Friday 23 December 2011

رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، فوج سميت سمورا ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن:گيلاني



اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪو به ادارو اهو چوي ته رياست اندر رياست آهي ته ناقابل قبول آهي، ڪنهن به اداري کي رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، فوج سوڌو سمورا ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اهو پارليامينٽ اڳيان جوابده نه آهي اها ان جي غلط فهمي آهي، قائد اعظم آزاد ملڪ بڻايو پر اسان کي محڪوم رهڻو آهي ته حڪومت پارليامينٽ جو ڪوئي فائدو نه آهي، عوام جا حق قائم نٿا رکي سگهون ته پارليامينٽ ۾ ويهي ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي، ايبٽ آباد ڪميشن ان ڪري ٺاهي ته اسامه بن لادن 6 سال کان ڪيئن پئي رهيو آهي اسان کان پڇن ٿا ته ويزا جاري ڪيئن ڪيا ويا اسان پڇون ٿا ته اسامه ڪنهن جي ويزا تي ملڪ آيو؟،
ان مامري جو رخ سول حڪومت ڏي موڙيو پيو وڃي، حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي، اهڙو اظهار هن پارليامينٽ ۾ ۽ پي اين سي ۾ خطاب ڪندي ڪيو، پارليامينٽ هائوس ۾ چوڌري نثار پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اها حقيقت آهي ته جنهن سسٽم ۾ هلي رهيا آهيون ان کي اڃا درست ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳندا، هن چيو ته ڪو ادارو چوي ٿو ته رياست اندر رياست آهي ته اهو عمل ناقابل قبول آهي، هن چيو ته قائد اعظم ملڪ ٺاهيو ۽ آزادي ڏياري ته ان جو مطلب ته اسان آزادي سان رهي سگهون پر هت جيڪڏهن آزادي بعد محڪوم رهڻو آهي ته حڪومت ۽ پارليامينٽ جو ڪو فائدو نه آهي، هن چيو ته اسان کي فوج لاءِ احترام  آهي، دهشتگردي خلاف جنگ جي اسان ذميواري کنئي دهشتگردي جي جنگ کي اسان پنهنجي جنگ چئي ڏني، بمبئي حملي بعد اسان ادارن تي صرف نه اچڻ ڏنو، دفاع بابت صلاحڪار محمود علي دراني کي هٽايو، اسامه بن لادن واري واقعي لاءِ به اداري اڳيان لوهي ديوار ٿي بيهي رهياسين، نيٽو حملي وقت به اسان انهن سان گڏ بيٺاسين هن چيو ته اسان فوج جي اميج کي گهٽ نه ڪيو پر فوج جي اميج کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کين ياد هوندو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڪيترائي مامرا هئا ۽ هاڻ ڪهڙي صورتحال آهي، هن چيو ته اسان فوج جي هڪ سئو سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ ڪئي ڇو ته اهي پنهنجي جان  اڄ اسان جي سڀاڻي لاءِ قربان پيا ڪن، هن چيو ته اهي پارليامينٽ اڳيان جوابده آهن، هن چيو ته حامد مير مامري تي ڪاميٽي جو وقت مقرر هجڻ گهرجن، حقيقتن تي پهچڻ گهرجي، اسان ميڊيا جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته مان ڪنهن کي تنقيد جو نشانو نٿو بڻايان پر اسان ڪميشن ٺاهي ته اسامه بن لادن ڪيئن 6 سال کان ايبٽ آباد ۾ رهيو پر اهي پڇن پيا ته ويزا ڪيئن جاري ٿيا اسان اهو ٿا پڇون ته اسامه بن لادن 6 سال کان اتي ڪهڙي ويزا تي آيو، هن چيو ته ان مامري کي سول حڪومت طرف موڙيو پيو وڃي، جيڪڏهن عوام جا حق قائم نٿا رکي سگهون ته ايوانن ۽ حڪومت ۾ ويهڻ جو حق نه آهي، هن واضح ڪندي چيو ته سڀ ادارا پارليامينٽ جي ماتحت آهن ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون نه  آهي، جڏهن ته پي اين سي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻن مامرن تي ڳالهائيندس هڪ قائداعظم ۽ مستقبل جي قيادت تي جيڪا اوهان نوجوان آهيو، اڄ غلط درست نه آهي، آزادي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي ماڻهن آزاد ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون، گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، اسان جي جيتري تاريخ آهي مسخ ٿي چڪي آهي، هيروز تبديل ٿي ويا آهن، فيلڊ مارشل جنرل ضياءُ جو فوٽو ڏيکاريو ويو مون سيڪريٽري ڪابينا کي چيو ته ضياءُالحق جو ڪهڙو قائد اعظم سان تعلق هو جو اوهان فوٽو قائد اعظم سان پيا ڏيکاريو، هن چيو ته اسان اهي ماڻهو آهيون جن پاڪستان ٺاهڻ ۾ قربانيون ڏنيون، پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڀارت مان لڏي هت ماڻهو آيا، هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ لاءِ 1940ع ۾ پهرين قرارداد پيش ڪئي وئي، اسان جي بزرگن جو به ڪردار هو، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهي ويو اتان کان ئي محلاتي سازشون شروع ٿي ويون، آهستي آهستي جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، جمهوريت تي ڪيئي وار ڪيا ويا، تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪاوشون ڪيون محنت ڪئي، جائدادون قربان ڪيون تن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا، اهي قائد اعظم جا ساٿي هئا، قائد اعظم بيماري وقت جڏهن زيارت ۾ هو ان کي مشورو ڏنو ويو ته توهان کي دوا موڪلڻ چاهيون ٿا، ڀارت مان دوا موڪلي وئي، قائداعظم اها دوا استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته مون ان دوا جي ادائگي نه ڪئي آهي، قائد اعظم جي ڪنهن به ليڊر سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته اهو ٻڌي ڏک ٿيو ته ڪالهه ڪنهن چيو ته قائد اعظم پارٽيون تبديل ڪندو هو، قائد اعظم ته ملڪ ٺاهيو، هن چيو ته قائد اعظم جا ساٿي سهروردي، خواجه ناظم الدين، فيروز نون ۽ ٻين پهرين صف جي قيادت کي ڪرپشن جي چارج تي هڪ قلم سان سڀني کي اجتماعي طور نااهل ڪيو ويو، جن ملڪ ٺاهيو، انهن کي ڪرپشن جي بنيادن تي هٽايو ويو، انهن جي نه اپيل ۽ نه دليل ٻڌا ويا، انهن کي 12 سالن لاءِ سياست کان ڌار ڪيو ويو، تحريڪ پاڪستان ۾ منهنجو والد به هو ان کي به نااهل ڪيو ويو، ان کي ملتان شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ تي نااهل ڪري ڪرپشن چيو ويو، هن چيو ته سهروردي منهنجي والد کي چيو هو ته مون کي ديوار سان لڳايو پيا ائين ڪندو ته منهنجي ئي قيادت اها ايتري پرو پاڪستان نه آهي جيترو سمجهي رهيا آهيو، ڊڪٽيٽرن جو ڪو دين ايمان نه آهي، اسان مٿان غداري جو ڪيس داخل ڪندا ته جيئن مودودي تي ٿيو، ولي خان، نواب بگٽي ۽ مجيب الرحمان تي به بغاوت جا الزام لڳا، هن چيو ته ائين ٿيو مجيب الرحمان علحدگي جو اعلان ڪيو اڌ کان وڌيڪ ملڪ ڌار ٿي ويو، صف اول جا سياستدان نااهل ٿي وڃڻ بعد ٽين درجي جي قيادت آئي اها ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي، ايوب کان 10-11 سالن کانپوءِ ذوالفقار ڀٽو آيو ان کي شهيد ڪيو ويو، ان بعد وري ضياءُ الحق 11 سال آيو، ان بعد محترمه بينظير، جوڻيجو، محترمه، نواز شريف جي حڪومتن کي به ڪرپٽ چئي گهر موڪليو ويو، هاڻي چون ٿا ته سموري قيادت ڪرپٽ آهي ٻڌايو ته قيادت ڪٿان امپورٽ ڪئي ويندي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي جمهوريت گهرجي يا ڊڪٽيٽر شپ گهرجي، عوام باشعور آهي.، 18 ڪروڙ عوام کي غلط چوڻ ۽ ڪجهه آزاد ماڻهو درست پاڻ کي سمجهن ته اهو عوام جي شعور جي تذليل آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته تمام ادارا پاڪستان جا آئين جي ماتحت آهن، 1956ع جو آئين ٺهيو ته قائد اعظم جي ساٿين پيرين اگهاڙي وڃي سندس قبر تي گل چاڙهيا ۽ چيو ته اوهان جي ملڪ کي آئين ڏنو آهي، ان آئين کي به 1958ع ۾ ختم ڪيو ويو، 1973ع ۾ متفقه آئين ٺاهيو ويو، اسان جيترا به برا هونداسين ان متفقه آئين کي اسان بحال ڪيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر سمورا اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيا آهن، ملڪ جا سمورا ادارا چيف ايگزيڪيوٽو جي ماتحت آهن، ڪو به ادارو رياست اندر رياست قائم نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به نٿو چئي سگهي ته حڪومت جي ماتحت نه آهي، ڪو به اهڙي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، عوام جي ٽيڪسن مان سڀني جون پگهارون اچن ٿيون، جنهن جون پگهارون وينديون اهو پارليامينٽ اڳيان جوابده آهي، قائد اعظم اسان کي آزاد ملڪ ڏنو هو اسان ملڪ کي آزاد نٿا ڪري سگهون ته اسان کي هت ويهڻ جو حق نه آهي، ا سان کي ملڪ کي سمورين شين کان آزاد ڪرڻو آهي، اسان تمام گهڻو آرمي جو احترام ڪيون ٿا، اهي دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف ديوار بڻجي ويا آهن اسان ملڪ کي گڏ ڪيو حمايت گڏ ڪئي عوامي سپورٽ کانسواءِ جنگ نٿي کٽي سگهجي، مون کي فخر آهي ته مون سموري ملڪ کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪو انفرادي طور اهو سوچي ته هو حڪومت جي ماتحت نه آهي، اهو غلط  فهمي ۾ آهي، مان سڀ کان وڌيڪ وقت رهندڙ چونڊيل وزيراعظم آهيان اسان نوڪري ڪرڻ نه آيا آهيون جو پگهار بند ٿي ويندي ته ڇا ٿيندو، اسان عوام جي خدمت ڪرڻ آيا آهيون، جيڪڏهن عوام جي حقن جو احترام ۽ گارنٽي نٿا ڏئي سگهون ته اسان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي، هن چيو ته واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته سازشون ٿي رهيون آهن، حڪومت کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي  آهي، فوج جي عزت ڪريون ٿا پر تمام ادارا آئين جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ لاءِ نيڪ شگون ٿيندو.سياستدانن تي الزام لڳا ته ملڪ ٻه اڌ ٿي

No comments:

Post a Comment