊون ٿيون ته پوءِ ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿيندي، چونڊ مٿان آهي ۽ ووٽر لسٽون تيار ناهن ،مقرر وقت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي هڪ سيڪنڊ به مهلت نه ڏينداسون، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ عمران خان جي جعلي ووٽن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مقرر مدي ۾ ووٽر لسٽون تيار نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي اهڙي رفتار رهي ته پوءِ ووٽر لسٽون 6 مهينن اندر به تيار نه ٿي سگهنديون ۽ لڳي ٿو ته ايندڙ اليڪشن به جعلي ووٽر لسٽن تي ٿينديون، جنهن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته جيڪڏهن ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي آهي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن کي مقرر وقت ۾ هر حال ۾ ووٽر لسٽون تيار ڪرڻيون پونديون، ان لاءِ جيڪڏهن 25 هزار ماڻهو به لڳائڻا پون ته لڳايو،

حڪومت خلاف ڪجهه به نه پيو ٿئي، اڳڪٿيون ڪندڙ واري جو انتظار ڪن:رحمان ملڪ


ڪراچي (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته حڪومت ۾ شامل اتحادي متحد ۽ منظم آهن حڪومت 5 سال پورا ڪندي ۽ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. حڪومت جي وڃڻ بابت اڳڪٿيون ڪندڙ پنهنجي واري جو انتظار ڪن. گاڏين توڙي گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ گئس سلينڊر ٺاهڻ وارين سمورين ڪمپنين بابت تفصيل گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رحمان ملڪ ڪالهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر، گهرو کاتي جي سيڪريٽري خواجا صديق اڪبر، ڊي جي ايف آءِ اي تحسين شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته گئس سلينڊر ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پر ان ۾ ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو

آمريڪا کي پاڪستان جي خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان نيٽو حملي کانپوءِ نيٽو سپلاءِ بند ڪئي، شمسي ايئربيس خالي ڪرايو ۽ بون ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو. ڪالهه هتي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي جي اهتمام هيٺ افغان پاڪستاني پارلياماني وفدن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ٽن اشوز کي آمريڪا آڏو کڻڻ چاهي ٿو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان اصول جڙندا. هن چيو ته آمريڪا کي پاڪستان جي خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ گهرجي، مستقبل ۾ ايبٽ آباد جي طرز تي ڪا به هڪ طرفي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن معتبر ۽ ڪارروائي جوڳي معلومات موجود هجي ته ان بابت ڪارروائي جي لاءِ پاڪستان کي آگاهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڊرون حملن جن سان ضمني نقصان ٿيو، اهي بند ڪرڻ گهرجن ڇو ته اهي دهشتگردن کي مقامي آبادي کان جدا ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي لاءِ انتهائي بي سود آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار، آزاد، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان چاهي ٿو، جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پاڪستان مسئلي جي حل جو حصو آهي نه وري ڪو مسئلو پيدا ڪندڙ آهي.