Friday 23 December 2011

اداڪارائون ۽ سنگرز سال 2012ع مان تمام گهڻون پراميد



ڪراچي(رپورٽ:مصطفيٰ ملاح) سال 2011ع جتي زندگي جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خوشين سان گڏ ڏک به ڏنا ته اتي شوبز واري شعبي ۾ڪن  اداڪارائن کي به خوشيون ته ڪن کي وري ڏک به ڏنا آهن. اداڪاره ماريه جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون کي بي پناهه خوشيون ڏنيون ۽ ان سان گڏ مون کي اهڙو ڏک به ڏئي ويو، جيڪو مون کي پوري عمر وسري نٿو سگهي. سال 2011ع ۾ منهنجي امڙ جو انتقال ٿيو پر انهيءَ سال ۾ مون عمري جي سعادت ماڻي جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ۽ ترڪي به ويس، هن چيو ته ايندڙ سال 2012ع ۾ دبئي وڃڻ جو ارادو آهي. اداڪاره طاهره ڀٽو چيو ته سال 2011ع تمام گهڻا ڏک ڏنا آهن ۽ تڪليفون ڏنيون پر نئين سال ۾ 18 مارچ تي شادي ڪندس ۽ نئين زندگي جي شروعات ڪندس. اداڪاره سونيا چانڊيو چيو ته 2011ع ۾ منهنجو پيءُ وفات ڪري ويو جنهن جو ڏک هميشه رهندو. هاڻ سال 2012ع ۾ ٻيهر اسڪرين تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اداڪاره امبر جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون لاءِ ايترو خاص نه رهيو. ڇو ته منهنجي ڀيڻ جي بيبي جي وفات ٿي ۽ ايندڙ سال 2012ع لاءِ ڪا خاص پلاننگ ڪونه ڪئي آهي، بس مان چاهيان ٿي پنهنجي فيملي سان گڏ رهان، اداڪاره گل بلوچ چيو ته سال 2011ع ۾ انهن ماڻهن جي مهرباني جن مون کي پنهنجو ڪري ۽ ڇڏي ڏنو ۽ مون کي احساس ڏياريو ته دنيا ۾ هر شئي پنهنجي ناهي هوندي. 2011ع ۾ مهرباني انهن ماڻهن جي به جن مون کان نفرت به ڪئي ڇو ته انهن مون کي مضبوط بڻايو. گلوڪاره مهتاب ڪنول چيو ته 2011ع مون لاءِ ايترو سٺو نه رهيو ڇو ته ڪجهه فيملي مسئلا رهيا جنهن ڪري پريشانيون آيون ۽ سال 2011ع ۾ مان فيملي سان گڏ عمري جي سعادت به ماڻي، جيڪو مون لاءِ سال 2011ع جو وڏو تحفو هو. 2012ع لاءِ پلاننگ ڪابه ڪونه ڪئي آهي نه ئي ڪندي آهيان، جيڪڏهن پلاننگ ڪندي آهيان ته پوءِ اهي ڪونه ٿيندا آهن پر سال 2012ع مان اها اُميد  آهي ته سٺو ثابت ٿئي. اداڪاره اعظميٰ علي چيو ته سال 2011ع ۾ منهنجو خواب پورو ٿيو، سال 2011ع مون لاءِ تمام سٺو گذريو ۽ خوشيون کڻي آيو، اداڪاره ريحانه تبسم چيو ته سال 2011ع مون لاءِ کٽو مٺو ثابت ٿيو، ڪو خاص نه رهيو پر سال 2012ع لاءِ مون پلاننگ نه ڪئي آهي ڇو ته مان توڪل تي هلڻ واري آهيان ڪابه رٿابندي نه ڪندي آهيان. گلوڪاره شهنيلا علي چيو ته سال 2011ع مون لاءِ خوشين ڀريو ثابت ٿيو ۽ 2012ع لاءِ به اها دعا ڪيان ٿي ته خوشين ڀريو رهي، جڏهن ته سال 2011ع ۾ ڀارت ۾ سرن جي ورکا ڪري آيس، تمام گهڻي خوشي ٿي. اداڪاره نجمه ڪاوش چيو ته سال 2011ع منهنجي زندگي ۾ اهم تبديلي آندي، اداڪاره مان گلوڪاره بڻجي ويس ۽ مقبوليت ملي وئي، تمام گهڻو خوش آهيان. اهڙي طرح سال 2012ع ۾ اداڪاري سان گڏوگڏ وڌيڪ ڳائڻ تي ڌيان ڏبو.

No comments:

Post a Comment