tag:blogger.com,1999:blog-52060996408857010852024-02-07T22:01:09.756-08:00HakimjanSindhi/Urdu/English/News
Songs/Dramaa/Film/Funny Videos/Etc.Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.comBlogger69125tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-26770009767297732402011-12-24T22:29:00.001-08:002011-12-24T22:29:30.555-08:00سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ جو سوچيون پيا:ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان 24 ڪلاڪن تائين صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي گئس جي فراهمي بند رهندي، جڏهن ته پيٽروليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته گهريلو صارفين کي گئس جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سوئي سدرن گئس ڪمپني سردي جي موسم ۾ گئس لوڊ مئنيجمينٽ شيڊيول تي عملدرآمد ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس کي هفتيوار بندش واري فيصلي تحت اڄ آچر جي صبح نائين وڳي کان سومر جي صبح نائين وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رکندي. هوڏانهن پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسن ڪالهه هتي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، گهريلو صارفين کي گئس جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي هڪ مهيني لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گئس جي طلب ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن سبب گهربل طلب موجود ناهي. هن چيو ته هن وقت به صارفين کي گئس جو پريشر گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند ڪري مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-90023015953522802742011-12-24T22:28:00.002-08:002011-12-24T22:28:58.417-08:00ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي جو 8 لک 90 هزار رپيا ماهوار پئڪيج!

ڪراچي :: سنڌ حڪومت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين شاهه کي ڏنل ماهوار مالي پئڪيج کي 6 لک رپين مان وڌائي 8 لک 90 هزار رپين تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي منظوريءَ سان سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي وڌائي مالي سهولتون ڏيڻ جو 7 ڊسمبر 2011ع تي نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد جي 20هين گريڊ جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل رٽائر جنرل سيد افتخار حسين شاهه 22 هين گريڊ جي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن سميت سڀني کان وڌيڪ مالي سهولتون حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازم بڻجي ويو آهي نه صرف ايترو پر تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪانٽريڪٽي بنياد تي ڀرتي ٿيل ڪنهن به آفيسر کي ايڏو وڏو مالي پئڪيج ناهي مليو.
ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 30 مارچ 2011ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين کي 6 لک رپين جي مجموعي مالي پئڪيج تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو مقرر ڪيو. ان نوٽيفڪيشن ۾ هن جي ڪانٽريڪٽ جو ڪوبه مدو مقرر ٿيل نه هو. 16 مئي 2011ع تي صوبائي حڪومت هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيس 6 لک رپين واري مجموعي مالي پئڪيج (جنهن ۾ هائوس رينٽ ۽ ٻيون سڀ سهولتون به شامل هيون) کان الڳ هڪ لک 20 هزار رپين کان هڪ لک 40 هزار رپين تائين مسواڙ تي رهائشگاهه حاصل ڪرڻ لاءِ هائوس رينٽ طور ڏيڻ جي به سهولت ڏئي ڇڏي. سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي طرفان 7 ڊسمبر 2011ع تي هڪ نئون نوٽيفڪيشن نمبر SOI (SGA & CD)1/8/2011 موجب ان عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي سندس مقرريءَ جو مدو 3 سال هوندو، جيڪو وڌائي 5 سال به ڪري سگهبو. سندس ماهوار پگهار وارو مالي پئڪيج 6 لک رپين بدران ساڍا ست لک رپيا هوندو. جڏهن ته هڪ لک 20 هزار رپين کان هڪ لک 40 هزار رپين تائين کيس ماهوار هائوس رينٽ طور پڻ ڏنا ويندا ۽ سندس هائوس رينٽ ۾ هر سال 10 سيڪڙو واڌ پڻ ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايتري ماهوار مسواڙ وارو گهر ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ايم ڊي کي فراهم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ هائوس رينٽ واري رقم کيس پگهار واري رقم کانسواءِ روڪ صورت ۾ ڏني ويندي. اهڙي طرح هو مجموعي طور تي سرڪار کان 8 لک 90 هزار رپيا روڪ ماهوار حاصل ڪري سگهندو. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هائوس رينٽ واري سهولت کانسواءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي گهر جي بجلي، گئس، پاڻي، ٽيلي فون ۽ هر قسم جي يوٽيلٽي سروسز جو خرچ پڻ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ڀريندو ۽ اهي سهولتون هن کي 22 هين گريڊ جي چيف سيڪريٽري سنڌ جيتريون حاصل هونديون، جن جي ڪابه حد مقرر ٿيل ڪونهي. ساڳئي وقت ايم ڊي جي گهر تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو خرچ به سرڪار برداشت ڪندي. انهيءَ کانسواءِ هن کي سرڪاري خرچ تي مفت طبي علاج جي سهولت به حاصل هوندي. نوٽيفڪيشن موجب ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ٻه سرڪاري گاڏيون رکي سگهندو. جن جي تيل ۽ ڊرائيورن جو خرچ به سرڪار برداشت ڪندي. جڏهن ته سفري سرگرمين لاءِ کيس ٽريولنگ الائونس واري مالي سهولت ان کان الڳ حاصل هوندي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران ٺٽي ضلعي ۾ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ لاءِ قائم ڪيل ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو هڪ اهڙو خودمختيار ادارو آهي جنهن کي پنهنجا فنڊ پاڻ پيدا ڪري هلائڻو آهي پر جنهن رٿا لاءِ هي ادارو قائم ڪيو ويو آهي اها رٿا شروع ٿيڻ ۽ اداري پاران ڪي فنڊ پاڻ پيدا ڪرڻ کان پهريان ئي سنڌ حڪومت پنهنجي خزاني مان گذريل 2 سالن کان اداري کي هلائي رهي آهي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-56904012339222949622011-12-24T22:28:00.000-08:002011-12-24T22:28:06.363-08:00چيف جسٽس طرفان خاص عدالتن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر

ڪراچي (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن توڙي پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بهتر نموني عملدرآمد ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهر ۾ امن امان بحال ٿيو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ٻين ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جون رونقون ۽ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي سگهيون آهن، چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت ڪندي سندن خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جهڙا معمولي ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته اهڙي رعايت قانون جي خلاف آهي،
ڪالهه ڇنڇر ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ واري فيصلي تي عملدرآمد توڙي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل خاص عدالتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بابت سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ سڏايل اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس طارق پرويز، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم، دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن جي انتظامي جج جسٽس سجاد علي شاهه، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڊاڪٽر فقير محمد، سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ، سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ، رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل چوڌري اعجاز، سنڌ جي آءِ جي سيد مشتاق شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي شروع ٿيندي ئي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ کان خاص عدالتن ۽ پراسيڪيوشن جي ڪارڪردگي بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ شهادت اعواڻ ٻڌايو ته سنڌ جي 11 خاص عدالتن ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن جن مان 323 ڪيس رڳو ڪراچي جي خاص عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ڄاڻايل عدالتن جي 11 ججن مان 9 سيشن ججز ۽ 2 ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيل آهن، هن چيو ته ڄاڻايل عدالتن مان 9 عدالتون ڳچ عرصي تائين خالي پيل هيون. هن چيو ته خاص عدالتن هلندڙ سال جنوري کان نومبر تائين 238 ڪيس اڪلايا آهن پر وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ ڪراچي ۾ خاص عدالتن جو تعداد وڌائي 10 ڪيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس 11 سئو کان وڌيڪ ڪيسن جي التوا ۾ پيل هجڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته خاص عدالتن ۾ ڪيسن جي وقت سر اڪلاءُ لاءِ پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جو سهڪار انتهائي لازمي آهي. اسان خاص عدالتن کي سهولتون مهيا ڪري سگهون ٿا پر انهن جي ڪارڪردگي جاچ ۽ پراسيڪيوشن جي سهڪار سان بهتر ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وڌيڪ چيو ته خاص عدالتن ۾ ڪيسن جا چالان دير سان پيش ڪيا وڃن ٿا. استغاثه توڙي جوابدارن جا وڪيل ڪيسن کي ملتوي ڪرائيندا رهيا آهن جنهن ڪري ڪيسن جي اڪلاءُ ۾ دير ٿي رهي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جا خطرا پاڻمرادو نوٽيس واري ڪارروائي دوران 5 رڪني بئنچ آڏو به آيا هئا جنهن دوران عدالت پوليس ۽ رينجرز کي واضع هدايت ڪئي هئي ته بدامني جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڏوهارين کي جيلن ۾ اماڻي سگهجي، چيف جسٽس چيو ته عدالت اهو پڻ چيو هو ته رينجرز شهر ۾ نو گوايريا ختم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪري. گڏجاڻي دوران ٻڌايو ويو ته 98ع کان هن وقت تائين 30 مختلف ڏوهارين کي موت جي سزا ڏنل آهي جن مان 26 خاص عدالت مان ۽ 4 ٻين عدالتن مان سزا ٻڌائي وئي پر انهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي جنهن تي پاڪستان جي اٽارني جنرل گڏجاڻي کي يقين ڏياريندي چيو ته هو اهو معاملو اختيارين تائين پهچائيندو ته جيئن ڄاڻايل موت جي سزا کائيندڙ جوابدارن جي رحم وارين اپيلن جو ترت فيصلو ٿي سگهي. ان موقعي تي سنڌ جي آءِ جي سيد مشتاق شاهه رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جا 240 ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 291 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 130 ڪيسن جا چالان به عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل بااثر ڏوهارين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سگهجي پيو پر پوليس ساڻن رعايت ڪندي عام عدالتن ۾ ڪيس اماڻيا جنهن ۾ اهي ضمانت تي آزاد ٿي ويا آهن، آءِ جي سنڌ سيد مشتاق شاهه ٻڌايو ته هڪ جوابدار محمد سليم عرف ڇوٽو کي اهڙي رعايت ڏيڻ بابت ڄاڻ ملي آهي جنهن تي ايس پي راجا عمر خطاب خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪيس هوندو ته ان کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فرقيواراڻين، لساني ۽ سياسي دٻاءُ جي مزاحمت ڪندي قانون مطابق فرض انجام ڏيڻ گهرجن

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-16184648464727012762011-12-24T22:25:00.000-08:002011-12-24T22:25:21.747-08:00بنون ويجهو اسڪائوٽ مرڪز تي آپگهاتي حملو، 9 ايف سي اهلڪار شهيد،چيڪ پوسٽ تباهه

پشاور:: ٻنون ويجهو ميران شاهه روڊ تي ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪارشهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، سرڪاري ذريعن توڙي اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح جو سوير 5 لڳي 36 منٽن تي ڪار سوار آپگهاتي حملي آور ٽوچي اسڪائوٽ جي مرڪز تي حملو ڪيو ۽ گاڏي گيٽ وٽ قائم چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، آپگهاتي حملي سبب ايف سي جي چيڪ پوسٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ انتهائي زوردار ڌماڪو ٿيو، آپگهاتي حملي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي مڪمل طور تي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ امدادي سرگرميون شروع ڪيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب آپگهاتي حملي ۾ ايف سي جا 9 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ ٻنون منتقل ڪيو ويو، مقامي ماڻهن موجب آپگهاتي حملي بعد ڪجهه منٽن تائين فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو، هوڏانهن ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو علائقي ۾ ڪيترن ئي گهرن جا دروازا ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب آپگهاتي حملي ۾ 200 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، هوڏانهن آپگهاتي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان قبول ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پشاور جي ارمڙ واري علائقي ۾ رانديڪي ۾نصب ڪيل بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 13 سالن جو نينگر مارجي ويو.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-5191383133056847602011-12-24T22:23:00.001-08:002011-12-24T22:23:58.349-08:00پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، همدرديون تحريڪ انصاف سان آهن: اعتزاز

لاهور(مانيٽرنگ ڊسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته پ پ ڇڏڻ جو ارادو ناهي، منهنجون دعائون ۽ همدرديون تحريڪ انصاف سان گڏ آهن، لاهور ۾ قائداعظم ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته تحريڪ انصاف کي ٽين قوت مڃون ٿا، اها پهرين يا ٻي قوت بڻجي سگهي ٿي، هن چيو ته جاويد هاشمي سٺو سياستدان آهي، هن پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جهڪڻ يا وڪامڻ وارو ناهي، جاويد هاشمي ليگ (ن ) کي حڪومت ۾ رهندي ئي ڇڏيو آهي، اعتزاز احسن چيو ته عدليه جي تصديق ۽ توثيق کانسواءِ مارشلا نه ٿي لڳي سگهي، هن چيو ته خدا ڪري 27 ڊسمبر به خيريت سان گذري وڃ

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-55714735294181631762011-12-24T22:19:00.001-08:002011-12-24T22:19:46.511-08:00جاويد هاشمي تحريڪ انصاف ۾ شامل، نواز ليگ ڪارڪنن جون منٿون، اوڇنگارون، ڌرڻو

ڪراچي /لاهور(رپورٽ: مجيد عباسي/ضياءُ قريشي امداد سوڍر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي مسلم ليگ (ن) کي خير آبادي چوندي. تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست جو به چيمپئين آهي، نواز ليگ سان منهنجي ڪا به ڪاوڙ نه آهي، پر تحريڪ انصاف ۾ ويهي حق جي جنگ جي وڙهندس. هن چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي جي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پاڪستان ۾ ڪير به محفوظ نه آهي، اسان پاڪستان کي محفوظ بڻائينداسين ۽ ان مقصد لاءِ ملڪ جو عوام هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي،
جنهن جو مقصد خوشحال پاڪستان آهي. صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته مان پاڪستان خاطر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو آهيان، هن چيو ته ملڪ کي ڦورن ۽ چورن کان بچائڻو آهي، 31 سالن جي سياست ۾ ڳجهن هٿن جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ نه ڏني. هن چيو ته مون کانپوءِ منهنجي نياڻي ميمونه هاشمي به نواز ليگ ۾ به نه رهندي. نواز شريف نواز ليگ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي هئي،هن چيو ته عمران خان منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر هو. نواز ليگ ڇڏڻ سبب ڏک اٿم ڇو ته منهنجو ڪنهن سان به اختلاف نه هو، رڳو پارٽي پاليسين سان اختلاف هيم مونکي پنهنجي ورڪرن جو احساس آهي، هو منهنجي پيرن تي ڪري پيا، پر پاڪستان خاطر انهن کي نظر انداز ڪرڻو پيو. هن چيو ته ڪارڪن جتي به آهن اسان جو اثاثو آهن، مون تحريڪ انصاف ۾ شموليت لاءِ ڪا ڊيل نه ڪئي آهي.عمران خان مونکي چيو ته مان توهان وٽ پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ لاءِ آهيو آهيان جنهن تي مون غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ نواز شريف سان گڏ هئس، اسان لاهور پهتاسين ته هن مونکي گاڏي ۾ ويهاريو،منهنجو ساڻس ڪو به جهگڙو نه ٿيو هو، مان رڳو اهو ڄاڻان ٿو ته ملڪ کي گهوٽالي مان تحريڪ انصاف ڪڍي سگهي ٿي. عدليا جي بحالي جي تحريڪ ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن اڳيان هئا، مون پارٽي جي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو ۽ ورڪرن کي ٻڌايو هو ته هن کلي طور تي چيو ته اسان اصولن لاءِ جنگ وڙهنداسين، هن شريف ڀائرن سان جهڳڙي بابت پڇيل سوال تي چيو ته منهنجو وزيراعليٰ پنجاب سان ڪو به جهيڙو نه آهي هو منهنجو رڳو ڀاءُ نه پر تڪليفن جو دوست آهي، جنهن منهنجو هميشه پروٽوڪول سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ انقلاب اچي پيو. ماڻهو اقتدار ڇڏي نظريي تي اچي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته 35 سالن کان ماڻهو مونکي سڃاڻن ٿا ته مان ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه پيو اچان، هن وقت تائين ڪير به ڪجهه نه ڪري سگهيو ته هاڻ ڪير ڇا ڪندو. لاهور جي جلسي ۾ اڍائي لک ماڻهو هئا ۽ اڄوڪي ڪراچي واري جلسي ۾ عوام آرگنائيزيشن ڏسندي. هن چيو ته ڳجهو هٿ رڳو الله تعاليٰ جو آهي. هوڏانهن ڪالهه صبح سان ئي جاويد هاشمي کي نواز شريف جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو ته هن فورن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شموليت جي اعلان ڪرڻ تي نواز ليگ جي قيادت رستي تان ئي ملتان جي نوازليگ جي ڪارڪنن کي فون ڪيو ته ڪهڙي به صورت ۾جاويد هاشمي کي ڪراچي وڃڻ نه ڏيو، اسان رستي ۾ آهيون، ان کي ملتان ۾ روڪي وٺو چون ٿا ته ملتان جي سڄي قيادت ۽ هڪ صوبائي وزير جاويد هاشمي جي گهر پهچي ويا ۽ ان کي ڪراچي نه اچڻ لاءِ منٿون ڪيون، ۽ ان جي پيرن تي ڪري پيا، پر جاويد هاشمي گهر جي پٺين دروازي کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارڪنن ان جي گاڏي جي هيٺان ليٽي پيا، ايستائين جو ملتان تي به ڪيترائي ڪارڪنن اوڇنگارون ڏيندا رهيا
Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-33146571400638082542011-12-24T22:14:00.000-08:002011-12-24T22:14:01.518-08:00صدر جو بينظير جي ورسي تي خطاب آخري نه هوندو، نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي آهي: بابر اعواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر اعواڻ مطالبو ڪيو آهي، ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف پاران وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي بغاوت جو الزام هڻڻ جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪو به غدار نه آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان نواز شريف جي زوال جي شروعات ٿي وئي آهي، هو تحريڪ انصاف ۾ نواز ليگ گروپ ٺاهيندو، هن چيو ته مونکي ڀلي هٿڪڙيون هنيون وڃن، پر شهيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ انصاف خاطر پوئتي نه هٽندس ۽ مقابلو ڪنداسين، اسان به قرباني ڏيون پيا، منهنجا 2 پٽ به قرباني لاءِ تيار آهن. هن اهي ڳالهيون مقامي هوٽل ۾ بين الصوبائي کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي ميزباني ۾ ”شهيد بينظير ڀٽو چئني صوبن ۾ اتحاد جي علامت“ جي عنوان تي سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ لطيف مغل، ڊائريڪٽر انفارميشن ياسمين ميمڻ، عورت فائونڊيشن جي ربينا بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال نئين ڪنگ پارٽي ٺهندي آهي.
صدر جو 27 ڊسمبر جو خطاب آخري نه هوندو. مونکي اعزاز آهي ته مون وزارت ڇڏي شهيد ڀٽو جو ڪيس وڙهي انصاف لاءِ جدوجهد ڪيان پيو. هن چيو ته هتي هر سال ڪنگز پارٽي ٺهي ٿي، عجيب ڳالهه آهي. هڪ وزيراعظم هتي اچي شناختي ڪارڊ ٺهرايو ۽ پوءِ بيگ کڻي ڀڄي ويو ۽ ٻيو آهيو ان کي عوام ٿڏا هڻي ملڪ کان لوڌي ڇڏيو. هن چيو ته اسان جيالا آهيون. حڪومت کان وڌيڪ ڌما ڌم مست قلندر ۾ خوش ٿيندا آهيون. پيپلز پارٽي شهيدن، غازين، مجاهدن ۽ جيالن جي پارٽي آهي، معافي گهرندڙ ڀاڄوڙڪن ۽ جهڪندڙن جي پارٽي نه آهي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي شهيد راڻي تي حملي بعد هڪ ملڪ جي سفير محترمه وٽ آئي ۽ کيس چيائين ته اسان توکي هڪ سسٽم ڏيون ٿا توهان بلاول هائوس مان ويهي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، ٻار توهان کي خطرو آهي. هن چيو ته شهيد راڻي کيس اهڙو جواب ڏنو ته مهرباني، مونکي قتل ڪيو ويندو، پر مان عوام کي نه ڇڏينديس ۽ عوام جي وچ ۾ رهنديس. بابر اعواڻ چيو ته هتي ته مڇر جي چڪ جي ڊپ کان ماڻهو جيل مان ڀڄي وڃن ٿا پر مڇر سندن پيڇو نٿا ڇڏين ۽ لاهور ۾ ڊينگي جي صورت ۾ پهچي وڃن ٿا. هن چيو ته ڪنهن کي ڀُلهه آهي ته پيپلز پارٽي کي ماريو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ماريندڙ ايوب، ضياءُ الحق ۽ ٻيا پاڻ مري مات ٿي ويا. پرويز مشرف، ٿڏجي ملڪ کان ٻاهر بيٺو آهي پر پ پ اڄ به ماڻهن جي وچ ۾ ۽ دل ۾ آهي، ڪير به وفاق کي ٽوڙي نٿو سگهي. شهيد راڻي زندهه هئي ته 4 صوبن جي زنجير هئي ۽ شهيد ٿي ته 5 صوبن جي زنير بڻجي وئي، اسان قيامت تائين عوام خاطر وڙهنداسين. لاهور، لاڙڪاڻو، لياري، پشاور ۾ وڙهنداسين، اسان وٽ شهيد بينظير جو هٿيار ”جمهوريت“ سڀ کان وڏو بدلو آهي“ موجود آهي. اسين 20 ڪروڙ عوام جي تقدير جي ڳالهه ڪريون ٿا. مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن بعد افواهه ختم ٿي ويندا، هن چيو ته اڄ اسان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، جمهوريت کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي، اسان پاڪستان کي ترقي يافتا ملڪ بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو آئين کي مڃي ٿو انهن ۾ ڪو به غدار نه آهي. هن نواز شريف ڏي اشارو ڪندي چيو ته پهريان ئي اهو عدالت ۾ ويو ۽ ڪالهه وري شهباز شريف وزيراعظم کي غدار ڪوٺيو آهي. هن چيو ته اها ڪهڙي راند آهي، اگر سياست ڪئي وڃي ٿي ته جرئت ڪئي وڃي، نه ته مخدوم توهان کي ڇڏي ويندا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جو دلير آهي ۽ پاڪستان کپي جو باني آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ عوام جي مرضي هلي، چور دروازي وارن لاءِ چور دروازا بند ٿي چڪا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي صدر کي هٽائڻ جو شوق آهي ته پارليامينٽ ۾ اچي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت ڏيکاري. هن چيو ته پنجاب ۾ لوٽن جي حڪومت آهي ۽ لوٽا تِرڪي به ويندا آهن.- ان موقعي تي سنڌ جي بين الصوبائي کاتي جي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته شهيد ڀٽي کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي کي سنڀاليو ۽ سياسي شعور تحت عروج تي پهچايو، هن چيو ته مونکي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ياد اچي پئي ته جنهن پاڻ تي ٿيل آپگهاتي حملن جي پرواهه نه ڪئي، سندس ور کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو جنهن کي به برداشت ڪيو. هن چيوته نواز شريف سنڌ سان ٿيل سمورين زيادتين جو ذميوار آهي، سنڌ جا شهر ويران آهن، سموريون رٿائون ختم ڪري شهرن کي ويران ڪيو ويو، هن چيو ته اليڪشن جيئن ويجهو آئي ته شهيد راڻي کي شهيد ڪيو ويو. نواز شريف ان شهادت جي آڙ وٺي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان ڀڄي ويو، صدر آصف علي زرداري لاهور وڃي کيس راضي ڪيو ۽ اڄ سندن پنجاب جي حڪومت پيپلز پارٽي جي صدقي آهي، هن چيو ته آصف علي زرداري ڪٽر دشمنن کي به پاڻ سان گڏ تخت ۽ تاج تي ويهاريو پر کيس ڇڏي ويندڙ يتيم ٿي ويا پر ڪوڙي انا رکندا پيا اچن.- صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو بهادر عورت هئي، جنهن محبت ۽ خوشين کي عوام ۽ جمهوريت خاطر تُرڪ ڪري شهادت ماڻي. شهيد راڻي اڄ جسماني طور تي نه پر روحاني طور تي اسان سان گڏ آهي، هن چيو ته اڄ به ”چئني صوبن جي زنجير بينظير“ جو نعرو زندهه آهي. هن چيو ته جيستائين دم آهي اسان جا ڪارڪن ۽ عوام شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ کڻي اڳتي وڌندا رهندا.- بلوچستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزير رقيه هاشمي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ رت ڏنو ۽ اَمر ٿي وئي، محترمه جدوجهد ڪري جمهوريت دشمنن کي لوڏي ڇڏيو هو. بينظير شخصيت ۽ عهد جو نالو هئي. شهادت ڀٽو خاندان تي ناز ڪري ٿي، - مرزا اختيار بيگ چيو ته پيپلز پارٽي کي اعزاز آهي، ته ارڙهين ترميم ڪري صوبن کي خودمختياري ۽ وسيلا منتقل ڪيا، شهيد بينظير ڀٽو جو خواب پ پ حڪومت پورو ڪيو آهي، سيڪريٽري بين الصوبائي وزارت ڊاڪٽر ڪليم لاشاري چيو ته رياست وچ ۾ رابطي جي کوٽ نه هجڻ گهرجي. جڏهن اها کوٽ پيدا ٿيندي ته صوبن ۾ بداعتمادي پيدا ٿيندي آهي.
Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-15753133931343664412011-12-24T22:13:00.000-08:002011-12-24T22:13:14.171-08:00جاويد هاشمي موڪلائي وڃي ها ته خوشي ٿئي ها، ڪنهن کي به آئيني پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏبي:نواز شريف

لاهور(بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي ضرور ڪجهه سوچي فيصلو ڪيو هوندو، هن سان گڏ سٺو وقت گذاريو ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو، مون هميشه جاويد هاشمي جو احترام ڪيو، جلاوطني دوران جاويد هاشمي جيل ۾ هو ۽ ان سان تعلق قائم هو، انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاويد هاشمي لاءِ دعاگو آهيان، ڀلي هو جتي به هجي، هن چيو ته نواز ليگ هڪ نظرياتي پارٽي آهي ۽ ان جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اسٽينڊ ورتو آهي، اهو قائم رهندو، ان تي اسٽينڊ جي ذريعي هيءَ ئي ٽيم پاڪستان کي تبديلي جي نئين دور ۾ وٺي ويندي. هن چيو ته هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏنو ويندو. پر حڪمرانن ملڪ جي ترقي لاءِ فڪر ڪن، نه ته گهر جو رستو وٺن. موجوده حڪومت ملڪ کي ناڪاميون مليون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ گئس جي لوڊشيڊنگ به ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو تبديلي جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي رهيا آهن. ايٽمي طاقتن ۾ ستين نمبر تي اچڻ کانپوءِ ملڪ کي معاشي ليول تي به ستين نمبر تي اچي بيهاريون ها پر اڄ ايٽمي ملڪ ترقي جي حوالي کان سڀ کان پوئتي آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان سينيٽر پرويز رشيد چيو ته وڃڻ سان دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. پارٽي ۾ ننڍا وڏا اختلاف ٿيندا آهن ان تي ايڏو وڏو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ها جاويد هاشمي جي وڃڻ سان دل ٽٽي پئي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي مون سان ملي خدا حافظ چئي وڃي ها ته دل کي سڪون ملي ها، اسان لانگ مارچ ڪري عدليه بحال ڪرائي وڏي تبديلي آندي آهي هن چيو ته جيڪڏهن مان شينهن ناهيان ته گدڙ به ناهيان.آ

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-87756263621508435792011-12-24T22:12:00.000-08:002011-12-24T22:12:34.085-08:00مارچ ۾ افواهن واري مهم ختم ٿي ويندي، عدليه ۽ آرمي چيف جي بيانن سان ضرور بهتري ايندي: وزيراعظم

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مارچ ۾ افواهن واري موسم ختم ٿي ويندي، آرمي چيف جي وضاحت کي جمهوري حلقن ۾ انتهائي بهتر انداز ۾ ڏٺو ويو آهي، عدليه پاران جمهوريت جي حق ۾ بيان آيو آهي، انهي سان ضرور بهتري ايندي، جمهوريت کي بار بار ختم نٿو ڪري سگهجي، فوج سان گڏجي هلي رهيا آهيون، جمهوري حڪومت قائداعظم جي بصيرت جي روشني ۾ روشن خيال، ترقي پسند، تحمل ۽ برداشت واري پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهي، عمران خان وٽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ تجويزون آهن ته اسان کي پيش ڪري،نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا سان لاڳاپا پارليامينٽ طئي ڪندي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرسمس جي حوالي سان فاطمه چرچ ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي حمايت ۾ عدليه ۽ فوج پاران مثبت رايا آهن، ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي آهي،
جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين جمهوريت جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته افواهن واري موسم مارچ ۾ ختم ٿي ويندي، وزيراعظم چيو ته گذريل چئن سالن دوران دهشتگردي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ ڪشمير سميت مختلف معاملن تي فوجي ۽ سول قيادت ٻئي هڪجهڙي سوچ رکن ٿا، ميمو معاملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان لڪي ڪو به ڪم نه ڪنداسين، جيڪي ڪجهه هوندو اهو سڀني جي سامهون آندو ويندو. عوام ئي اصل طاقت آهي. مخدوم جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت واري سوال تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آئون جاويد هاشمي سياست جو اهم ٿنبو آهي، هو جتي به ويو ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، ملڪ ۾ گئس جي بحران جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيوته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته عوام کي تڪليف نه ٿئي ۽ اهي اسان جي خلاف نعرا نه هڻن، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت کي اڳ ۾ ئي هدايت ڪري چڪو آهيان ته ان ڏس ۾ ضروري قدم کنيا وڃن پر اصل ڳالهه گئس جي دستيابي جي آهي، حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن عوام جي مشڪلاتن کي گهٽائي سگهجي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ عمران خان وٽ ڪي تجويزون آهن ته اهو حڪومت کي ڏي ته جيئن صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي، هن چيو ته 18 هين ترميم آئين مطابق منظور ڪئي وئي ۽ ان جي منظوري کان اڳ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ڀرپور بحث ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اقليتن جو خيال رکيو ويندو آهي، قومي هم آهنگي واري وزارت پاڪستان ۾ اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندي رهندي، نيٽو سپلائي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڪابينا جي دفاعي ڪميٽي متفقه طور تي نيٽو جي سپلائي بند ڪرڻ، شمسي ايئربيس خالي ڪرائڻ ۽ بون ڪانفرنس جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو هو، اها ڪميٽي مستقبل ۾ نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون تيار ڪري رهي آهي، اهي سفارشون حتمي فيصلي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، هر شيءَ پارليامينٽ ۾ طئي ٿيندي، ڪرن سومرو جي علاج جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته ان جي علاج لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندس، دفاع واري سيڪريٽري جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اسان موقف ٻڌڻ کانسواءِ ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي ناهيون ڪندا.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-85701698234042404592011-12-23T01:51:00.001-08:002011-12-23T01:51:02.573-08:00پريانڪا چوپڙا ۽ ڪرينا ڪپور ۾ اختلاف ختم

ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) پريانڪا چوپڙا ۽ ڪرينا ڪپور ۾ اختلاف ختم ٿي ويا، ممبئي ۾ ٿيل هڪ ايوارڊ تقريب ۾ ٻنهي کي گڏ ڏسي سڀ ماڻهو حيران رهجي ويا، ٻئي اداڪارائون هڪ ٻئي سان گرمجوشي سان مليون، پريانڪا چوپڙا اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ کان اڳ پاڻ ڪرينا وٽ وڃي ان سان ملاقات ڪئي ۽ ڪرينا به کيس سٺي موٽ ڏني، واضح رهي ته پريانڪا ۽ ڪرينا ۾ ڪجهه عرصو اڳ شاهد ڪپور سان دوستي جي معاملي تي اختلاف پيدا ٿيا هئا.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-17335677542101594132011-12-23T01:49:00.003-08:002011-12-23T01:49:55.403-08:00ملڪه ترنم نورجهان جي اڄ 11هين ورسي

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) ملڪه ترنم جو خطاب ماڻيندڙ گلوڪاره نورجهان جي وڇوڙي کي اڄ 11 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اڄ 11هين ورسي ملهائي ويندي ۽ نورجهان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ملڪ جي ناليواري گلوڪاره نورجهان گلوڪاري کان پهريان فلمن ۾ اداڪاري کان فني سفر جي شروعات ڪئي، ان وقت هن جي عمر 9 سال هئي، هن پهرين فلم ”پنڊ دي ڪڙي“ ۾ فن جا جوهر ڏيکاريا. نورجهان جو اصل نالو الله وسائي هو، پيءُ جو نالو مدد علي هئس. صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪاره، گلوڪاره نورجهان اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته هن سنڌي گيت به ڳايا، هن هدايتڪار سيد شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي. ان کان طلاق وٺڻ کانپوءِ هن اعجاز حسين سان شادي ڪئي. هن کي 2 پٽ ۽ 4 ڌيئرن جو اولاد ٿيو. پاڻ آخري ڏهاڙن ۾ تمام گهڻو بيمار رهڻ لڳي، ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪوبه فرق نه آيو ۽ 23 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪري وئي. سندس آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-10555990158428692022011-12-23T01:49:00.001-08:002011-12-23T01:49:20.527-08:00اداڪارائون ۽ سنگرز سال 2012ع مان تمام گهڻون پراميد

ڪراچي(رپورٽ:مصطفيٰ ملاح) سال 2011ع جتي زندگي جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خوشين سان گڏ ڏک به ڏنا ته اتي شوبز واري شعبي ۾ڪن اداڪارائن کي به خوشيون ته ڪن کي وري ڏک به ڏنا آهن. اداڪاره ماريه جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون کي بي پناهه خوشيون ڏنيون ۽ ان سان گڏ مون کي اهڙو ڏک به ڏئي ويو، جيڪو مون کي پوري عمر وسري نٿو سگهي. سال 2011ع ۾ منهنجي امڙ جو انتقال ٿيو پر انهيءَ سال ۾ مون عمري جي سعادت ماڻي جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ۽ ترڪي به ويس، هن چيو ته ايندڙ سال 2012ع ۾ دبئي وڃڻ جو ارادو آهي. اداڪاره طاهره ڀٽو چيو ته سال 2011ع تمام گهڻا ڏک ڏنا آهن ۽ تڪليفون ڏنيون پر نئين سال ۾ 18 مارچ تي شادي ڪندس ۽ نئين زندگي جي شروعات ڪندس. اداڪاره سونيا چانڊيو چيو ته 2011ع ۾ منهنجو پيءُ وفات ڪري ويو جنهن جو ڏک هميشه رهندو. هاڻ سال 2012ع ۾ ٻيهر اسڪرين تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اداڪاره امبر جوڻيجو چيو ته سال 2011ع مون لاءِ ايترو خاص نه رهيو. ڇو ته منهنجي ڀيڻ جي بيبي جي وفات ٿي ۽ ايندڙ سال 2012ع لاءِ ڪا خاص پلاننگ ڪونه ڪئي آهي، بس مان چاهيان ٿي پنهنجي فيملي سان گڏ رهان، اداڪاره گل بلوچ چيو ته سال 2011ع ۾ انهن ماڻهن جي مهرباني جن مون کي پنهنجو ڪري ۽ ڇڏي ڏنو ۽ مون کي احساس ڏياريو ته دنيا ۾ هر شئي پنهنجي ناهي هوندي. 2011ع ۾ مهرباني انهن ماڻهن جي به جن مون کان نفرت به ڪئي ڇو ته انهن مون کي مضبوط بڻايو. گلوڪاره مهتاب ڪنول چيو ته 2011ع مون لاءِ ايترو سٺو نه رهيو ڇو ته ڪجهه فيملي مسئلا رهيا جنهن ڪري پريشانيون آيون ۽ سال 2011ع ۾ مان فيملي سان گڏ عمري جي سعادت به ماڻي، جيڪو مون لاءِ سال 2011ع جو وڏو تحفو هو. 2012ع لاءِ پلاننگ ڪابه ڪونه ڪئي آهي نه ئي ڪندي آهيان، جيڪڏهن پلاننگ ڪندي آهيان ته پوءِ اهي ڪونه ٿيندا آهن پر سال 2012ع مان اها اُميد آهي ته سٺو ثابت ٿئي. اداڪاره اعظميٰ علي چيو ته سال 2011ع ۾ منهنجو خواب پورو ٿيو، سال 2011ع مون لاءِ تمام سٺو گذريو ۽ خوشيون کڻي آيو، اداڪاره ريحانه تبسم چيو ته سال 2011ع مون لاءِ کٽو مٺو ثابت ٿيو، ڪو خاص نه رهيو پر سال 2012ع لاءِ مون پلاننگ نه ڪئي آهي ڇو ته مان توڪل تي هلڻ واري آهيان ڪابه رٿابندي نه ڪندي آهيان. گلوڪاره شهنيلا علي چيو ته سال 2011ع مون لاءِ خوشين ڀريو ثابت ٿيو ۽ 2012ع لاءِ به اها دعا ڪيان ٿي ته خوشين ڀريو رهي، جڏهن ته سال 2011ع ۾ ڀارت ۾ سرن جي ورکا ڪري آيس، تمام گهڻي خوشي ٿي. اداڪاره نجمه ڪاوش چيو ته سال 2011ع منهنجي زندگي ۾ اهم تبديلي آندي، اداڪاره مان گلوڪاره بڻجي ويس ۽ مقبوليت ملي وئي، تمام گهڻو خوش آهيان. اهڙي طرح سال 2012ع ۾ اداڪاري سان گڏوگڏ وڌيڪ ڳائڻ تي ڌيان ڏبو.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-23250915189412766572011-12-23T01:48:00.003-08:002011-12-23T01:48:43.080-08:00ڪرينا جادو آهي جيڪا سڀني کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ٿي: عمران خان

ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته ڪرينا ڪپور سندس پسنديده اداڪاره آهي، ساڻس ”ايڪ مين اور ايڪ تو“ ۾ ڪم ڪري تمام گهڻو تجربو حاصل ڪيو، ممبئي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرينا جادو آهي جيڪا سڀني کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ڇڏي ٿي، عمران خان چيو ته جيڪڏهن بهترين اسٽائلش اداڪاره لاءِ ووٽنگ ڪرائي ويندي ته مان ڪرينا ڪپور کي ئي ووٽ ڏيندس، ڇو ته هوءَ هڪ سٺي اداڪاره آهي

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-38114022330808300312011-12-23T01:48:00.001-08:002011-12-23T01:48:09.022-08:00”هيروئن“ لاءِ ڪرينه پرفيڪٽ چوائس آهي:پريانڪا

ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته صدر ڀنڊارڪر ”هيروئن“ ۾ مک ڪردار لاءِ پهرين مون کي آفر ڪئي هئي پر مون اها آفر قبول نه ڪئي. ڪرينه ڪپور هن ڪردار لاءِ پرفيڪٽ چوائس آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪرينه تمام گهڻي زبردست اداڪارا آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هوءَ ڪردار سان انصاف ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”هيروئن“ ۾ مک ڪردار لاءِ ڪرينه ڪپور کان بهتر ڪابه اداڪارا هن وقت موجود ناهي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-71572633702773156152011-12-23T01:47:00.003-08:002011-12-23T01:47:27.971-08:00نئين دهلي ۾ ليجنڊ واڪ، اميتاڀ سميت 25 کان وڌيڪ اسٽارز جي شرڪت

نئين دهلي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار رتيش ديشمک طرفان منعقد ڪيل تقريب ۾ ڪالهه بالي ووڊ جي 25 کان وڌيڪ اداڪارن ۽ اداڪارائن شرڪت ڪئي ۽ ليجنڊ واڪ ۾ حصو ورتو، تقريب ۾ سينيئر اداڪارن ششي ڪپور، منوج ڪمار، اميتاڀ بچن ۽ ٻين ليجنڊز شرڪت ڪئي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-21154487064515610292011-12-23T01:47:00.001-08:002011-12-23T01:47:03.188-08:00”دبنگ-2“ جي شوٽنگ ايندڙ سال ڀوپال ۾ شروع ٿيندي

ڀوپال (ڪلچرل رپورٽ)سپر هٽ فلم ”دبنگ“ جي سيڪوئل ”دبنگ-2 “ جي شوٽنگ ڀوپال ۾ شروع ڪئي ويندي، جيڪا ايندڙ سال کان شروع ٿيندي، جڏهن ته ڊائريڪٽر پرڪاش جها جي هن فلم سميت ٻين ڪيترن ئي فلمن جي شوٽنگ پڻ ڀوپال ۾ رٿيل آهي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-39483133197636861392011-12-23T01:46:00.001-08:002011-12-23T01:46:34.327-08:00هالي ووڊ اداڪاره ڊيمي مور هڪ ٽي وي شو شروع ڪندي

نيويارڪ (ڪلچرل رپورٽ) هالي ووڊ اداڪاره ڊيمي مور هڪ ٽي وي ٽاڪ شو شروع ڪندي جنهن ۾ عورتن جي معاملن تي مهمانن کي گهرايو ويندو، ڊيمي مور انهيءَ پروگرام جي پروڊيوسر هوندي، شو ۾ هالي ووڊ جي ناليوارين اداڪارائن کي مهمان طور گهرايو ويو ۽ عورتن جي صلاحيتن بابت مختلف موضوعن تي بحث ڪيو ويندو

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-32478245954677090012011-12-23T01:45:00.001-08:002011-12-23T01:45:07.836-08:00مارشل لا کي اسان روڪينداسين، ڪرپٽ حاڪمن جو ساٿ نه ڏبو:راڻا ثناءُالله

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) سويلين بالادستي لاءِ ته هر ڪنهن جو ساٿ ڏيندي پر ڪرپٽ حڪمرانن جي تحفظ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پنهنجي چوري پڪڙجڻ بعد وزيراعظم ٻين کي انهن جون چوريون ياد ڏياري رهيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ته گهڻو وقت اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪري، ايبٽ آباد واقعي بعد جڏهن اسان بااختيار ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو ته ان وقت وزيراعظم چيو ته اسان ادارن کي بدنام ڪري رهيا آهيون ۽ صدر به اسان مٿان اهڙا ئي الزام هنيا پر هاڻي جڏهن حڪومت مٿان وزن پيو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ان سوال ته ڇا مسلم ليگ (ن) سويلين ادارن جي بالادستي جي سلسلي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اسان بلڪل ساٿ ڏينداسون، ان لاءِ هر اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن سان ادارن جي بالادستي، قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿئي
پر اسان ڪرپٽ حڪومت ۽ حڪمرانن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، انهن خلاف اسان هر قدم کڻندا رهنداسين، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته اها پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي ۽ ادارن کي مهرو بڻائي استعمال ڪري، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جي اقتدار ۾ اچڻ جا ڪي به امڪان ناهن نه ئي اسان ڪنهن کي غيرآئيني قدم کڻڻ ڏينداسون، اڄ سپريم ڪورٽ ۽ ميڊيا آزاد آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نواز شريف آئين جو محافط آهي، ان ڪري ڪنهن کي به غيرآئيني قدم کڻڻ نه ڏنو ويندو، مارشل لا کي اسان پاڻ روڪينداسون، هن چيو ته جمهوريت کي ميمو گيٽ اسڪينڊل، سپريم ڪورٽ يا ميڊيا مان ڪو به خطرو ناهي، جمهوريت کي صرف ۽ صرف حڪمرانن جي ڪرپشن، ناقص حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کان خطرو آهي، جيڪا جمهوريت خلاف گندي راند کيڏي هڪ پارٽي جا ماڻهو ٽوڙي ٻي ۾ شامل ڪرائي رهي آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو اسٽيبلشمينٽ مخالف نوازشريف آهي، مسلم ليگ (ق) کي اسٽيبلشمينٽ ٺاهيو، هاڻي اهو سمورو گند ڪچرو تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-8936919040259943752011-12-23T01:44:00.001-08:002011-12-23T01:44:29.005-08:00عدليا سميت ڪير به پارليامينٽ کان بالادست ناهي:گورنر کوسو

لاهور (بيورو رپورٽ) گورنر پنجاب سردار لطيف کوسي چيو آهي ته عسڪري قيادت آئين تحت وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي ۽ عدليا به پارليامينٽ کان بالادست ناهي، پارليامينٽ عدليا جي فيصلي کي رد ڪندي قانونسازي ڪري سگهي ٿي، گورنر هائوس لاهور ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ڪيڏانهن به نه پئي وڃي، مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون ڪرايون وينديون، بعد ۾ مدو پورو ٿيڻ تي عام چونڊون به ڪرائينداسين، ڪو به ٽڪراءُ ٿيڻ نه پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي ايترو طاقتور وڻ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي هاڻي ڪو به خطرو ناهي

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-79791307134880817482011-12-23T01:43:00.003-08:002011-12-23T01:43:56.573-08:00ملڪ تي خراب وقت آڻيندڙن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:نواز شريف

بهاول نگر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾وقتي طور خراب وقت آيو، خراب وقت آڻيندڙن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين، بهاول نگر جي علائقي چشتيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سبب اذيت جو شڪار عوام روئي رهيو آهي پر حڪومت ڪرپشن ۾ مصروف آهي، هن چيو ته جيڪڏهن عوام جو جذبو سلامت رهيو ته پاڪستان به سلامت رهندو، هن چيو ته وڏا ماڻهو عوام کي چڪر ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن پر عوام انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نواز شريف چيو ته حڪومت ائٽمي قوت جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو برداشت جوڳو ناهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾جيتري ڪرپشن ڏٺي آهي اها پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺي، عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي وزير پنهنجن کيسن ۾ ڀري رهيا آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن وزيرن جي کيسن مان ڪرپشن جا پئسا ڪڍي ٿي ته پوءِ اهي استعيفا نه ٿا ڏي

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-16720939300521132692011-12-23T01:43:00.001-08:002011-12-23T01:43:02.154-08:00ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 رڪارڊ، بازارون ويران، پاڻي جا پائيپ ڦاٽي پيا

ڪوئيٽا(رپورٽ :علي گراماڻي)ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شديد لهر، سردي ڪاٽو 10 کان ڪاٽو 12 رڪارڊ، پاڻيءَ جا پائيپ لائين ڦاٽي پيا، بازارون ۽ روڊ رستا ويران، گرم ڪپڙن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، لنڊا بازار ۾ ماڻهن جي رش، سخت سرديءَ بيمارين منهن ڪڍيو، اسپتالن ۾ مريضن جي رش، روڊن، رستن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي توڙي پائيپن اندر پاڻي ڄمي ويو، گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي سبب شهر واسي سخت مشڪلاتن جو شڪار، ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي موسميات کاتي پاران سردي مائينس 10 کان مائينس 12 تائين رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٿڌيون هوائون گهلڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي جنهن سبب ڪوئيٽا، قلات ۽ زيارت شهرن جون اڪثر بازارون توڙي روڊ رستا ويران ٿي ويا آهن اڪثر شهر واسي سخت سرديءَ سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
سخت سرديءَ جي آيل تازي لهر سبب گرم ڪپڙن جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن سبب لنڊا بازار ۾ ماڻهن جي رش ۾ اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته لنڊا بازار ۾ به ماڻهو مهانگائيءَ جون دانهون ڪرڻ لڳا جتي پڻ جيڪيٽس، سوئيٽرن، مفلر جورابن ۽ ٽوپين سميت سمورن گرم ڪپڙن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن جنهن سبب لنڊا بازار مان به غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خريداري مشڪل بڻجي وئي آهي جڏهن ته سخت سرديءَ سبب نزلا، زڪام، کنگهه ۽ سيني جي بيمارين سميت مختلف موسمي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته روڊ، رستن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻيءَ سميت پائيپن اندر بيٺل پاڻي پڻ ڄمي برف ٿي ويوآهي، سخت سرديءَ سبب پاڻيءَ جا پائيپ لائين پڻ ڦاٽي پيا، ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب روڊن رستن تي بيٺل سمورا وڻ، گل ۽ ٻوٽا سڪي ويا جڏهن ته سخت سرديءَ جي هن موسم ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي سبب شهر واسي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن.گئس نه هجڻ سبب گهرن جا ڪمرا پڻ ٿڌا ٿي ويا جتي گهرن اندر بزرگ ۽ ٻار ٿڌ سبب مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس ۾ پريشر جي گهٽتائي خلاف ڪوئيٽا سميت اڪثر شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ بلاڪ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-55304740017148417022011-12-23T01:42:00.001-08:002011-12-23T01:42:19.740-08:00سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ به بند رهنديون

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اڄ کان سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون، سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ موجب گئس جي کوٽ ۽ سياري ۾ لوڊ ۾ واڌ سبب اي سي سي جي فيصلي تحت سنڌ ۽ حب ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ صبح 9 وڳي کان ڇنڇر ڏينهن 9 وڳي تائين بند رهنديون، سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن بعد ڪالهه خميس ڏينهن کليون هيون، جن کي ٻيهر اڄ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد حسين بخاري اڄ کان 24 ڪلاڪن تائين ۽ هفتي ۾ 2 ڀيرا سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سي اين جي 70 سيڪڙو پيداوار جي باوجود هفتي ۾ 48 ڪلاڪ بند ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ جي عوام ۽ ٽرانسپورٽرن جي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ برابر آهي.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-44112622473291057602011-12-23T01:41:00.003-08:002011-12-23T01:41:39.854-08:00سنڌ سرڪار پاران بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڄي پرڳڻي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، 27 ڊسمبر تي سنڌ سرڪار جا سمورا صوبائي کاتا ۽ صوبائي حڪومت جي ماتحت سمورا خودمختيار نيم سرڪاري ادارا، ڪارپوريشنون ۽ مڪاني ادارا بند رهندا.

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-58492266272421342042011-12-23T01:41:00.001-08:002011-12-23T01:41:17.637-08:00مسلم ليگ (ن) احمد مختار کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور(اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) وزير دفاع چوڌري احمد مختار کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وزارت دفاع ادارن کان پڇا ڳاڇا نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان جو ڪهڙو فائدو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بچاءَ واري وزارت پاران پاڪستاني فوج ۽ آءِ ايس آءِ تي حڪومتي ڪنٽرول نه هئڻ جي اعترافي بيان جو مسلم ليگ (ن) سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي. خانگي ٽي وي موجب پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات سينيٽر مشاهد الله ۽ ترجمان پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته اهڙي حڪومت جي قائم رهڻ جو ڪوئي جواز نه آهي جنهن جو پنهنجي ادارن تي ڪنٽرول نه آهي ۽ بيان ظاهر ڪري ٿو ته حڪومتي ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي به حڪومت ڪنهن وڏي حادثي کان بچڻ لاءِ نواز شريف جي جلد اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو قبول ڪري

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0tag:blogger.com,1999:blog-5206099640885701085.post-10521320691640851972011-12-23T01:40:00.005-08:002011-12-23T01:40:58.493-08:00آرمي چيف پاران ڪرم ۽ مهمند ايجنسي جو دورو، جنرل ڪياني کي پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي نئين صورتحال تي بريفنگ

پشاور ( بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ڪرم ۽ مهمند ايجنسين جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي نئين صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ڪرم ايجنسي ۾ شدت پسندن خلاف فوج جو آپريشن ڪوهه سفيد جاري آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ آرمي چيف دوري تي پهتو، هن کي عسڪريت پسندن خلاف جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني وئي، مهمند ايجنسي ۾ پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي تازي صورتحال کان کيس آگاهه ڪيو ويو، جنرل اشفاق پرويز ڪياني فوجي جوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ملڪي حفاظت جو عزم ڪي

Anonymoushttp://www.blogger.com/profile/06160393887677347103noreply@blogger.com0