Thursday 22 December 2011

آمريڪا کي پاڪستان جي خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان نيٽو حملي کانپوءِ نيٽو سپلاءِ بند ڪئي، شمسي ايئربيس خالي ڪرايو ۽ بون ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو. ڪالهه هتي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي جي اهتمام هيٺ افغان پاڪستاني پارلياماني وفدن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ٽن اشوز کي آمريڪا آڏو کڻڻ چاهي ٿو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان اصول جڙندا. هن چيو ته آمريڪا کي پاڪستان جي خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ گهرجي، مستقبل ۾ ايبٽ آباد جي طرز تي ڪا به هڪ طرفي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن معتبر ۽ ڪارروائي جوڳي معلومات موجود هجي ته ان بابت ڪارروائي جي لاءِ پاڪستان کي آگاهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڊرون حملن جن سان ضمني نقصان ٿيو، اهي بند ڪرڻ گهرجن ڇو ته اهي دهشتگردن کي مقامي آبادي کان جدا ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي لاءِ انتهائي بي سود آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار، آزاد، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان چاهي ٿو، جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پاڪستان مسئلي جي حل جو حصو آهي نه وري ڪو مسئلو پيدا ڪندڙ آهي.

No comments:

Post a Comment