Friday 23 December 2011

قائداعظم جي درسگاهه سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ بابت سنڌ اسيمبلي پاران بل منظور



ڪراچي:: سنڌ اسيمبلي ڪالهه ڪراچي ۾ قائم سنڌ جي تاريخي تعليمي درسگاهه ۽ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ وارو قانوني بل يڪراءِ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ مان ٻه ٺهراءَ پڻ يڪراءِ بحال ڪيا ويا جن مان هڪ ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار غير قانوني طور خانگي مسافر گاڏين ۾ سي اين جي ڪٽس لڳائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ٻيو ٺهراءَ نوڪري ۽ پورهيو ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي جي مناسبت سان بحال ڪيو ويو، جنهن ۾ اهڙين سڀني پورهيت ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جيڪي سڀني رنڊڪن باوجود حوصلي ۽ همت سان پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيون آهن. سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ وارو قانوني بل سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر پيش ڪيو، ٺهراءَ جي يڪراءِ منظوري وقت سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي ۽ ڊيسڪ وڄائي سنڌ مدرسو قائم ڪندڙ خان بهادر حسن علي آفندي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ پير مظهر ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته سنڌ مدرسو مسلمانن جي قديمي تعليمي درسگاهه آهي جتي قائد اعظم محمد علي جناح به تعليم حاصل ڪئي. اهو ادارو خان بهادر حسن علي آفندي 1875ع ۾ قائم ڪيو هو ۽ حسن علي آفندي صدر آصف علي زرداري جو نانو هو. سنڌ جي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ خاطر هن اداري کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ به سنڌ مدرسته الاسلام جي ديوارن ۽ ڪمرن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو روح محسوس ٿئي ٿو. سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري وزير مخدوم جميل الزمان رٿ ڏني ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو هڪ ٻيو ڪئمپس سنڌ جي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ به قائم ڪيو وڃي، جيڪڏهن اها ڪئمپس هالا يا ڀٽ شاهه ۾ قائم ڪيو وڃي ته ان خاطر اسان زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. قانون واري وزير اياز سومري چيو ته جنهن  آمر اها اجائي ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ ۾ اهڙا اهل ماڻهو ناهن جن کي مرڪز ۾ اهم عهدن تي رکيو وڃي تنهن آمر کي اڄ ٻڌايون ٿا ته ڏيڍ سئو ورهيه اڳ به سنڌ ۾ ايترو شعور هو جو خان بهادر حسن علي آفندي سنڌ مدرسي جهڙو زبردست ۽ شاندار تعليمي مرڪز قائم ڪيو جتي قائد اعظم جهڙو ليڊر پڙهيو جنهن پاڪستان ٺاهيو ۽ اڄ ان جي ڪري ئي اسان هن ملڪ ۾ رهون پيا. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام لاءِ جيتري قانون سازي پيپلز پارٽي جي موجوده دور ۾ سنڌ اسيمبلي مان ڪئي وئي آهي اوتري اڳ ڪڏهن به نه ڪئي وئي آهي. پ پ جي ڊاڪٽر ستار راڄپر چيو ته نوشهروفيروز ۾ قائم قديمي سنڌ مدرسه اسڪول کي به يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. صوبائي وزير سيد سردار احمد چيو ته سنڌ مدرسي يونيورسٽي ۾ داخلا صرف ميرٽ تي ڏني وڃي. بعد ۾ اهو بل يڪراءِ منظور ڪيو ويو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي سي اين جي تي هلندڙ مسافر گاڏين ۾ سي اين جي سلينڊر لڳائڻ خلاف ٺهراءَ يڪراءِ منظور ڪري ورتو. اهو ٺهراءَ فنڪشنل مسلم ليگ جي نصرت سحر عباسي پيش ڪيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”هي ايوان سنڌ حڪومت کي سفارش ڪري ٿو ته اها وفاقي حڪومت سان لهه وچڙ ڪري چوي ته وفاقي سرڪار سي اين جي سلينڊرن تي هلندڙ خانگي مسافر گاڏين ۽ انهن ۾ غير قانوني طور سي اين جي ڪٽس لڳائيندڙ ۽ سي اين جي ڪٽس وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري جڏهن ته ڪوالٽي ڪنٽرول ۽ تحفظ جي معيار موجب نه هلندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سي اين جي سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي حياتيون ختم ٿي ويون آهن.“  ٺهراءَ بحث دوران هڪ تجويز اها به آئي ته خانگي مسافر گاڏين ۾ گئس سلينڊرن تي قلم 144 لاڳو ڪري پابندي مڙهي وڃي پر ان تي سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهرالحق سميت ٻين وزيرن ۽ اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته جيڪڏهن فوري طور قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ته اهو کٽڪو آهي ته ٽرانسپورٽر گاڏيون بند ڪري ڇڏيندا جنهن سان ماڻهو پريشان ٿيندا تنهن ڪري وفاقي سرڪار جي اپائن جو انتظار ڪيو وڃي، جيڪڏهن ان کانپوءِ ضرورت پوي ته ڀل قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو ٺهراءَ آندو وڃي. اسپيڪر چيو ته گهرو معاملن واري وفاقي وزير گئس سلينڊرن تي هلندڙ مسافرن گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته هائيڊرو ڪاربن ڊولپمينٽ ڪارپوريشن آف پاڪستان پڻ اهڙين گاڏين جي مالڪن کي 10 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو آهي ته اهي سلينڊرن جي معياري هجڻ بابت گهربل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري وٺن، ان کانپوءِ جنهن به گاڏي وٽ اهڙو سرٽيفڪيٽ نه هوندو تنهن ۾ سي اين جي نه ڀري ويندي، ٽرانسپورٽ واري وزير اختر حسين جدون چيو ته اسان ٽيمون جوڙيون آهن جيڪي خانگي مسافر گاڏين کي چيڪ ڪنديون ۽ ان کي يقيني بڻائينديون ته بسن جي ڇتن ۽ ڪُنڊن ۾ لڳل گئس سلينڊرن کي هٽايو وڃي ۽ جنهن به خانگي مسافر ٽرانسپورٽ جي مالڪ ائين نه ڪيو تنهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment