Friday 23 December 2011

جمهوريت جو دفاع ڪبو، محڪوم ٿيڻ بدران عوام وٽ وڃڻ پسند ڪنداسين:آصف



اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان محڪوم ٿيڻ بدران عوام وٽ وڃڻ پسند ڪنداسين، جمهوريت لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين ويڙهه ڪئي ويندي،نامياري صحافي حامد مير هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته صدر زرداري ساڻس فون تي ڳالهائيندي چيو آهي ته هو رت جي آخري ڦڙي تائين جمهوريت جي بقا لاءِ ويڙهاند ڪندو، صدر جو چوڻ هو ته هو جمهوريت پسندن جي قافلي جو سپهه سالار آهي، هاڻ هو پنهنجي قلعي (ايوان صدر) ۾ اچي ويو آهي، هتان ويهي هو جمهوريت جو دفاع ڪندو، هوڏانهن ملڪ جي سول قيادت جمهوري ۽ پارلياماني اختيارن کان دستبردار نه ٿيڻ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مفاهمت وارو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق اهڙو فيصلو ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدر آصف علي زررداري سان ملاقات دوران ڪيو ويو، وزيراعظم ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ هڪ تقريب ۾ جمهوريت خلاف سازشن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست کي تسليم نه ڪرڻ جهڙي واضح اعلان کانپوءِ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ايوان صدر جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق ملاقات دوران سول قيادت جمهوريت ۽ جمهوري حڪومت خلاف سازشن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته جمهوريت ۽ پارلياماني اختيارن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ذريعن مطابق ملاقات ۾ ميمو مامري جي حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم گذريل رات سندس صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي منعقد اجلاس جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني، ذريعن مطابق اجلاس دوران صدر جو واضح موقف هو ته حڪومت جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مفاهمت جو عمل جاري رکندي پر آئين تحت حاصل اختيارن کان دستبردار نه ٿيندي

No comments:

Post a Comment