Friday 23 December 2011

صدر استثنيٰ چاهي ٿو ته عدالت سان رجوع ڪري،جواب داخل نه ڪرڻ جا سبب ڏيڻا پوندا:سپريم ڪورٽ



اسلام آباد(رپورٽ: گوهر گهانگهرو) سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته صدر هن ڪيس ۾ جواب داخل ناهي ڪرايو، قانون جو اصول اهو آهي ته ڪنهن وڏي عهدي تي ويٺل شخص تي ڪو الزام لڳي وڃي ته ان کي جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن صدر استثنيٰ  چاهي ٿو ته اهو عدالت سان رجوع ڪري، چيف جسٽس چيو ته مشرف دور ۾ مون تي الزام لڳا ته مان به ته جواب ڏنو هو، حسين حقاني راضي ٿئي ته ميمو معاملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙينداسون، سپريم ڪورٽ صدر طرفان جواب داخل نه ڪرڻ بابت چيو ته جيڪڏهن کيس ائين ڪرڻو آهي ته ان جا سبب ڏيڻا پوندا، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ميموگيٽ اسڪينڊل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، نوازشريف جي وڪيل رشيد اي رضوي درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت دليل ڏيندي چيو ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه ميمو جي معاملي کي اهم قرار ڏنو
۽ چيو ته آرمي چيف جي جواب جي پيرا 9 انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر، وزيراعظم آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾  حسين حقاني کي سڏايو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها اهم ڳالهه آهي ته ان ۾ اهم شخصيتون موجود هيون، رشيد اي رضوي چيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي جواب ۾ معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حسين حقاني به جاچ ڪرائڻ جو چيو آهي، اسان ڪنهن تي الزام نٿا هڻون پر اهو چئون ٿا ته ميمو معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، نوازشريف ته ڪڏهن به فوجي حڪومت جي حمايت ناهي ڪئي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري عاصمه جهانگير کي چيو ته اوهان حلفيه بيان جمع ناهي ڪرايو، جنهن تي عاصمه جهانگير چيو ته مون کي حسين حقاني سان ملاقات جو مسئلو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اهو حلفيه بيان جمع نه ڪرائي سگهيو آهيان، عاصمه جهانگير چيو ته مان هن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات نه ڪندس، جنهن تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته اوهان حسين حقاني کي سپريم ڪورٽ ۾ موجود اٽارني جنرل آفيس ۾ سڏائي ملاقات ڪرايو، چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇيو ته حسين حقاني ڪٿي آهي، جنهن تي هو خاموش رهيو، جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته ڇا حسين حقاني آزاد ناهي، اٽارني جنرل چيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ موجود آهي ۽ سيڪيورٽي جي ڪري کيس اتي رکيو ويو آهي، چيف جسٽس عاصمه جهانگير کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جي هوندي اوهان جي مئوڪل کي ڪجهه نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن هو وزيراعظم هائوس ۾ آهي ته پوءِ به محفوظ آهي، 2 وڳي حسين حقاني کي بلٽ پروف گاڏي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو، عاصمه جهانگير چيو ته ميمو سياسي معاملو آهي، سپريم ڪورٽ کي سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان علاوه پارليامينٽ جي ڪاميٽي به ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي، اسان پهريان به چئي چڪا آهيون ته ڪاميٽي سان معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ٻيو ته ميمو واري معاملي ۾ فوجداري ۽ سول ٻئي الزام آهن، اچڪزئي ڪيس ۾ اهو طئي ٿي چڪو آهي ته سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪرائي سگهي ٿي، جڏهن ته اسان رينٽل پاور منصوبن ۽ ريلوي ڪيس جي انڪوائري ڪرائي سگهون ٿا ته هن ڪيس جي انڪوائري ڇو نٿا ڪري سگهون، عاصمه جهانگير چيو ته هن وقت تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ميمو ليڪ ڪنهن ڪيو آهي ۽ معاملي جي پسمنظر ۾ ممڪن فوجي بغاوت جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، مان ضابطي موجب انڪوائري جي حق ۾ آهيان، جيڪڏهن عدالت جي دائري اختيار ۾ آهي ته هو جاچ ڪري وڏي عدالت مان انصاف جي توقع آهي، چيف جسٽس چيو ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين حسين حقاني خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس اهو به چيو ته جوڊيشل ڪميشن تڏهن جوڙينداسين جڏهن حسين حقاني ان لاءِ اتفاق ڪري، ان سلسلي ۾ جيستائين ٿي سگهيو عدالت پنهنجا اختيار استعمال ڪندي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته ميمو معاملي جو جائزو وٺندڙ پارلياماني ڪاميٽي لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، ڇو ته ان ۾ فوجداري الزام به شامل آهي،جنهن کي ڪارروائي جو اختيار صرف عدالت کي آهي، عدالت عاصمه جهانگير کي هدايت ڪئي ته ميمو ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ بابت حسين حقاني جي جواب بابت آگاهه ڪيو. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته مان عدالت ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ دفاع واري وزارت جي نمائندگي نه ڪندس، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان فوج جي نمائندگي نه ڪندا ته پوءِ ڪير ڪندو؟ اٽارني جنرل چيو ته مان عدالت ۾ گهرو وزارت، قانون جي وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جو جواب ڏيندس، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته صدر جواب داخل نه ڪرايو، قانون جو اصول اهو آهي ته ڪنهن عهدي تي ويٺل شخص تي ڪو الزام هجي ته ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن صدر استثنيٰ چاهي ٿو ته اهو عدالت سان رجوع ڪري ۽استثنيٰ گهري، چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف دور ۾ منهنجي خلاف ريفرنس آيو ته مان به جواب ڏنو هو، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي. هوڏانهن ميمو ڪيس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ منصور اعجاز حلفيه بيان جڏهن ته وفاقي حڪومت جواب در جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته صدر پاڪستان نه جواب داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي جواب جمع ڪرائڻ  بابت ڪو يقين ڏياريو آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ حلفيه بيان ۾ چيو آهي ته هوپنهنجي تحريري بيان تي قائم آهي ته ميمو هڪ حقيقت آهي ۽ ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته هن برطانوي اخبار ۾ شايع ٿيل خبرن کي رد ڪيو ۽ چيو ته هن صدر کي هٽائڻ بابت عرب ملڪن جي سربراهن کان منظوري وٺڻ بابت ڪا به گفتگو ناهي ڪئي، جڏهن ته منصور اعجاز پنهنجي حلفيه بيان ۾ چيو آهي ته هو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي بيان سان اتفاق ڪري ٿو ۽ ميمو بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي، حسين حقاني سان 9 ۽ 10 مئي تي رابطي ۾ رهيو، ميمو جو ٽيڪسٽ موڪليو ۽ ساڻس ڪيترائي ڀيرا رابطو ٿيو، منصور اعجاز موجب هو پنهنجو ليپ ٽاپ ۽ ڊائري جي فرانزڪ جاچ ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن ته عدالت طلب ڪري ته هو پيش ٿيڻ لاءِ به تيار آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران داخل ڪيل جواب در جواب ۾ پهريان داخل ڪيل جواب کي ورجايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ميمو معاملي تي درخواست جي ٻڌڻي نٿي ڪري، عدالت جو اهو اختيار ئي ناهي، ڇو ته اهو معاملو پهريان ئي پارلياماني ڪاميٽي وٽ موجود آهي، ميمو جو صدر ۽ وزيراعظم سان ڪو تعلق ڪونهي، جڏهن ته حسين حقاني تي اهو الزام عائد ٿيو ته هن استعيفا ڏني ۽ صفائي پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ميمو هڪ مفروضي تي ٻڌل آهي، جڏهن ته منصور اعجاز بابت خبرون آهن ته هو اعتبار جوڳو شخص ناهي

No comments:

Post a Comment