Saturday 24 December 2011

صدر جو بينظير جي ورسي تي خطاب آخري نه هوندو، نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي آهي: بابر اعواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر اعواڻ مطالبو ڪيو آهي، ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف پاران وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي بغاوت جو الزام هڻڻ جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به غدار نه آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي وئي آهي، هو تحريڪ انصاف ۾ نواز ليگ گروپ ٺاهيندو، هن چيو ته مونکي ڀلي هٿڪڙيون هنيون وڃن، پر شهيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ انصاف خاطر پوئتي نه هٽندس ۽ مقابلو ڪنداسين، اسان به قرباني ڏيون پيا، منهنجا 2 پٽ به قرباني لاءِ تيار آهن. هن اهي ڳالهيون مقامي هوٽل ۾ بين الصوبائي کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي ميزباني ۾ ”شهيد بينظير ڀٽو چئني صوبن ۾ اتحاد جي علامت“ جي عنوان تي سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ لطيف مغل، ڊائريڪٽر انفارميشن ياسمين ميمڻ، عورت فائونڊيشن جي ربينا بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال نئين ڪنگ پارٽي ٺهندي آهي.
صدر جو 27 ڊسمبر  جو خطاب آخري نه هوندو. مونکي اعزاز آهي ته مون وزارت ڇڏي شهيد ڀٽو جو ڪيس وڙهي انصاف لاءِ جدوجهد ڪيان پيو. هن چيو ته هتي هر سال ڪنگز پارٽي ٺهي ٿي، عجيب ڳالهه آهي. هڪ وزيراعظم هتي اچي شناختي ڪارڊ ٺهرايو ۽ پوءِ بيگ کڻي ڀڄي ويو ۽ ٻيو آهيو ان کي عوام ٿڏا هڻي ملڪ کان لوڌي ڇڏيو. هن چيو ته اسان جيالا آهيون. حڪومت کان وڌيڪ ڌما ڌم مست قلندر ۾ خوش ٿيندا آهيون. پيپلز پارٽي شهيدن، غازين، مجاهدن ۽ جيالن جي پارٽي آهي، معافي گهرندڙ ڀاڄوڙڪن ۽ جهڪندڙن جي پارٽي نه آهي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي شهيد راڻي تي حملي بعد هڪ ملڪ جي سفير محترمه وٽ آئي ۽ کيس چيائين ته اسان توکي هڪ سسٽم ڏيون ٿا توهان بلاول هائوس مان ويهي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، ٻار توهان کي خطرو آهي. هن چيو ته شهيد راڻي کيس اهڙو جواب ڏنو ته مهرباني، مونکي قتل ڪيو ويندو، پر مان عوام کي نه ڇڏينديس ۽ عوام جي وچ ۾ رهنديس. بابر اعواڻ چيو ته هتي ته مڇر جي چڪ جي ڊپ کان ماڻهو جيل مان ڀڄي وڃن ٿا پر مڇر سندن پيڇو نٿا ڇڏين ۽ لاهور ۾ ڊينگي جي صورت ۾ پهچي وڃن ٿا. هن چيو ته ڪنهن کي ڀُلهه آهي ته پيپلز پارٽي کي ماريو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ماريندڙ ايوب، ضياءُ الحق ۽ ٻيا پاڻ مري مات ٿي ويا. پرويز مشرف، ٿڏجي ملڪ کان ٻاهر  بيٺو آهي پر پ پ اڄ به ماڻهن جي وچ ۾ ۽ دل ۾ آهي، ڪير به وفاق کي ٽوڙي نٿو سگهي. شهيد راڻي زندهه هئي ته 4 صوبن جي زنجير هئي ۽ شهيد ٿي ته 5 صوبن جي زنير بڻجي وئي، اسان قيامت تائين عوام خاطر وڙهنداسين. لاهور، لاڙڪاڻو، لياري، پشاور ۾ وڙهنداسين، اسان وٽ شهيد بينظير جو هٿيار ”جمهوريت“ سڀ کان وڏو بدلو آهي“ موجود آهي. اسين 20 ڪروڙ عوام جي تقدير جي ڳالهه ڪريون ٿا. مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن بعد افواهه ختم ٿي ويندا، هن چيو ته اڄ اسان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، جمهوريت کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي، اسان پاڪستان کي ترقي يافتا ملڪ بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو آئين کي مڃي ٿو انهن ۾ ڪو به غدار نه آهي. هن نواز شريف ڏي اشارو ڪندي چيو ته پهريان ئي اهو عدالت ۾ ويو ۽ ڪالهه وري شهباز شريف وزيراعظم کي غدار ڪوٺيو آهي. هن چيو ته اها ڪهڙي راند آهي، اگر سياست ڪئي وڃي ٿي ته جرئت ڪئي وڃي، نه ته مخدوم توهان کي ڇڏي ويندا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جو دلير آهي ۽ پاڪستان کپي جو باني آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ عوام جي مرضي هلي، چور دروازي وارن لاءِ چور دروازا بند ٿي چڪا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي صدر کي هٽائڻ جو شوق آهي ته پارليامينٽ ۾ اچي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت ڏيکاري. هن چيو ته پنجاب ۾ لوٽن جي حڪومت آهي ۽ لوٽا تِرڪي به ويندا آهن.- ان موقعي تي سنڌ جي بين الصوبائي کاتي جي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته شهيد ڀٽي کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو پيپلز  پارٽي کي سنڀاليو ۽ سياسي شعور تحت عروج تي پهچايو، هن چيو ته مونکي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ياد اچي پئي ته جنهن پاڻ تي ٿيل آپگهاتي حملن جي پرواهه نه ڪئي، سندس ور کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو جنهن کي به برداشت ڪيو. هن چيوته نواز شريف سنڌ سان  ٿيل سمورين زيادتين جو ذميوار آهي، سنڌ جا شهر ويران آهن، سموريون رٿائون ختم ڪري شهرن کي ويران ڪيو ويو، هن چيو ته اليڪشن جيئن ويجهو آئي ته شهيد راڻي کي شهيد ڪيو ويو. نواز شريف ان شهادت جي آڙ وٺي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان ڀڄي ويو، صدر آصف علي زرداري لاهور وڃي کيس راضي ڪيو ۽ اڄ سندن پنجاب جي حڪومت پيپلز پارٽي جي صدقي آهي، هن چيو ته آصف علي زرداري ڪٽر دشمنن کي به پاڻ سان گڏ تخت ۽ تاج تي ويهاريو پر کيس ڇڏي ويندڙ يتيم ٿي ويا پر ڪوڙي انا رکندا پيا اچن.- صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو بهادر عورت هئي، جنهن محبت ۽ خوشين کي عوام ۽ جمهوريت خاطر تُرڪ ڪري شهادت ماڻي. شهيد راڻي اڄ جسماني طور تي نه پر روحاني طور تي اسان سان گڏ آهي، هن چيو ته اڄ به ”چئني صوبن جي زنجير بينظير“ جو نعرو زندهه آهي. هن چيو ته جيستائين دم آهي اسان جا ڪارڪن ۽ عوام شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ کڻي اڳتي وڌندا رهندا.- بلوچستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزير رقيه هاشمي چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ رت ڏنو ۽ اَمر ٿي وئي، محترمه جدوجهد ڪري جمهوريت دشمنن کي لوڏي ڇڏيو هو. بينظير شخصيت ۽ عهد جو نالو هئي. شهادت ڀٽو خاندان تي ناز ڪري ٿي، - مرزا اختيار بيگ چيو ته پيپلز پارٽي کي اعزاز آهي، ته ارڙهين ترميم ڪري صوبن کي خودمختياري ۽ وسيلا منتقل ڪيا، شهيد بينظير ڀٽو جو خواب پ پ حڪومت پورو ڪيو آهي، سيڪريٽري بين الصوبائي وزارت ڊاڪٽر ڪليم لاشاري چيو ته رياست وچ ۾ رابطي جي کوٽ نه هجڻ گهرجي. جڏهن اها کوٽ پيدا ٿيندي ته صوبن ۾ بداعتمادي پيدا ٿيندي آهي.

No comments:

Post a Comment