Saturday 24 December 2011

جاويد هاشمي موڪلائي وڃي ها ته خوشي ٿئي ها، ڪنهن کي به آئيني پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏبي:نواز شريف

لاهور(بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي ضرور  ڪجهه سوچي فيصلو ڪيو  هوندو، هن سان گڏ سٺو وقت گذاريو ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو،  مون هميشه   جاويد هاشمي جو احترام ڪيو،  جلاوطني دوران جاويد هاشمي جيل ۾ هو ۽ ان سان تعلق  قائم هو، انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاويد هاشمي لاءِ دعاگو آهيان، ڀلي هو جتي به هجي، هن چيو ته نواز ليگ هڪ نظرياتي پارٽي آهي ۽ ان جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اسٽينڊ ورتو آهي، اهو قائم رهندو، ان تي اسٽينڊ جي ذريعي هيءَ ئي ٽيم پاڪستان کي تبديلي جي نئين دور ۾ وٺي ويندي. هن چيو ته هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ پارليامينٽ ٽوڙڻ نه ڏنو ويندو. پر حڪمرانن ملڪ جي ترقي لاءِ فڪر ڪن، نه ته گهر جو رستو وٺن. موجوده حڪومت ملڪ کي ناڪاميون مليون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ گئس جي لوڊشيڊنگ به ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو تبديلي جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي رهيا آهن.  ايٽمي طاقتن ۾ ستين نمبر تي اچڻ کانپوءِ ملڪ کي معاشي ليول تي به ستين نمبر تي اچي بيهاريون ها پر اڄ ايٽمي ملڪ ترقي جي حوالي  کان سڀ کان پوئتي آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان سينيٽر پرويز رشيد چيو ته وڃڻ سان دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. پارٽي ۾ ننڍا وڏا اختلاف ٿيندا آهن ان تي ايڏو وڏو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ها جاويد هاشمي جي وڃڻ  سان  دل  ٽٽي پئي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته جاويد هاشمي مون سان ملي خدا حافظ چئي وڃي ها ته دل کي سڪون ملي ها، اسان  لانگ مارچ ڪري عدليه بحال ڪرائي وڏي تبديلي آندي آهي هن چيو ته جيڪڏهن مان شينهن ناهيان ته گدڙ به ناهيان.آ

No comments:

Post a Comment