Friday 23 December 2011

ميمو وصول ڪندڙ به چيو آهي ته ان جي ساک ناهي:حسين حقاني



اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حسين حقاني کي ڪالهه ٻيهر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سخت سيڪيورٽي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو ۽ هن پنهنجي وڪيل عاصمه جهانگير سان ملاقات ڪئي، بعد ۾ هن پنهنجو جواب در جواب سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو، حسين حقاني پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته انتهائي تڪراري ۽ ناقابل اعتبار ميمو جو قومي سلامتي تي ڪو به اثر نٿو پوي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين  حقاني آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي جواب تي موقف اختيار ڪيو آهي ته ميمو وصول ڪندڙ به چيو آهي ته ان جي ڪا به ساک ناهي، آرمي چيف جو اهو چوڻ صحيح آهي ته وزيراعظم هائوس جي اجلاس ۾ مون کي گهرايو هو پر ان ملاقات کان اڳ ئي آئون صدر آصف علي زرداري کي استعيفا ڏيڻ بابت خط لکي چڪو هئس، حسين حقاني چيو ته آئون پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ان جي جوانن جو جذباتي حد تائين احترام ڪريان ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته هڪ تڪراري ميمو يا ان بابت مضمون سان پاڪ فوج جو مورال گهٽ نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان جو قومي سلامتي تي ڪو اثر پئجي سگهي، حسين حقاني ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل احمد شجاع پاشا جي جواب تي پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته منصور اعجاز جي ان دعويٰ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته هن مون کي جمهوري حڪومت ڪيرائڻ بابت نام نهاد اطلاع بليڪ بيري تي ڏنو، جنهن کي هن نظرانداز ڪيو، هن چيو ته مون کي آءِ ايس آءِ سربراهه ۽ منصور اعجاز جي ملاقات جي ڄاڻ ناهي، منصور اعجاز آءِ ايس آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو ته هن جي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات ڪرڻ پراسرار آهي، ان ملاقات جو رڪارڊ ۽ نقطا ڄاڻڻ ضروري آهن، حسين حقاني چيوته آئون ميمو جي تياري يا ان جي اجازت ڏيڻ جي الزام کان انڪار ڪيان ٿو، ميمو جي حوالي سان مون کان حڪومت پڇيو پر تاريخ ياد ناهي، هن چيو ته آئون ميمو جي معاملي تي جاچ سان اتفاق ڪيان ٿو، جيڪا قانون ۽ ضابطي موجب هجڻ گهرجي، منصور اعجاز جواب تي جواب ۾ چئي چڪو آهي ته ميمو جا نقطا هن کي حسين حقاني لکرايا.

No comments:

Post a Comment