Friday 23 December 2011

سنڌ جي برسات سٽيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ساڍا 7 ارب جاري


ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته شديد برساتن سبب ٿيل وڏن نقصانن باوجود سنڌ سرڪار بحالي لاءِ خاص رٿابندي ڪئي آهي، ترقياتي رٿائن لاءِ رقمن جي فراهمي کي آسان بڻايو ويو آهي. سيد قائم علي شاهه سڀني ڊپٽي ڪمشنرن تي زور ڏنو ته اهي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور پنهنجن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرائين. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. گڏجاڻي ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ترقياتي رٿائن لاءِ هن وقت تائين ساڍا 7 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته وڏو وزير اڄ ترقياتي رٿائن بابت ڊپٽي ڪمشنرن سان وڊيو ڪانفرنس ڪندو.

No comments:

Post a Comment