Thursday 22 December 2011

جيڪڏهن فوج ميمو تڪرار جي جاچ ڪئي ته ڪو به فرق نٿو پوي:گورنر پنجاب



لاهور/لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر لطيف کوسا چيو آهي ته جيڪڏهن فوج ميمو تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ان جي پنهنجي طور تي جاچ ڪئي ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي لطيف کوسا چيو ته ميمو تڪرار ۾ فوج جيڪو به ڪردار ادا ڪيو آهي، ان تي آئين جو آرٽيڪل 6 لاڳو نٿو ٿئي، گورنر لطيف کوسا چيوته ميمو تڪرار کي خوامخواهه ڊيگهه نه ڏيڻ گهرجي ۽ جنرل جيمز جونز جي بيان کانپوءِ اهو تڪرار پنهنجي انجام تي پهچي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ميمو منصور اعجاز جو پنهنجو لکيل هو۽ ان جو مواد به اعتبار جوڳو نه آهي، گورنر کوسا چيو ته 2 مئي تي ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن خلاف آپريشن کانپوءِ معاملو ان حد تائين خراب هو جو آءِ ايس آءِ سربراهه پارليامينٽ ۾ اهو به چئي ڇڏيو هو ته هو هن ئي وقت استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن فوج جي اها صورتحال هئي ته اهو ڪيئن ٿو سوچي سگهجي ته فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لڳي آهي، هن چيو ته نواز شريف کي اهو معاملو عدالت ۾ نه کڻي وڃڻ گهرجي ها پر اهو شايد ان جي سياست جي تقاضا هئي، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته اها رٽ ٻڌڻي جي قابل به قرار نه ڏئي، هن چيو ته جيڪا پارٽي ائٽم بم جي خالق ۽ جنهن جي اڳواڻ بينظير جي دور ۾ اهڙا ميزائيل بڻايا ويا هجن، جيڪي هندستان جي آخري ڪنڊ تائين مار ڪري سگهن، اها پارٽي ائٽمي اثاثن کي ڪيئن نقصان پهچڻ ڏيندي، ميمو تڪرار سبب نه ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي لوڏو آيو آهي ۽ نه ئي وري حڪومت وڃڻ جو خدشو پيدا ٿيو آهي، اهو سڀ ميڊيا جو ڪمال هو ۽ انهن کي پنهنجا نيوز چينل هلائڻ لاءِ ڪا نه ڪا خبر ته گهربل هوندي آهي، هن چيو ته صدر ڏيهه واپس اچي چڪو آهي، هو مڪمل طور تي صحتمند آهي ۽ صدر مطابق ميمو معاملو ايترو اهم نه آهي جو صدر پاڻ ان تي پريس ڪانفرنس ڪري، هڪ سوال جي جواب ۾ لطيف کوسا چيو ته هو لاهور جي گورنر هائوس جي جاءِ تي ڪو اسڪول يا ٻي ڪا عمارت بڻائڻ جي خلاف آهي، گورنر هائوس پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ هڪ ثقافتي ورثو آهي، صدر ۽ وزير اعظم کانسواءِ اهم پرڏيهي شخصيتون به ان ۾ اچي ترسنديون آهن، هن چيو ته نواز ليگ جي بيوقوفي سبب عمران خان پنجاب ۾ زور پڪڙي ويو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ فيصلو ان ڳالهه جو ٿيڻو آهي ته پيپلز پارٽي جو اصل مقابلو نواز ليگ سان آهي يا وري تحريڪ انصاف سان آهي.

No comments:

Post a Comment