Saturday 24 December 2011

ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي جو 8 لک 90 هزار رپيا ماهوار پئڪيج!


ڪراچي :: سنڌ حڪومت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين شاهه کي ڏنل ماهوار مالي پئڪيج کي 6 لک رپين مان وڌائي 8 لک 90 هزار رپين تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي منظوريءَ سان سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي وڌائي مالي سهولتون ڏيڻ جو 7 ڊسمبر 2011ع تي نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد جي 20هين گريڊ جي عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي مقرر ٿيل رٽائر جنرل سيد افتخار حسين شاهه 22 هين گريڊ جي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن سميت سڀني کان وڌيڪ مالي سهولتون حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازم بڻجي ويو آهي نه صرف ايترو پر تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪانٽريڪٽي بنياد تي ڀرتي ٿيل ڪنهن به آفيسر کي ايڏو وڏو مالي پئڪيج ناهي مليو.
ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 30 مارچ 2011ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين کي 6 لک رپين جي مجموعي مالي پئڪيج تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو مقرر ڪيو. ان نوٽيفڪيشن ۾ هن جي ڪانٽريڪٽ جو ڪوبه مدو مقرر ٿيل نه هو. 16 مئي 2011ع تي صوبائي حڪومت هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيس 6 لک رپين واري مجموعي مالي پئڪيج (جنهن ۾ هائوس رينٽ ۽ ٻيون سڀ سهولتون به شامل هيون) کان الڳ هڪ لک 20 هزار رپين کان هڪ لک 40 هزار رپين تائين مسواڙ تي رهائشگاهه حاصل ڪرڻ لاءِ هائوس رينٽ طور ڏيڻ جي به سهولت ڏئي ڇڏي. سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي طرفان 7 ڊسمبر 2011ع تي هڪ نئون نوٽيفڪيشن نمبر SOI (SGA & CD)1/8/2011 موجب ان عهدي تي ڪانٽريڪٽي بنياد تي سندس مقرريءَ جو مدو 3 سال هوندو، جيڪو وڌائي 5 سال به ڪري سگهبو. سندس ماهوار پگهار وارو مالي پئڪيج 6 لک رپين بدران ساڍا ست لک رپيا هوندو. جڏهن ته هڪ لک 20 هزار رپين کان هڪ لک 40 هزار رپين تائين کيس ماهوار هائوس رينٽ طور پڻ ڏنا ويندا ۽ سندس هائوس رينٽ ۾ هر سال 10 سيڪڙو واڌ پڻ ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايتري ماهوار مسواڙ وارو گهر ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ايم ڊي کي فراهم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ هائوس رينٽ واري رقم کيس پگهار واري رقم کانسواءِ روڪ صورت ۾ ڏني ويندي. اهڙي طرح هو مجموعي طور تي سرڪار کان 8 لک 90 هزار رپيا روڪ ماهوار حاصل ڪري سگهندو. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هائوس رينٽ واري سهولت کانسواءِ ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي گهر جي بجلي، گئس، پاڻي، ٽيلي فون ۽ هر قسم جي يوٽيلٽي سروسز جو خرچ پڻ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ڀريندو ۽ اهي سهولتون هن کي 22 هين گريڊ جي چيف سيڪريٽري سنڌ جيتريون حاصل هونديون، جن جي ڪابه حد مقرر ٿيل ڪونهي. ساڳئي وقت ايم ڊي جي گهر تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو خرچ به سرڪار برداشت ڪندي. انهيءَ کانسواءِ هن کي سرڪاري خرچ تي مفت طبي علاج جي سهولت به حاصل هوندي. نوٽيفڪيشن موجب ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو ٻه سرڪاري گاڏيون رکي سگهندو. جن جي تيل ۽ ڊرائيورن جو خرچ به سرڪار برداشت ڪندي. جڏهن ته سفري سرگرمين لاءِ کيس ٽريولنگ الائونس واري مالي سهولت ان کان الڳ حاصل هوندي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران ٺٽي ضلعي ۾ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ذوالفقار آباد نالي نئون شهر  اڏڻ لاءِ قائم ڪيل ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو هڪ اهڙو خودمختيار ادارو آهي جنهن کي پنهنجا فنڊ پاڻ پيدا ڪري هلائڻو آهي پر جنهن رٿا لاءِ هي ادارو قائم ڪيو ويو آهي اها رٿا شروع ٿيڻ ۽ اداري پاران ڪي فنڊ پاڻ پيدا ڪرڻ کان پهريان ئي سنڌ حڪومت پنهنجي خزاني مان گذريل 2 سالن کان اداري کي هلائي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment