Saturday 24 December 2011

چيف جسٽس طرفان خاص عدالتن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر


ڪراچي (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن توڙي پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بهتر نموني عملدرآمد ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهر ۾ امن امان بحال ٿيو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ٻين ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جون رونقون ۽ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي سگهيون آهن، چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل  خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت ڪندي سندن خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جهڙا معمولي ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته اهڙي رعايت قانون جي خلاف آهي،
ڪالهه ڇنڇر ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ واري فيصلي تي عملدرآمد توڙي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل خاص عدالتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بابت سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ سڏايل اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس طارق پرويز،  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم، دهشتگردي جي خاتمي وارين خاص عدالتن جي انتظامي جج جسٽس سجاد علي شاهه، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڊاڪٽر فقير محمد، سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ، سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ، رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل چوڌري اعجاز، سنڌ جي آءِ جي سيد مشتاق شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي شروع ٿيندي ئي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ کان خاص عدالتن ۽ پراسيڪيوشن جي ڪارڪردگي بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ شهادت اعواڻ ٻڌايو ته سنڌ جي 11 خاص عدالتن ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن جن مان 323 ڪيس رڳو ڪراچي جي خاص عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ڄاڻايل عدالتن جي 11 ججن مان 9 سيشن ججز ۽ 2 ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيل آهن، هن چيو ته ڄاڻايل عدالتن مان 9  عدالتون ڳچ عرصي تائين خالي پيل هيون. هن چيو ته خاص عدالتن هلندڙ سال جنوري کان نومبر تائين 238 ڪيس اڪلايا آهن پر وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ ڪراچي ۾ خاص عدالتن جو تعداد وڌائي 10 ڪيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس 11 سئو کان وڌيڪ ڪيسن جي التوا ۾ پيل هجڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته خاص عدالتن ۾ ڪيسن جي وقت سر اڪلاءُ لاءِ  پراسيڪيوشن ۽ جاچ وارن ادارن جو سهڪار انتهائي لازمي آهي. اسان خاص عدالتن کي سهولتون مهيا ڪري سگهون ٿا پر انهن جي ڪارڪردگي جاچ ۽ پراسيڪيوشن جي سهڪار سان بهتر ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وڌيڪ  چيو ته خاص عدالتن ۾ ڪيسن جا چالان دير سان پيش ڪيا وڃن ٿا. استغاثه توڙي  جوابدارن  جا وڪيل ڪيسن کي ملتوي ڪرائيندا رهيا آهن جنهن ڪري ڪيسن جي اڪلاءُ ۾ دير ٿي رهي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته  دهشتگردي جا خطرا پاڻمرادو نوٽيس واري ڪارروائي دوران 5 رڪني بئنچ آڏو به آيا هئا جنهن دوران  عدالت پوليس ۽ رينجرز کي واضع هدايت ڪئي هئي ته بدامني جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڏوهارين کي جيلن ۾ اماڻي سگهجي، چيف جسٽس چيو ته  عدالت اهو پڻ چيو هو ته رينجرز شهر ۾ نو گوايريا ختم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪري. گڏجاڻي دوران ٻڌايو ويو ته  98ع کان هن وقت تائين 30 مختلف ڏوهارين کي موت جي سزا ڏنل آهي جن مان  26 خاص عدالت مان ۽ 4 ٻين عدالتن مان سزا ٻڌائي وئي پر انهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي جنهن تي پاڪستان جي  اٽارني جنرل گڏجاڻي کي  يقين ڏياريندي چيو ته هو اهو معاملو اختيارين تائين پهچائيندو ته جيئن ڄاڻايل موت جي سزا کائيندڙ جوابدارن جي رحم وارين  اپيلن جو ترت فيصلو ٿي سگهي. ان موقعي تي سنڌ جي آءِ جي سيد مشتاق شاهه رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جا   240 ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾  291 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 130 ڪيسن جا چالان به عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي چيف جسٽس رينجرز پاران گرفتار ڪري جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪيل بااثر ڏوهارين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سگهجي پيو پر پوليس ساڻن رعايت ڪندي عام عدالتن ۾ ڪيس اماڻيا جنهن ۾ اهي ضمانت تي آزاد ٿي ويا آهن، آءِ جي سنڌ سيد مشتاق شاهه ٻڌايو ته هڪ جوابدار محمد سليم عرف ڇوٽو کي اهڙي رعايت ڏيڻ بابت ڄاڻ ملي آهي جنهن تي ايس پي راجا  عمر خطاب خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪيس هوندو ته ان کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي  فرقيواراڻين، لساني ۽ سياسي دٻاءُ جي مزاحمت ڪندي قانون مطابق فرض انجام ڏيڻ گهرجن

No comments:

Post a Comment