Friday 23 December 2011

سنڌ کي ٻين کان اڳ ۾ گئس فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ


ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس احمد علي ايم شيخ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ وفاقي سرڪار کي آئين جي آرٽيڪل 158تحت ترجيحي بنيادن تي سنڌ جي صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ توڙي ڪي اي ايس سي لاءِ 276 ايم ايم سي ايف گئس روزانو فراهم ڪرڻ واري واعدي تي عمل ڪرڻ ۽ واٽر بورڊ ۽ ٻين سرڪاري ادارن ڏانهن بجلي جي بلن جي مد ۾ رهيل رقم سڌي ريت ڪاٽي ڪي اي ايس سي ڏانهن گئس جي مد ۾ رهتون ادا ڪرڻ بابت داخل ڪيل آئيني درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا حتمي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن عدالت ڪي اي ايس سي پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي وڪيل بئريسٽر عابد زبيري دليل ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گئس سميت سڀني معدني وسيلن تي پهريون حق ان صوبي جو آهي جتان اها حاصل ڪئي وڃي ٿي پر ان باوجود سنڌ جي ضرورت پوري ڪرڻ بنا ئي گئس ٻين صوبن کي ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته آئين مطابق پهرين سنڌ ۾ قائم ادارن کي ضرورت مطابق گئس فراهم ٿيڻ گهرجي،
وفاقي سرڪار ڪي اي ايس سي کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 276 ايم ايم سي ايف روزانو گئس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ماتحت هجڻ جي ناتي سوئي گئس ڪمپني ڄاڻايل فيصلي تي عملدرآمد لاءِ پابند آهي. هن چيو ته سوئي گئس ڪمپني جو اهو چوڻ غلط آهي ته ڪي اي ايس سي جي گئس رهتون ادا نه ڪرڻ تي گهٽائي وئي آهي. هن چيو ته سوئي گئس ڪمپني جي موجوده ايم ڊي پاران ڪيل معاهدي تحت سوئي گئس کي 30 ڪروڙ رپيا ماهوار قسطون ادا ڪيون پيون وڃن پر وڌيڪ رهتن جي ادائيگي لاءِ وفاقي سرڪار کي چيو آهي ته هو سرڪاري ادارن ڏانهن بجلي جي مد ۾ رهتن واري رقم سڌي ريت ڪٽي سوئي گئس ڪمپني کي فراهم ڪري پر ان باوجود سوئي گئس ڪمپني گهربل گئس فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سوئي گئس ڪمپني وفاقي سرڪار جي ماتحت ڪمپني هئڻ جي ناتي وفاقي سرڪار جي فيصلي تي عمل درآمد لاءِ پابند آهي. ان موقعي تي  سوئي گئس جي وڪيل انور منصور خان دليل ڏيندي چيو ته سوئي گئس جو ڪي اي ايس سي سان گهڻو اڳ رڳو 40 ايم ايم سي ايف گئس فراهم ڪرڻ جو معاهدو ٿيل آهي پر ان معاهدي کان وڌيڪ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي پر 276 ايم ايم سي ايف گئس فراهم ڪرڻ جو ڪو ٺاهه ناهي. هن چيو ته سوئي گئس ڪمپني پاڻ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني ناهي پر اها گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين کان گئس خريد ڪري صارفين کي فراهم ڪندي آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 258 تحت گئس جي ورڇ جو فيصلو وفاقي سرڪار ڪندي آهي ۽ سوئي گئس ڪمپني اها ئي گئس پهچائي ٿي جيڪا ان کي ملندي آهي. ڪي اي ايس سي گئس ته حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر ان ڏانهن گئس جي مد ۾ 36 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهتون ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

No comments:

Post a Comment