Saturday 24 December 2011

جاويد هاشمي تحريڪ انصاف ۾ شامل، نواز ليگ ڪارڪنن جون منٿون، اوڇنگارون، ڌرڻو

ڪراچي /لاهور(رپورٽ: مجيد عباسي/ضياءُ قريشي امداد سوڍر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي مسلم ليگ (ن) کي خير آبادي چوندي. تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست جو به چيمپئين آهي، نواز ليگ سان منهنجي ڪا به ڪاوڙ نه آهي، پر تحريڪ انصاف ۾ ويهي حق جي جنگ جي وڙهندس. هن چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي جي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پاڪستان ۾ ڪير به محفوظ نه آهي، اسان پاڪستان کي محفوظ بڻائينداسين ۽ ان مقصد لاءِ ملڪ جو عوام هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي،
جنهن جو مقصد خوشحال پاڪستان آهي.  صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته مان پاڪستان خاطر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو آهيان، هن چيو ته ملڪ کي ڦورن ۽ چورن کان بچائڻو آهي، 31 سالن جي سياست ۾ ڳجهن هٿن جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ نه ڏني. هن چيو ته مون کانپوءِ منهنجي نياڻي ميمونه هاشمي به نواز ليگ ۾ به نه رهندي.  نواز شريف نواز ليگ ۾ رهڻ  جي هدايت ڪئي هئي،هن چيو ته عمران خان منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر هو.  نواز ليگ ڇڏڻ سبب ڏک اٿم ڇو ته منهنجو ڪنهن سان به اختلاف نه هو، رڳو پارٽي پاليسين سان اختلاف هيم مونکي پنهنجي ورڪرن جو احساس آهي، هو منهنجي پيرن تي ڪري پيا، پر پاڪستان خاطر انهن کي نظر انداز ڪرڻو پيو. هن چيو ته ڪارڪن جتي به آهن اسان جو اثاثو آهن، مون تحريڪ انصاف ۾ شموليت لاءِ ڪا ڊيل نه ڪئي آهي.عمران خان مونکي چيو ته مان توهان وٽ پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ لاءِ آهيو آهيان جنهن تي مون غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ نواز شريف سان گڏ هئس، اسان لاهور پهتاسين ته هن مونکي گاڏي ۾ ويهاريو،منهنجو ساڻس ڪو به جهگڙو نه ٿيو هو، مان رڳو اهو ڄاڻان ٿو ته ملڪ کي گهوٽالي مان تحريڪ انصاف ڪڍي سگهي ٿي. عدليا جي بحالي جي تحريڪ ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن اڳيان هئا، مون پارٽي جي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو ۽ ورڪرن کي ٻڌايو هو ته هن کلي طور تي چيو ته اسان اصولن لاءِ جنگ وڙهنداسين، هن شريف ڀائرن سان جهڳڙي بابت پڇيل سوال تي چيو ته منهنجو وزيراعليٰ پنجاب سان ڪو به جهيڙو نه آهي هو منهنجو رڳو ڀاءُ نه پر تڪليفن جو دوست آهي، جنهن منهنجو هميشه پروٽوڪول سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ انقلاب اچي پيو. ماڻهو اقتدار ڇڏي نظريي تي اچي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته 35 سالن کان ماڻهو مونکي سڃاڻن ٿا ته مان ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه پيو اچان، هن وقت تائين ڪير به ڪجهه نه ڪري سگهيو ته هاڻ ڪير ڇا ڪندو.  لاهور جي جلسي ۾ اڍائي لک ماڻهو هئا ۽ اڄوڪي ڪراچي واري جلسي ۾ عوام آرگنائيزيشن ڏسندي. هن چيو ته ڳجهو هٿ رڳو الله تعاليٰ جو آهي. هوڏانهن ڪالهه صبح سان ئي جاويد هاشمي کي نواز شريف جي اچڻ  جو اطلاع ڏنو ويو ته هن فورن  تحريڪ انصاف  ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شموليت جي اعلان ڪرڻ تي نواز ليگ جي قيادت رستي  تان ئي ملتان جي   نوازليگ جي ڪارڪنن کي فون ڪيو ته ڪهڙي  به صورت ۾جاويد هاشمي  کي ڪراچي وڃڻ نه ڏيو، اسان رستي ۾  آهيون، ان کي ملتان ۾ روڪي وٺو چون ٿا ته ملتان جي سڄي قيادت ۽ هڪ صوبائي وزير جاويد هاشمي جي گهر پهچي ويا ۽ ان کي ڪراچي نه اچڻ لاءِ منٿون   ڪيون،  ۽ ان جي پيرن تي ڪري پيا، پر جاويد هاشمي   گهر جي  پٺين دروازي  کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارڪنن ان جي گاڏي  جي هيٺان  ليٽي پيا، ايستائين  جو ملتان تي  به ڪيترائي ڪارڪنن  اوڇنگارون ڏيندا رهيا

No comments:

Post a Comment